مواد ڏانھن هلو

دالچڪنو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

دال چڪنو (ٻيا نالا: عربي: سليماني، فارسي: داراشکنہ، هندي، اردو: دالچکنہ، کيالک، رابستيا ۽ دواءِ الشوت) ڪڻڪ رنگو، سنکئي وانگر ڳوڙهن ۾ سخت زهر آهي، جو سنکئي ۽ پاري مان ٺاهيندا آهن، هن کي گهڻي خبرداريءَ سان ڪم آڻڻ گهرجي.

اثر: گرم خشڪ 4، نقصان: زهر آهي، ميل: کير تازو، عيوض: سنکيو، وزن: هڪ کان ٻہ چانور.

خاصيت: مکڻ ۾ کرل ڪري مرهم ٺاهجي. اهو مرهم ناسور، نواسير، خراب ۽ پراڻن ڦٽن ۽ وڍيل گوشت لاءِ مفيد آهي. هن کي ماري ڪشتي ڪرڻ جي هيءَ واٽ آهي. تولو کن دالچڪني جو لوھ جي ڪڻاهيءَ ۾ رکي، هلڪي باهه تي مال ڪنگڻيءَ جو تيل هڪ پاءُ چوهاڪا ڏيئي کڻائجي، پوءِ هڪ ميڻ ڦل ۾ ٽنگ ڪري، اهو دالچڪنو انھيءَ ۾ وجهي، ٽنگ کي بند ڪري مٿان ڪڻڪ جي ڳوهيل اٽي سان لپيٽي سڪائي، پوءِ انھيءَ اٽي ۾ ويڙهيل ميڻ ڦل کي هڪ سير ڳائي کير ۾ جوش ڏيارجي، جڏهن کير ڪڙهي باقي اڌ پاءُ کن بچي تڏهين ميڻ ڦل مان دال چڪنو ڪڍي، اُبت ڪنڊڙيءَ جي اڌ پاءُ پنن جي گهوٽيل لغدي جي وچ ۾ رکي، گلحڪمت ڪري خوب طرح سڪائي، پنجن سيرن ڇيڻن جي باھ ڏبيس تہ ڦلي پوندو، اهو ڪشتو گهڻن مرضن جهڙوڪ: نزلي، دماغ جي رطوبت، ناسورن، ڦٽن ۽ قوت باھ لاءِ مجرب آهي، خاص طرح بادفرنگ تي سٺو فائدو ڪري ٿو.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.