مواد ڏانھن هلو

ديوي (وڻ)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ديوي
پن، گل ۽ ڪنڊا؛ نڪاراگوا
سائنسي درجا بندي e
جنس: Template:Taxonomy/Neltuma{. juliflora
حياتياتي نالو
Neltuma juliflora
(Sw.) Raf.
تامل ناڊو، ڀارت ۾ حملا آور N. juliflora
آب پخش ۾ نوجوان وڻ

ديوي يا ولائتي ڪنڊي: Neltuma juliflora (bayahonda blanca، وينزويلا ۾ ڪجي(Cuji)، ڪولمبيا ۾ ٽروپلوTrupillo، "وَيُونَئِڪِي" ٻولي ۾ ائپياAippia ۽ هوائي ۾ وڏن ڪنڊن وارو ڪياوي (kiawe)[1])، جيڪو اڳ Prosopis juliflora سڏبو هو، Fabaceae خاندان جو هڪ جهنگلي ٻوٽو يا ننڍو وڻ آهي، جيڪو mesquite جو هڪ قسم آهي.[2] اهو اصل ۾ ميڪسيڪو، ڏکڻ آمريڪا ۽ ڪيريبين جو رهواسي آهي. هي ٻوٽو آفريڪا، ايشيا، آسٽريليا ۽ ٻين علائقن ۾ هڪ حملا آور ٻوٽو طور پکڙجي چڪو آهي.[3]

هي ٻوٽو مليريا جي بيماري جي منتقلي ۾ به حصو وجهي ٿو، خاص طور تي سڪل موسمن دوران، جڏهن مقامي ٻوٽن مان کنڊ جا ذريعو گهڻو ڪري مڇرن لاءِ دستياب نه هوندا آهن.[4]

تفصيل

[سنواريو]


12 ميٽر (39 فٽ) تائين اوچائي رکندڙ، N. juliflora جو ٿڙ 1.2 m (4 ft) تائين ويڪر (قطر) رکي سگهي ٿو.[5] ان جا پن خزانوي (Deciduous)، جُڙيل-پنّيدار (Pinnation)، هلڪي سائي رنگ جا هوندا آهن، جن ۾ 12 کان 20 ننڍڙا پنڙا هوندا آهن. پنن جي وڌڻ کان ٿوري دير پوءِ گل ظاهر ٿين ٿا. گل 5–10 سينٽيميٽر (2–4 انچ) ڊگها، سائي-پيل رنگ جا، سلينڊر شڪل وارا گُڇا هوندا آهن، جيڪي ٽارين جي پڇاڙين تي 2 کان 5 جي ٽولين ۾ ٿيندا آهن. ڦريون 20 تائين 30 cm (8 تائين 12 in) ڊگهيون هونديون آهن ۽ هر ڦري ۾ 10 کان 30 ٻج هوندا آهن. هڪ پڪو وڻ لکين ٻج پيدا ڪري سگهي ٿو. ٻج 10 سالن تائين زرخيز رهندا آهن. هي وڻ رڳو ٻجن ذريعي وڌي ٿو، سبزيائي طريقي سان نه. ٻج ڍورن ۽ ٻين جانورن وسيلي پکڙجن ٿا، جيڪي ڦريون کائي پنهنجي ليڏن ذريعي ٻج ڦهلائين ٿا.[6]

ان جون پاڙون ٻين پروسوپس (Prosopis) وانگر پاڻي جي ڳولا ۾ تمام گهڻي کوٽائي تائين وڌي سگهن ٿيون. چيو وڃي ٿو ته هي وڻ 19هين صدي ۾ سري لنڪا آندو ويو، جتي ان کي سنهالا ٻولي ۾ وني آندارا (vanni-andara) يا ڪٽو آندارا (katu andara) چيو وڃي ٿو. اها به دعويٰ ڪئي وڃي ٿي ته اين. جليفلورا (N. juliflora) قديم هندستان ۾ به موجود هئي ۽ هڪ مقدس وڻ طور سڃاتي ويندي هئي، پر گهڻو امڪان آهي ته اها سڃاڻپ ظاهري طور ملندڙ جلندڙ پروسوپس سنراريا سان گڏي وئي هجي. مڃيو وڃي ٿو ته هي وڻ واوونيا ۽ منار (Gulf of Mannar) وارن علائقن ۾ گهڻي عرصي کان موجود آهي.[حوالو گهربل] هن قسم ۾ ڳانڍاپن (نوڊن) تي ڪنڊا جوڙا ۾ ٿيندا آهن. ڪنڊن جي مقدار ۾ فرق به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن تقريباً بي ڪنڊا وڻ به ملن ٿا.

ان جي پکڙجڻ جي اولهندي حد، يعني ايڪوئيڊور ۽ پيرو ۾، N.  جليفلورا (juliflora) آساني سان نيلٽما پاليڊا (Neltuma palida)  سان هائبرڊ بڻجي ٿي، جنهن ڪري ان کي ساڳئي قسم يا انهن جي باھمي خصوصيت جي ڪري هائبرڊ قسمن کان الڳ سڃاڻڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو.[7]

جيتوڻيڪ هن وڻ جي عمر لڳ ڀڳ 60 سال سمجهي وڃي ٿي، پر پوءِ به هي هڪ سخت جان ٻوٽو آهي.[8]

مقامي نالا

[سنواريو]

Neltuma juliflora جا ڪيترائي مقامي نالا آهن، پر ڪو به هڪ خاص ۽ عام انگريزي نالو ناهي، سواءِ "mesquite" جي، جيڪو Neltuma جي ڪيترن ئي قسمن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. اسپينش ۾ ان کي bayahonda blanca، فرينچ ۾ bayarone Français، ۽ ڪريئول ۾ bayawonn چيو وڃي ٿو. ٻيا ملندڙ جلندڙ نالا جهڙوڪ bayahonde، bayahonda ۽ bayarone به استعمال ٿين ٿا، پر اهي Neotropical علائقن ۾ Neltuma جي ڪنهن به قسم لاءِ ٿي سگهن ٿا. تامل ٻولي ۾ هن ٻوٽي کي سيماي ڪرُوويلم (சீமைக் கருவேலம்، seemai karuvelam) چيو وڃي ٿو. دنيا جي مختلف حصن ۾ هن وڻ کي algarrobe، cambrón، cashaw، épinard، mesquite، mostrenco يا mathenge به سڏيو وڃي ٿو.[9] ڪيترائي غير مخصوص نالا ان ڪري به آهن جو پنهنجي وڏي علائقي ۾ هي سڀ کان وڌيڪ عام mesquite آهي، تنهنڪري مقامي ماڻهو ان کي رڳو "bayahonde"، "algarrobe" وغيره چون ٿا. "Velvet mesquite" ڪڏهن ڪڏهن انگريزي نالي طور ڏنو وڃي ٿو، پر اهو اصل ۾ ٻي قسم Neltuma velutina لاءِ درست آهي.[5]

1800ع جي آخر ۾ Arizona، New Mexico ۽ Texas جي رياستن ۾ هن وڻ کي mesquit ۽ algaroba سڏيو ويندو هو. ٽيڪساس ۽ نيو ميڪسيڪو ۾ ان کي honey locust به چيو ويندو هو، جيڪو نالو ان وقت به مشهور Gleditsia triacanthos سان گڏ استعمال ٿيندو هو. ٽيڪساس ۾ ان کي honey pod ۽ ironwood پڻ چيو ويو.[10]

1880–1883ع واري ايڊيشن مان خاڪو، ايف. ايم. بلانڪو جي Flora de Filipinas مان. بلانڪو اڳ ئي شڪ ظاهر ڪيو هو ته Prosopis vidaliana اصل ۾ bayahonda blanca ئي آهي.
N. juliflora وڻ

جارحاڻي نسل طور

[سنواريو]


N. juliflora انهن ڪيترن ئي ملڪن ۾ جارحاڻي ٻوٽي (Invasive weed) طور سڃاتي وڃي ٿي، جتي ان کي متعارف ڪرايو ويو. هن کي ايٿوپيا، ھوائي،[1] سري لنڪا، [[J جميڪا]]، ڪينيا، وچ اوڀر، ڀارت، نائيجيريا، سوڊان، صوماليا، سينيگال، ڏکڻ آفريڪا، نميبيا، بوٽسوانا ۽ برازيل جي اتر اوڀر حصي ۾ انتهائي نقصانڪار جارحاڻي ٻوٽو سمجهيو وڃي ٿو. اهو آمريڪا جي ڏکڻ اولھ ۾ پڻ هڪ وڏو نقصانڪار ٻوٽو آهي. هن ٻوٽي کي ختم ڪرڻ ڏکيو ۽ مهانگو آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ اهو پاڙن مان ٻيهر وڌي سگهي ٿو.[11]

آسٽريليا ۾، ميسڪوئٽ (وڻ) (Mesquite) 800٬000 هيڪٽر (2٬000٬000 acre) کان وڌيڪ زرخيز زرعي زمين تي قبضو ڪري چڪو آهي، جنهن جا سخت معاشي ۽ ماحولياتي اثر پيا آهن. هن جا ڪنڊا ۽ هيٺيون گهڻيون ٽاريون اهڙا ڳاڙها جهنگ ٺاهين ٿيون، جن مان ڍور پاڻي تائين به پهچي نٿا سگهن. اهو چراگاهن جي گاھ وارن علائقن تي به قبضو ڪري ٿو ۽ ٿورو موجود پاڻي استعمال ڪري ٿو. جيڪي ڍور وڏي مقدار ۾ ان جون ڦريون کائين ٿا، اهي اعصابي زهر (۰Neurotoxicity) وارن الڪلوئڊز سبب بيمار يا زهريلا ٿي سگهن ٿا. هي ٻوٽو زمين جي ڪٽاؤ جو سبب به بڻجي ٿو، ڇاڪاڻ⁠تہ مقامي ٻوٽن ۽ جانورن جا رهائشي علائقا تباهه ٿي وڃن ٿا. ان سان گڏ اهو جهنگلي جانورن جهڙوڪ سور ۽ ٻليون کي به لڪڻ جي جاءِ فراهم ڪري ٿو.[11]

افار علائقي (ايٿوپيا) ۾، جتي ميسڪوئٽ کي 1970ع جي آخر ۽ 1980ع جي شروعات ۾ متعارف ڪرايو ويو، ان جي جارحاڻي واڌ هڪ جهڙي پوک (monoculture) جو سبب بڻجي، مقامي ٻوٽن کان پاڻي ۽ سج جي روشني کسي ٿي ۽ مقامي جانورن ۽ ڍورن لاءِ کاڌو مهيا نٿي ڪري. علائقائي حڪومت فارم آفريڪا (FARM-Africa) نالي اين جي او سان گڏ هن وڻ جي ڪاٺ کي تجارتي طور استعمال ڪرڻ جا طريقا ڳولي رهي آهي، پر مقامي مالدار، جيڪي ان کي “شيطاني وڻ” سڏين ٿا، زور ڀرين ٿا ته N. juliflora کي مڪمل طور ختم ڪيو وڃي.[12]

سري لنڪا ۾ هي ميسڪوئٽ 1950ع واري ڏهاڪي ۾ همبنٽوٽا ڀرسان ڇانوَ ۽ زمين جي ڪٽاؤ کي روڪڻ لاءِ پوکيو ويو. پوءِ اهو همبنٽوٽا ۽ بنڊالا نيشنل پارڪ جي چوڌاري گهاس وارن علائقن ۾ پکڙجي ويو، جتي آسٽريليا ۽ ايٿوپيا جهڙا ئي مسئلا پيدا ٿيا.[6] N. juliflora، جيڪا وچ ۽ ڏکڻ آمريڪا جي اصل رهواسي آهي، سري لنڪا ۾ katu andara نالي سان پڻ سڃاتي وڃي ٿي. ان کي 1880ع ۾ متعارف ڪرايو ويو ۽ هاڻي اهو هڪ انتهائي سنگين جارحاڻي نسل بڻجي چڪو آهي.[13]

ڀارت جي رياست تامل ناڊو ۾ N. juliflora هڪ جارحاڻي نسل طور ظاهر ٿي آهي. هن ٻوٽي کي پهريون ڀيرو 1877ع ۾ برطانوي حڪمرانن ڏکڻ ڀارت جي سڪل علائقن ۾ پوکڻ لاءِ آندو. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ وزيراعلا ڪي. ڪمار] جي دور ۾، رياستي حڪومت ايندھن جي ڪاٺ جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ديوي جي وڻن جي پوک جي حوصلا افزائي ڪئي، ۽ ان کي زرعي زمينن کي جانورن کان بچائڻ لاءِ باڙ طور به استعمال ڪيو ويو.[14][15] 2017ع ۾ مدراس هاءِ ڪورٽ جي مدورئي بينچ رياستي حڪومت کي حڪم ڏنو ته هن نسل کي رياست مان ختم ڪيو وڃي. 2022ع ۾، حڪومت جي ڪارڪردگيءَ کان مطمئن نه ٿيڻ سبب، هاءِ ڪورٽ حڪومت کي فوري طور پاليسي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن هن ٻوٽي کي ختم ڪري سگهجي.[16] 13 جولاءِ 2022ع تي رياست هن جارحاڻي نسل جي خاتمي لاءِ پاليسي جاري ڪئي.[17]

يورپ ۾، N. juliflora کي 2019ع کان يورپي يونين جي جارحاڻي غير ملڪي نسلن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي.[18] ان جو مطلب اهو آهي ته هن نسل کي يورپي يونين جي ڪنهن به ملڪ ۾ درآمد، پوک، ٽرانسپورٽ، واپار، پوکڻ يا ڄاڻي واڻي قدرتي ماحول ۾ ڇڏڻ جي اجازت ناهي.[19]

ممڪن زهريت

[سنواريو]

هن ٻوٽي جي ڦرين ۾ اعصابي زهر وارا الڪلوئڊ شامل آهن، جيڪي جيڪڏهن ڍور گهڻي مقدار ۾ کائين ته زهريلا ثابت ٿين ٿا.[11]

استعمال

[سنواريو]

ديوي وڻ جون ڦريون مٺيون، خوراڪ لائق ۽ غذائيت سان ڀرپور آهن، ۽ پيرو، چلي ۽ ڪيليفورنيا جي مقامي ماڻهن لاءِ روايتي کاڌي جو ذريعو رهيون آهن.[20] ڊگهن سفرن دوران پياس گهٽ ڪرڻ لاءِ اڳي انهن ڦرين کي چٻايو ويندو هو.[20] اهي ڪچيون، اُٻريل، سڪايل يا پيسي اٽو ٺاهي ماني ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيون وڃن ٿيون.[20] انهن کي زمين هيٺ محفوظ به ڪيو ويندو هو يا هلڪو الڪوحلي مشروب ٺاهڻ لاءِ خمير ڪيو ويندو هو.[21]

هن نسل جا ٻيا استعمال چارو، ڪاٺ ۽ ماحولياتي انتظام شامل آهن. هن ٻوٽي جي اندروني ڪاٺ ۾ flavanol]] (-)- mesquitol غيرمعمولي مقدار ۾ ملي ٿو.[22]

ايڪوئيڊور جي مڪارا ڪينٽن (Macará Canton) ۾، N. juliflora سڪل ٻيلن ۾ ملي ٿي، جتي اها ڪيترن ئي ٻيلائي پيداوار لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڪٽجندڙ قسمن مان هڪ آهي.<ref>Mendoza, Zhofre Aguirre (8 September 201

وڌيڪ پڙھو

  • جيمز اي ڊيوڪ (1983): Prosopis juliflora DC.. In: Handbook of Energy Crops. Purdue University Center for New Crops & Plant Products. Version of 1998-JAN-08. Retrieved 2008-MAR-19.
  • انٽرنيشنل ليگوم ڊيٽابيس انفرميشن سروس(ILDIS) (2005): Prosopis juliflora. Version 10.01, November 2005. Retrieved 2007-DEC-20.
  • Villalobos, Soraya; Vargas, Orlando & Melo, Sandra), "Productos forestales no maderables de los bosques secos de Macara, Loja, Ecuador"۔ (2007): Uso, manejo y conservacion de "yosú", Stenocereus griseus (Cactaceae) en la Alta Guajira colombiana [Usage, Management and Conservation of yosú, Stenocereus griseus (Cactaceae), in the Upper Guajira, Colombia]. [Spanish with English abstract] Acta Biológica Colombiana 12(1): 99-112. PDF fulltext

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 "Long-thorn Kiawe", Hawaii Invasive Species Council, 21 فيبروري 2013, حاصل ڪيل 08 نومبر 2020۔
  2. سانچو:Cite taxon
  3. "Prosopis juliflora - ILDIS LegumeWeb", www.ildis.org, حاصل ڪيل 01 مئي 2008۔
  4. Muller, Gunter C.; Junnila, Amy; Traore, Mohamad M.; Traore, Sekou F.; Doumbia, Seydou; Sissoko, Fatoumata; Dembele, Seydou M.; Schlein, Yosef et al. (2017-07-05). "The invasive shrub Prosopis juliflora enhances the malaria parasite transmission capacity of Anopheles mosquitoes: a habitat manipulation experiment". Malaria Journal 16 (1): 237. doi:10.1186/s12936-017-1878-9. PMID 28676093.
  5. 1 2 "Prosopis juliflora", www.hort.purdue.edu, حاصل ڪيل 01 مئي 2008۔
  6. 1 2 Lalith Gunasekera, Invasive Plants: A guide to the identification of the most invasive plants of Sri Lanka, Colombo 2009, pp. 101-102.
  7. Pasiecznik, Harris, and Smith (2004). Identifying Tropical Prosopis Species. Coventry, UK: Henry Doubleday Research Association. https://www.gardenorganic.org.uk/sites/www.gardenorganic.org.uk/files/resources/international/IdentifyingProsopisGuide.pdf.
  8. Central Arid Zone Research Institute. 2011. Retrieved on Feb. 16, 2025. Prosopis Juliflora: Past, Present, and Future "P. juliflora plantation is a خطري کان پاڪ سيڙپڪاري. هن ٻوٽي جي عمر 50–60 سال آهي، هي هر قسم جي بيماري کان محفوظ آهي، جانور ان کي چارن طور استعمال نٿا ڪن ۽ هر ڪٽائي کان پوءِ وڌيڪ مقدار ۾ وڌي ٿو."
  9. "Factsheet: Prosopis juliflora (prosopis or mesquite)"۔
  10. Sudworth, George Bishop (1897). Nomenclature of the Arborescent Flora of the United States. Washington, D.C.: Department of Agriculture, Forestry Division. pp. 251–253. https://archive.org/details/nomenclatureofar14sudw/. Retrieved 8 July 2024.
  11. 1 2 3 "Mesquite (Prosopis species)" Department of Sustainability, Environment, Water, Population and Communities, Canberra آرڪائيو ڪيا ويا 2017-03-29 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  12. Caroline Irby, "Devil of a problem: the tree that's eating Africa" آرڪائيو ڪيا ويا 2008-08-20 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. (accessed 14 January 2009)
  13. Gunasekera, Lalith (6 December 2011). "Will Katu-andara Destroy the Biodiversity of Bundala Wet Land?". The Sri Lanka Guardian. http://www.srilankaguardian.org/2011/12/will-katu-andra-destroy-biodiversity-of.html.
  14. "Seemai karuvelam, a saviour-turned-villain whose tentacles spread far and wide" (en-IN ۾). The Hindu. 2017-02-27. ISSN 0971-751X. https://www.thehindu.com/news/national/tamil-nadu/a-saviourturnedvillain-whose-tentacles-spread-far-and-wide/article61772696.ece.
  15. Kolappan, B. (2017-02-28). "Seemai karuvelam, a saviour-turned-villain whose tentacles spread far and wide" (en-IN ۾). The Hindu. ISSN 0971-751X. https://www.thehindu.com/news/national/tamil-nadu/a-saviourturnedvillain-whose-tentacles-spread-far-and-wide/article17379253.ece.
  16. James, Sebin (02 فيبروري 2022), "Full Bench Of Madras High Court Directs State To Immediately Frame Action Plan For Removal Of Invasive 'Seemai Karuvelam' Trees", www.livelaw.in (انگريزي ٻولي ۾), حاصل ڪيل 03 فيبروري 2022۔
  17. "State Unveils Policy To Rid Tamil Nadu Of 'seemai Karuvelam' | Chennai News - Times of India", The Times of India (انگريزي ٻولي ۾), TNN, Jul 15, 2022, حاصل ڪيل 15 جولاءِ 2022۔
  18. "List of Invasive Alien Species of Union concern - Environment - European Commission", ec.europa.eu, حاصل ڪيل 27 جولاءِ 2021۔
  19. "REGULATION (EU) No 1143/2014 of the European parliament and of the council of 22 October 2014 on the prevention and management of the introduction and spread of invasive alien species"۔
  20. 1 2 3 Pieroni, Andrea (2005). Prance, Ghillean; Nesbitt, Mark. eds. The Cultural History of Plants. Routledge. p. 32. ISBN 0415927463.
  21. Peattie, Donald Culross (1953). A Natural History of Western Trees. New York: Bonanza Books. pp. 559, 562.
  22. Unusual amount of (-)-mesquitol from the heartwood of Prosopis juliflora. Sirmah Peter, Dumarcay Stephane, Masson Eric and Gerardin Philippe, Natural Product Research, Volume 23, Number 2, January 2009 , pp. 183-189