ديوان گيانچند
ديوان گيانچند وڏو زمانه شناس ۽ سنجيدو هندو عملدار هو. پهرين مختيارڪار ۽ پوءِ نائب وزير مقرر ٿيو. فرينچ ڪٽ ڏاڙهي رکندو هو. جيڪو واءُ لڳندو هو، تنهن کي منهن ڏيندو هو. ڪن کليل، اکيون پٽيل، پر زبان بند. وزير ڪير به ٿئي شاهي گهراڻي جي صاحبزادي جي ڪهڙي پارٽي به زور ۾ هجي، مگر ديوان گيانچند دائم قائم. سواءِ هڪ موقعي جي باقي ملازمت جي ساري زماني اندر ڪڏهن به ٿاٻو نه کاڌائين. شخصي حڪومت جي وڏي خصوصيت اها هئي ته ان سان وابسته ماڻهن کي هر دم هشيار رهڻو پيو ٿي. سواءِ موقعي شناس ۽ چالاڪ ماڻهوءَ جي، ٻئي جو مستقل طور برسر اقتدار رهڻ ته ڇا، پر معمولي گذارو ڪرڻ به مشڪل هو. هر ملڪ اندر شخصي حڪومتن جي زماني ۾ وڏا هشيار ماڻهو پيدا ٿيندا پئي رهيا آهن. مغلن جي زماني کي ڏسو - ابوالفضل، خان خانان، توڏرمل وغيره جهڙيون هستيون نظر اينديون. فرينچ ڪورٽ ڏانهن نظر ڦيرايو - ڪارڊينل مزارين، ٽيليراند، رشيلو، ڪالبرٽ، ماڊام پامييڊيور! اٽليءَ جي ميڊيچي دؤر مائڪاويليءَ کي جنم ڏنو. جرمن واري فريڊرڪ جي پاڇي هيٺ بسمارڪ پليو. غرض ته پراڻين شخصي حڪومتن جي دؤر ۾، مجموعي طرح عام ماڻهن جي شعور جي سطح ڪيتري به پست هئي، پر انفرادي طرح چونڊَ ماڻهو پيدا ٿيندا رهيا. سنڌي حڪمرانن جي دؤر حڪومت ۾ به وڏا وڏا نانءَ ڪٺيا هندو وزير ٿي گذريا آهن. ميان نور محمد ڪلهوڙي جو مکيه وزير ديوان گدومل پنهنجو مثال پاڻ هو. مير علي مراد خان جي ڏينهن ۾ ديوان تارا چند جو وڏو زور هو. علي مراد خان جو پهريون پهريون وزير ديوان ڪشنداس هو، جنهن جو پٽ وشنداس پڻ وڏن عهدن تي رهيو. انهن کانسواءِ، انهيءَ دؤر جا ٻيا مکيه هندو عملدار هئا: منشي سجان سنگهه، منشي مولرام ۽ منشي چندا سنگهه. ديوان گيانچند ممدوح پڻ انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي هو - يا ڪري چئجي ته ان سلسلي جي آخري ڪڙي هو. ابتدا کان انتها تائين، عزت جو وقت بسر ڪري ويو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب:اھي ڏينھن اھي شينھن٬جلد،1؛ليکڪ:پير علي محمد راشدي؛ايڊيشن:2000 ؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ،ڄامشورو.