ديئوسس
| ديئوسس Deioces | |
|---|---|
| ميديا جو بادشاهه | |
ديئوسس ميديئن کي فتحي مهم لاءِ اڳتي وڌڻ جو حڪم ڏئي رهيو آهي. لوئي بولانجيه (1806–1867) جي هڪ مصوريءَ کان پوءِ.[1] | |
| ميديا جو بادشاهه | |
| 53 حڪمراني وارا سال تقريباً 700–678 ق.م.[2] | |
| پيشرو | بادشاهت جو قيام |
| جانشين | فرائورٽس |
| شاھي گھراڻو | ميديائي خاندان |
| پيءُ | فرائورٽس (بزرگ) |
| لاڏاڻو | 678 ق.م. |
| مذھب | قديم ايراني مذهب |
ديئوسس (Deioces) ميديائي بادشاهت، جيڪا قديم سياسي رياست ايراني سطح مرتفع ۾ واقع هئي، جو باني ۽ پهريون بادشاهه هو. سندس نالو مختلف تاريخي ماخذن ۾ مختلف صورتن ۾ ملي ٿو، جن ۾ قديم يوناني مؤرخ هيروڊوٽس جا حوالا به شامل آهن.
ديئوسِس جي حڪمرانيءَ جي صحيح تاريخ واضح نه آهي، البت اهو اندازو آهي ته سندس دور حڪومت ستين صدي قبل مسيح جي پهرين اڌ جو وڏو حصو ڍڪي ٿو. هيروڊوٽس موجب، ديئوسِس پهريون ميڊين بادشاهه هو جنهن نئين-اشوري سلطنت کان آزادي حاصل ڪئي ۽ 53 سال حڪمراني ڪئي. ديئوسِس جي وفات کان پوءِ سندس پٽ فرائورٽس سندس جانشين ٿيو.
اشتقاق
[سنواريو]ديئوسِس جو نالو مختلف ماخذن ۾ مختلف صورتن ۾ ملي ٿو. قديم يوناني مؤرخ هيروڊوٽس سندس نالو Δηϊόκης (Dēiokēs) لکيو آهي. آشوري متنن ۾ هن جو ذڪر Da-a-a-uk-ku طور ملي ٿو؛ جڏهن ته ايلامي متنن ۾ Da-a-(hi-)(ú-)uk-ka ۽ Da-a-ya-u(k)-ka جي صورتن ۾ ملي ٿو.[2]
ديئوسِس جو نالو ايراني لفظ Dahyu-ka مان نڪتل آهي، جيڪو لفظ dahyu- جو ننڍو اسم (junior noun) آهي، جنهن جو مطلب آهي ”زمين“ يا ”علائقو“. قديم ايراني نالو ديئوسِس پوءِ جي دورن ۾ به عام رهيو. هخامنشي دور ۾، ديئوسِس جي قديم فارسي صورت پرسيپولس جي مٽيءَ جي تختين تي موجود ڪيترين ئي ايلامي لکتن ۾ ملي ٿي. اهي حوالا ظاهر ڪن ٿا ته اهو نالو مختلف سرڪاري علائقن ۾ مختلف ماڻهن لاءِ استعمال ٿيو؛ جن مان هڪ شخص گھوڙن جي خوراڪ جي راشن جي ذميواري سنڀاليندو هو.[2]
فريڊرڪ وان اسپيگل (Friedrich von Spiegel) جي خيال موجب، Dahayuku جو مطلب آهي ”رهواسي ۽ ڳوٺ جو اڳواڻ“، ۽ اهو اصل ۾ لفظ دھقان (”زميندار“ يا ”هاري“) جي پراڻي صورت آهي. اسپيگل جي هن نظريي جي پيروي ڪندي، فرڊيننڊ جسٽي جو خيال آهي ته ديئوسِس جو نالو دراصل سندس لقب آهي، جيڪو قديم فارسي dahyaupati ۽ اوستائي danhupaiti جو مختصر روپ آهي، جنهن سان لاحقو -ka شامل ٿيو آهي. ديئوسِس جو نالو جديد ڪردي نالي Diyako سان به لاڳاپيل ٿي سگهي ٿو.[3]
تاريخ بندي
[سنواريو]ديئوسِس جي حڪومت جي دور بابت اختلاف موجود آهي. هيروڊوٽس مطابق، ديئوسِس 53 سال حڪومت ڪئي، ۽ ان بنياد تي سندس دور بابت ڪجهہ اندازا لڳايا ويا آهن؛ پر لڳي ٿو ته هيروڊوٽس جو بيان زباني روايتن تي ٻڌل آهي. هيروڊوٽس جي بيان جي بنياد تي، محققن اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته ديئوسِس ميدي سلطنت جو باني ۽ پهريون ميڊي بادشاهه هو، جنهن اشورين کان آزادي حاصل ڪئي. بهرحال، هيروڊوٽس جو بيان يوناني تاريخ نويسي ۽ مشرقي ڏند ڪٿائن جو ميلاپ آهي، تنهنڪري تاريخي طور مڪمل ڀروسي لائق ناهي. ان کانسواءِ، اهو به فرض ڪيو وڃي ٿو ته جنهن ميڊي بادشاهه بابت هيروڊوٽس ڳالهائي ٿو، اهو ئي ديئوسِس آهي، جيڪو فرائورٽس (Phraortes) جو پيءُ هو؛ ان ڪري سندس حڪمراني جي صحيح تاريخ طئي ڪرڻ ممڪن ناهي. تنهن هوندي به، اهو چيو وڃي ٿو ته سندس دور غالباً ستين صدي قبل مسيح جي پهرين اڌ جي وڏي حصي تي پکڙيل هو.[2] ايگور دياڪونوف لکي ٿو: ”هيروڊوٽس جي لکڻين ۾ ديئوسِس جي دور جي تصوير ان دور (745–675 ق.م.) جي اُن تصوير کان ايتري مختلف آهي، جيڪا اشوري ماخذ بيان ڪن ٿا، جو ڪجهہ مؤرخن هيروڊوٽس جي بيان کي رد ڪيو آهي.“[4]
اشوري ماخذن ۾ 674 ق.م. ۾ ڪشٿريتا نالي هڪ شخص جي ڪاررواين جو ذڪر ملي ٿو، جنهن کي ڪجهہ محقق فرائورٽس سان ساڳيو سمجهن ٿا. تنهنڪري 674 ق.م. کي ديئوسِس جي حڪمراني جي پڄاڻي سمجهيو وڃي ٿو؛ ۽ جيڪڏهن سندس 53 سالن جي حڪمراني جو حساب لڳايو وڃي ته ديئوسِس جي دور جي شروعات لڳ ڀڳ 728 ق.م. ٿئي ٿي.[5] هيٺ تاريخدانن جي نظرين جي بنياد تي ديئوسِس جي حڪمراني جي دورن جي فهرست ڏنل آهي:[6]
| تاريخدان | هيروڊوٽس | جارج ڪيمرون | ايڊون گرانٽووسڪي | ايگور دياڪونوف |
|---|---|---|---|---|
| دور | 700–647 ق.م. | 728–675 ق.م.[7] | 672–640 ق.م. | 700–678 ق.م.[4] |
تاريخ
[سنواريو]تاريخيت
[سنواريو]هيروڊوٽس جو ذڪر ڪيل ديئوسِس ڪڏهن ڪڏهن هڪ صوبائي گورنر (šaknu) ديائوڪُو (Daiukku) سان ڳنڍيو وڃي ٿو، جنهن جو ذڪر نئين اشوري متنن ۾ سرگون ٻئين جي دور مان ڪيترائي ڀيرا ملي ٿو. ديائوڪُو مناين ۽ اشوري سلطنتن جي وچ واري سرحدي علائقي تي ڪجهه حد تائين خودمختياري سان حڪومت ڪندو هو. هن ارارتو (Urartu) جي بادشاھ سان ملي ڪري مناين حڪمران خلاف اتحاد ڪيو، پر آخرڪار سرگون ثاني کيس گرفتار ڪري سندس خاندان سميت 715 ق.م. ۾ شام جلاوطن ڪري ڇڏيو، جتي لڳي ٿو ته هو وفات ڪري ويو. بهرحال، هي سڃاڻپ گهڻي حد تائين غير ممڪن سمجهي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته اهي واقعا اروميه ڍنڍ جي آس پاس جا آهن، نه ته ميڊي علائقي جا. سندس هم نالي شايد انهن ڪيترن ئي آزاد ميدي ضلعن جي سردارن مان ڪو هڪ هو، جيڪي اشوري ڪنٽرول کان ٻاهر هئا.[8][2]
هيروڊوٽس موجب، ديئوسِس اٺين صدي قبل مسيح جي آخر ۾ رهندو هو، تقريباً اُن ئي زماني ۾ جڏهن سپاردا (Saparda) جو ميدي سردار ديائوڪُو موجود هو. بهرحال، سڃاڻپ تڏهن وڌيڪ مضبوط ٿئي ها جيڪڏهن ديائوڪُو ھگابتا(Hagabta) جو سردار هجي ها، نه ته سپاردا جو. هگبتا ئي اهو واحد ميڊي ڳوٺ آهي، جنهن جو نالو اشوري ماخذن ۾ ملي ٿو ۽ جيڪو ايڪباتانا(Ecbatana) سان مشابهت رکي ٿو, هو ئي شهر آهي، جنهن کي هيروڊوٽس جي ديئوسِس ميدي سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو.[9]
ميدي سلطنت جو بنياد
[سنواريو]
اشوري متنن مان ايترو معلوم ٿئي ٿو ته نائين صدي کان ستين صدي قبل مسيح تائين ميڊين ايتري ترقي نه ڪئي هئي جو سندن ٽٽل پکڙيل قبيلن ۽ ڪلن کي ڪنهن هڪ اعليٰ ۽ واحد حڪمران هيٺ منظم ڪري سگهجي، جنهن کي سموري ميڊي زمينن جو بادشاھ سڏيو وڃي.[10] ميڊي آباد علائقن تي بار بار حملا ڪندي، اشوري بادشاهن کي هميشه ڪيترائي ”مقامي شاھ“ مليا، پر ڪو هڪ اهڙو بادشاهه نه، جيڪو سمورن ميدي علائقن تي حڪومت ڪندو هجي.[7] 705 ق.م. ۾ سارگون ٻيون جي وفات کان پوءِ، اشوري ڌيان ايراني پليٽو کان پري ٻين علائقن ڏانهن هليو ويو. ان موقعي، ۽ گڏوگڏ آشوري حملي جي مستقل خوف، ميدي شهزادن ۽ حڪمرانن جي اتحاد جي قيام کي جنم ڏنو.[11]
ھيروڊوٽس موجب، ميڊ ئي پهريون قوم هئا، جن اشوري بالادستيءَ کان آزادي ماڻي.[12] ميڊ ننڍن ڳوٺن ۾ رهندا هئا، جتي آزاد حڪمران هوندا هئا، ۽ اهڙي ماحول ۾ هڪ ديئوسِس نالي شخص پاڻ کي بادشاهه بڻائڻ لاءِ هڪ منظم حڪمت عملي اختيار ڪئي.[13] ميڊين جي انتشار واري دور ۾، ديئوسِس پنهنجي ڳوٺ ۾ انصاف لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هڪ غير جانبدار جج جي حيثيت سان شهرت ماڻي. اهڙي طرح سندس اثر وارو علائقو وڌندو ويو، ۽ ٻين ڳوٺن جا ماڻهو به وٽس اچڻ لڳا، تان جو آخرڪار هن اعلان ڪيو ته ماڻهن جون درخواستون حد کان وڌيڪ آهن ۽ هي ڪم ڏکيو ۽ تڪليف ڏيندڙ آهي، تنهنڪري هو ان کي جاري رکڻ لاءِ تيار ناهي. سندس استعيفيٰ کان پوءِ چوري ۽ افراتفري وڌي وئي؛ نتيجي طور ميڊ گڏ ٿيا ۽ اختلافن کي ختم ڪرڻ لاءِ کيس بادشاهه چونڊيو.[2] اهڙي طرح ديئوسِس هڪ عام ماڻهو مان مطلق العنان حڪمران بڻيو، جنهن ميڊي قبيلن کي متحد ڪيو. سندس دور ۾، هن نيزا بردار محافظن جو دستو قائم ڪيو ۽ هڪ نئين گاديءَ جو هنڌ ايڪباتانا مضبوط قلعن ۽ شاهي محل سميت تعمير ڪرايو.[12]
ديئوسِس پهريون ڀيرو شاهي رسمون متعارف ڪرايون؛ هيروڊوٽس بيان ڪري ٿو ته ديئوسِس محل اندر رهندو هو، ٻاهرين دنيا سان سندس رابطو فقط پيغامن جي موڪل ۽ وصولي وسيلي هوندو هو، ۽ ڪو به شخص سڌو بادشاهه سان ملي نه سگهندو هو. سڀ درخواستون فقط قاصدن ذريعي پيش ڪيون وينديون هيون، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ خوف ۽ احترام پيدا ڪرڻ هو.[14] ان کان علاوه، بادشاهه جي موجودگيءَ ۾ کلڻ يا ٿُڪڻ به منع هئي.[15] سندس ٻين قدمن مان هڪ ”بادشاهه جون اکيون ۽ ڪن“ نالي هڪ گروهه قائم ڪرڻ هو، جنهن جا ماڻهو بادشاهه لاءِ جاسوسي ڪندا هئا؛ هي ادارو بعد ۾ اخميني سلطنت جي دور ۾ به موجود رهيو.[2][16]
دياڪونوف جو خيال آهي ته ديئوسِس سمورن ميڊين جو بادشاهه نه هو، بلڪه ڪنهن وڏي علائقي جو به حڪمران نه هو، پر ڪيترن ئي ننڍن ميڊي سردارن مان هڪ هو؛ البت سندس جانشينن جي شاندار تاريخ سندس نالي کي به تاريخ ۾ نمايان ڪري ڇڏيو.[4] ديئوسِس کان پوءِ سندس پٽ فرائورٽس جانشين ٿيو ۽ 22 سال حڪومت ڪئي؛ جيتوڻيڪ ڪجهه محققن موجب هن 53 سال (678–625 ق.م.) حڪومت ڪئي.[17][18]
ايڪباتانا
[سنواريو]تاجپوشيءَ کان پوءِ، ديئوسِس جو پهريون قدم پنهنجا محافظ مقرر ڪرڻ ۽ هڪ گاديءَ جو هنڌ تعمير ڪرائڻ هو. جيڪو شهر هن چونڊيو، ان کي قديم فارسي ۾ هگمتانا ۽ يوناني ۾ ايڪباتانا چيو ويندو هو، ۽ اڄ ان کي ھمدان سان سڃاتو وڃي ٿو.[11] ايڪباتانا جو مطلب ”گڏ ٿيڻ جي جاءِ“ يا ”سڀني لاءِ شهر“ آهي، جيڪو انهن ميدي قبيلن جي گڏجڻ ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جيڪي اڳ ۾ منتشر هئا.[19] اٺين صدي قبل مسيح جي آخر ۾، هن شهر جي هڪ ٽڪريءَ تي مضبوط قلعي جي تعمير ڪرائي، جتان فوجي، حڪومتي ۽ خزاني جا سمورا ڪم هلندا هئا.
ھيروڊوٽس بيان ڪري ٿو ته شاهي احاطو ست گول دائري واريون ڀتيون رکندڙ هو، جن مان هر اندرين ڀت ٻاهرئين ڀت کان وڌيڪ اوچي هئي. انهن ستن ڀتين کي الڳ الڳ رنگ ڏنل هئا: پهرين (ٻاهرئين) ڀت اڇي، ٻي ڪاري، ٽين ڳاڙهي، چوٿين نيري، پنجين هلڪي ڳاڙهي، ڇهين ٽامي رنگ جي، ۽ ستين ۽ سڀ کان اندرين ڀت سونھري رنگ جي هئي. اهڙو رنگن جو استعمال بابل ۾ ستن سيارن جي علامت هو، ۽ ايڪباتانا ۾ بابلي طرز جي نقل سمجهيو وڃي ٿو.[17] بادشاهه جو محل آخري ڀت جي اندر خزاني سميت واقع هو.[14][20] بهرحال، هيروڊوٽس جو هي بيان اشوري ماخذن سان هم آهنگ ناهي، جيڪي ديئوسِس کان پوءِ به ڪيترن سالن تائين ميڊين ۾ مختلف حڪمرانن جي موجودگيءَ ڏانهن اشارو ڪن ٿا.[21] اهڙي صورت ۾، هڪ خودمختيار شاهي ادارو قائم ڪرڻ ۽ وڏا شاهي احاطا تعمير ڪرڻ اهڙا ڪم هئا، جن تي اشوري خاموش نه رهندا؛ تنهنڪري هيروڊوٽس جا بيان يا ته مبالغو آهن يا ديئوسِس کان پوءِ وارن دورن جي هڪ تبديل ٿيل تصوير پيش ڪن ٿا.[21] تنهن هوندي به، مشهور يوناني مورخ پوليبيئس(Polybius) پنهنجي ڪتاب ۾ هن محل جو ذڪر ڪيو آهي ۽ همدان جي وضاحت ڪندي ان جي ڊگهي عمر جو حوالو ڏنو آهي.[14] ڪجهه تاريخدانن ۽ آثار قديمه جي ماهرن موجب، همدان شهر ۾ موجود ٽڪري، جيڪا اڄ ”ايڪباتانا هِل“ سڏجي ٿي، قديم ايڪباتانا جو حقيقي ماڳ آهي.[22] ڪجهه ٻيا تاريخدان، جهڙوڪ هينري راولنسن، سمجهن ٿا ته هيروڊوٽس جي بيان ڪيل ايڪباتانا موجوده همدان نه آهي، ۽ قديم ميڊي گاديءَ جو هنڌ تخت سليمان ۽ ارميا ڍنڍ جي ڏکڻ اوڀر وارن علائقن ۾ ڳولڻ گهرجي. پر ڪجهه محقق، جهڙوڪ جيڪس ڊي مارگن، يقين رکن ٿا ته هيروڊوٽس جي ايڪباتانا ئي اڄوڪو همدان آهي، ۽ قلعي جي ستن ڀتين جا هنڌ زمين ۽ ٽڪرين جي بناوٽ مان سڃاڻي سگهجن ٿا.[17]
ايراني تاريخي روايتن ۾
[سنواريو]ڪجهه ايران شناس ديئوسِس کي شاهنامه ۾ بيان ڪيل ھوشنگ سان ساڳيو سمجهن ٿا، ڇاڪاڻته ھيروڊوٽس پاران ديئوسِس بابت بيان ڪيل خصوصيتون هوشنگ سان مشابهت رکن ٿيون، ۽ اهي لقب پارادات يا پيشدادي کي ”پهرين قانون ساز“ جي برابر سمجهن ٿا. ايراني مذهبي روايت موجب، هوشنگ ايران ۾ بادشاهت قائم ڪرڻ وارو پهريون شخص هو.[23] هيروڊوٽس جي ديئوسِس بابت بيانن ۽ اويستا، وچولي فارسي، عربي ۽ نئين فارسي متنن ۾ هوشنگ بابت موجود روايتن ۾ ڪجهه گڏيل خصوصيتون ملن ٿيون. هوشنگ ۽ ديئوسِس جي سڃاڻپ بابت اهي مشابهتون خاص طور هيٺين ٽن نڪتن ۾ بيان ڪري سگهجن ٿيون:[24]
- هيروڊوٽس موجب، ديئوسِس پنهنجي زماني ۾ ڳوٺ جو سردار هو، ۽ سندس نالو يا لقب ديئوسس، جنهن جي معنيٰ ”هاري“ آهي، شايد انهيءَ سبب سان ڏنو ويو. اهڙيءَ طرح، عربي ۽ فارسي متنن موجب، هوشنگ زراعت ۾ نيون ايجادات ڪيون؛ تنهنڪري امڪان آهي ته هن کي به ”هاري“ جو لقب مليو هجي.
- ديئوسِس ۽ هوشنگ ٻئي پهريون قانون ساز ۽ پهريون بادشاهه هئا؛ انهيءَ سبب هوشنگ کي پاردات يا پيشداد يا بشداد ۽ عربي ۾ فشداد جو لقب ڏنو ويو، جيڪو شايد اشوري بادشاهه اڪاد جو سرگون جي نالي ۽ لقب مان متاثر هو، جنهن جي معنيٰ ”قانوني بادشاهه“ آهي.
- ديئوسِس ۽ هوشنگ رهائش ۽ شهري زندگي کي ترقي ڏني؛ انهيءَ ڪري هوشنگ کي ھئوشنگاہ يا ھوشانگ يا عربي ۾ اشانج نالو يا لقب مليو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Ellis, Edward Sylvester; Horne, Charles F. (Charles Francis) (1913). The story of the greatest nations; a comprehensive history, extending from the earliest times to the present, founded on the most modern authorities, and including chronological summaries and pronouncing vocabularies for each nation; and the world's famous events, told in a series of brief sketches forming a single continuous story of history and illumined by a complete series of notable illustrations from the great historic paintings of all lands. New York : Niglutsch. https://archive.org/stream/storyofgreatestn01elli/storyofgreatestn01elli#page/n257/mode/1up.
- 1 2 3 4 5 6 7 "DEIOCES – Encyclopaedia Iranica", iranicaonline.org, حاصل ڪيل 09 آگسٽ 2020۔
- ↑ Khaleghi. "Hushang and Deioces". Iranshenasi.
- 1 2 3 Diakonoff. The Median History.
- ↑ Zarrinkoob. History of the Iranians.
- ↑ Dandamayev and Medvedskaya. "MEDIA". In Encyclopædia Iranica..
- 1 2 Cameron. Persia in the Dawn of History.
- ↑ Dandamayev, M.; Medvedskaya, I. (2006), "Media", Iranicaonline.org۔
- ↑ Radner, Karen; Moeller, Nadine; Potts, Daniel T. (2023-04-14) (en ۾). The Oxford History of the Ancient Near East. Oxford University Press. ISBN 978-0-19-068763-2. https://books.google.com/books?id=jTOxEAAAQBAJ&pg=PA723.
- ↑ Bryan. History of the Achaemenid Empire.
- 1 2 Frye (1962). The Heritage of Persia. https://archive.org/details/in.gov.ignca.18587.
- 1 2 Radner, Karen; Moeller, Nadine; Potts, Daniel T. (2023-04-14) (en ۾). The Oxford History of the Ancient Near East. Oxford University Press. ISBN 978-0-19-068763-2. https://books.google.com/books?id=jTOxEAAAQBAJ&pg=PA674.
- ↑ "The Median Confederacy". King of the Seven Climes: 39. 2021. https://www.academia.edu/34285360.
- 1 2 3 Huart. Iran and the Iranian Civilization.
- ↑ Khaleghi Motlag. Iranshenasi.
- ↑ "Encyclopædia Britannica Online", Encyclopedia Britannica۔
- 1 2 3 Pirnia. History of Ancient Iran.
- ↑ Medvedskaya. "PHRAORTES". In Encyclopædia Iranica..
- ↑ Hinz. Darius and the Persians.
- ↑ Brown. "ECBATANA". In Encyclopædia Iranica..
- 1 2 Zarrinkub. History of the Iranian People.
- ↑ Mohajerinezhad. The Median History.
- ↑ Amouzgar. The Real and Narrative History of Iran.
- ↑ Khaleghi Motlag. Hushang and Deioces.