مواد ڏانھن هلو

دلپاڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

دلپاڪ (ٻيا نالا: عربي: حجرالاخضر، فارسي: سنگ سبز، ھندي: دلپاڪ) اڇاڻ مائل سائي رنگ تي هڪ پھڻ جو قسم آهي.

اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: ___-، عيوض: زهر مھرو، وزن: هڪ ماسو.

خاصيت: دل ۽ دماغ لاءِ مفرح آهي، هن کي گلاب جي پاڻيءَ ۾ گهي پيارجي، تہ گرم تپن، اُلٽي روڪڻ، مثاني ۽ گردي جي پٿري ڪڍڻ لاءِ مجرب آهي، هن مان تعويذ وانگر ٺھرائي ڳچيءَ ۾ پائڻ سان دل هول، چريائي، خفقان، خوفناڪ خوابن جو ڏسڻ، ٻارن جو ڊيڄوڙو ۽ اُم الصبيان ۾ خاص طرح مفيد آهي..[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.