مواد ڏانھن هلو

ديوان امام زين العابدين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءُ ڪتاب امام زين العابدين جي شاعريءَ جو ديوان آهي، جيڪو ظاهر آهي ته اصل عربيءَ ۾ آهي، عربي جيڪا شعر و ادب جي ٻولي آهي، جيڪا اسلامي دنيا لاءِ عقيدت واري ٻولي پڻ آهي ۽ جنهن ٻوليءَ ۾ قديم کان جديد شاعري، علم ۽ ادب جا ڀنڊار آهن، ان ٻوليءَ ۾ سرجيل هيءُ ديوان ڏاڍو اهم آهن.

هن ديوان کي جيتوڻيڪ اسلامي دنيا ۾ هڪ خاص اهميت ته آهي ئي پر هن ڪتاب جي علمي، ادبي ۽ شاعراڻي اهميت عالمي ادب ۾ خاص طور شاعراڻي ادب ۾ قبول ڪئي وئي آهي ان ڪري پڪ سان اهو چئي سگهجي ٿو ته هن ديوان جو سنڌي ٻولي ۾ ترجمو سنڌي ٻوليءَ لاءِ به هڪ سڀاڳ آهي.

”ديوان امام زين العابدين“ شاعراڻن ديوانن وانگر الف کان ي تائين آهي، ان کان پوءِ پڄاڻيءَ جو شعر آهي ۽ شاعريءَ جي حوالي سان ته هن ديوان جو پنهنجو مرتبو آهي ئي آهي، پر منجهس جيڪو فڪري پيغام آهي، اهو به انسان ذات جو اهڙو گڏيل ورثو آهي. جنهن ۾ نه مذهبي متڀيد آهي ۽ نه مسلڪي، ويڇو، ان ڪري هيءُ ديوان ادب ۾ به اها ئي عالمي مڃتا رکندڙ آهي، جيئن دنيا جا ٻيا عظيم ڪتاب رکندڙ آهن. [1] [2] [3]

حوالا

[سنواريو]
  1. هڪ برڪت ڀريو ڪتاب ديوان امام زين العابدين :ابورافع
  2. ڪالم: هڪ برڪت ڀريو ڪتاب ديوان امام زين العابدين :ابورافع
  3. زوآني عوامي آواز اخبار