درمحمد (قبو سعيد خان)
درمحمد (قبو سعيد خان)
ديھ درمحمد | |
---|---|
ديھ | |
Deh Dur Muhammad | |
جاگرافي بيهڪ: 27°52′45″N 67°37′51″E / 27.87917°N 67.63083°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قبو سعيد خان تعلقو |
ديھ درمحمد (انگريزي: Deh Dur Muhammad ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قبو سعيد خان تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا درمحمد تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1932ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھي ديھ قبي واري تپي ۾ واقع ھئي ۽ ان ۾ 1932ع ۾ اترئين حصي ۾ ھڪ ننڍڙو ڳوٺ جاگيراڻي ۽ ڍوري ڊسٽري جي ڪپ تي ھڪ لانڍي واقع ھيا[2]. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ غلام حيدر کوسو، ڳوٺ مراد علي مگسي، ڳوٺ الاھي بخش کوسو ۽ حاجي جنگي خان مگسي معروف آھن. ھن ديھ ۾ ڪچي پل پڻ واقع آهي.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ڍوري ۽ ديھ سمندر، اوڀر ۾ ديھ سير جمالي، اولھ ۾ ديھ پٽ 2 ۽ ڏکڻ ۾ ديھ سير چانڊيا ۽ ديھ مغيري واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي. ھن ديھ مان ڍوري ڊسٽري گذرندڙ آھي. قبي کان ھڪ روڊ ھن ديھ مان گذري ديھ پٽ 2 ۾ داخل ٿيندڙ آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 5,348 ھئي جيڪا 865 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
- ↑ [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description with empty Wikidata description
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- قبو سعيد خان تعلقو
- قبو سعيد خان تعلقي جون ديھون
- قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جون ديھون
- سنڌ جا ڳوٺ