الارقم
بين الاقوامي مذھبي آزادي تي آمريڪي ڪميشن جي رپورٽ جنھن ۾ الارقم تي بندش جي مخالفت ڪئي وئي | |
| باني | |
|---|---|
| اشعري محمد | |
| علائقا نمايان آبادي سميت | |
| ملائيشيا | |
| مذھب | |
| سني اسلام | |
| ٻوليون | |
| ملائي |
الارقم (انگريزي: Al Arqam ) يا دار الارقم(انگريزي: Dar ul Arqam ) ملائيشيا جو ھڪ اسلامي مذھبي فرقو جنهن جو بنياد شيخ اشعري محمد التميمي 1968ع ۾ وڌو ھو ۽ 21 جولاء 1994 ۾ ملائيشيا جي وفاقي حڪومت بندش وجھي ڇڏي ۽ ان جي باني اشعري محمد ۽ ان تحريڪ جي ٻين اڳواڻن کي ٿائيلينڊ جي حڪومت بين الاقوامي سڪيورٽي ايڪٽ تحت گرفتار ڪري ملائيشيا جي حوالي ڪري ڇڏيو.ھن فرقي جي عالمي اخوان گروپ وارين ڪمپنين سان ويجهڙائپ ھئي [1] بندش بعد ھن گروپ کي وڏي پيماني تي ميڊيا جي توجھ ملي وئي ۽ اھو فرقو اخوان ڪثرت ازواج ڪلب [2] فرمانبردار زالن وارو ڪلب [3]جي ڪري تنقيد جو مرڪز پڻ ٿي ويو. [4] ان فرقي جا ڪجهه تازا مضمون ملائي ٻولي ۾ ھاريئن ميٽرو سائيٽ ۾ ڇپيا آهن.[5] اشعري محمد جي زال خديجه اعم جي ٻن ڪتابن تي مذھبي جوازن جي بنياد تي بندش پڻ پئي آهي جن ۾ ان اھا دعوا ڪئي آھي تہ اشعري محمد کي خدا معجزا عطا ڪيا آهن.
فرقي جو نالو
[سنواريو]ملائيشيا ۾ ھڪ پراثر اسلامي جاڳرتا جي تحريڪ الارقم جي قيام کان آڳ شيخ اشعري محمد التميمي ڪوالالمپور ۾ ھڪ جاء تي پنھجي پوئلڳن کي قرآن ۽ اسلام جي تعليم ڏيندو هيو. ان جاء کي ھن دارالاقم نالو ڏنو ھيو جنھن جي معنيَ آهي ارقم جو گھر[6]. ان نالي جو پسمنظر مڪي ۾ اسلام جي شروعات مھل مشھور صحابي الارقم ابن ابي الارقم جو گھر آھي. ان صحابي حضرت محمد ﷺ کي پنھنجي ان گھر ۾ پناه ڏني ھئي ۽ اسلام جي شروعات ۾ کوڙ صحابي ان گھر ۾ مسلمان ٿيا ھئا[6].
گروپ جا رڪن
[سنواريو]1980 واري ڏھاڪي ۾ ھن گروپ جي رڪنن جو تعداد 10000 ٿي چڪو ھيو ۽ لڳ ڀڳ ھڪ لک انھن جا حامي هئا جيڪو ان گروپ جي منظم تبليغ جو نتيجو ھيو[6]. دارالاقم جون شاخون ملائيشيا کان ٻاھر پوري ڏکڻ اوڀر ايشيا، چين، آسٽريليا، وچ اوڀر ۽ آمريڪا تائين قائم ڪيون ويون[6].
مالي وسيلا
[سنواريو]ھن گروپ مالي وسيلا وڌائڻ لاء ڪاميابي سان زرعي ۽ واپاري پراجيڪٽن ۾ سيڙپڪاري ڪري الارقم گروپ آف ڪمپنيز ٺاھيو جنھن جا 400 کان بہ وڌيڪ ڌنڌا ھيا[6].
بندش ۽ نتيجا
[سنواريو]ھي گروپ ملائيشيا جي امير طبقن ۾ پنھنجو اثر وڌائي ويو. ان جي مذھبي ۽ ڌنڌن ۾ ڪاميابي ان خلاف سياسي مخالفت کي جنم ڏنو. ملائيشيا جي وزيراعظم مھاتير محمد جي 1998 واري حڪومت ان جي خلاف ڪاروائي شروع ڪئي[6]. 1994 ۾ ملائيشيا جي رياستي اداري نيشنل فتوا ڪائونسل ھن گروپ کي ھڪ گمراھ عقيدي وارو گروھ قرار ڏنو. شيخ اشعري محمد خدا ۽ نبي سان سڌو سئون رابطي ۾ ھجڻ جو دعويدار ھيو گرفتار ڪيو ويو ۽ ان کي مقدمي کان سواءِ بند رکيو ويو[6]. ان جي ٽيليويزن تي اعترافي بيان ڪرائڻ بعد ھن کي آزاد ڪري پنھنجي گھر ۾ ڏھ سال نظربند ڪيو ويو[6]. 1994 ۾ ھن تحريڪ تي بندش لڳائي وئي پر ان کي رفقاء ڪارپوريشن جي نالي سان ملٽي نيشنل ڌنڌي ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي جنھن ۾ بيمار شيخ اشعري محمد کي چيف ايگزيڪيوٽو طور ڪم ڪرڻ جي اجازت ملي[6]. 2005 ۾ شيخ اشعري محمد ھڪ ڪتاب اسلامي تھذيب جي نالي سان لکيو جنھن م ھن ملائيشيا جي نئين وزيراعظم عبدالله احمد بداوي جي حمايت ڪئي[6].
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Al-Arqam founder Ashaari dies (Updated)". thestar.com.my. 2011. اصل نسخو مان 16 May 2010 تي محفوظ ڪيل. 31 July 2011 تي حاصل ڪيل.
Global Ikhwan
- ↑ Gooch, Liz (6 January 2010). "Malaysian Polygamy Club Draws Criticism". New York: NYTC. ISSN 0362-4331. 21 July 2011 تي حاصل ڪيل.
Global Ikhwan
{{cite news}}:|archive-url=requires|archive-date=(مدد); Unknown parameter|parchivedate=ignored (مدد) - ↑ "Preaching good sex, Muslim-inspired Obedient Wives Club spreads in Asia". blogs.reuters.com. 26 June 2011. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 4 July 2011 تي محفوظ ڪيل. 21 July 2011 تي حاصل ڪيل.
Obedient Wives Club
- ↑ "Obedient Wives Club controversy used for publicity: Mashitah". mmail.com.my. 2011. 21 July 2011 تي حاصل ڪيل.[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ http://www.emedia.com.my/a/r2?src_term=arqam (link dead) آرڪائيو ڪيا ويا 28 July 2007 at Archive.is
- 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages#184