مواد ڏانھن هلو

خيرسون گورنريٽ

خيرسون گورنريٽ
Херсонская губерния
گورنريٽ
Coat of arms of خيرسون گورنريٽ
روسي سلطنت ۾ مقام
سلطنتروسي سلطنت
قيام1803ع
ختم ڪيو ويو1920ع
راڄڌانيخيرسون شهر
Area
  ڪل
71,936 km2 (27,775 sq mi)
Population
 (1897)
  ڪل
2,733,612
  Density38.001/km2 (98.421/sq mi)
  Urban
28.86%
  Rural
71.14%

خيرسون گورنريٽ (Kherson Governorate؛ روسي، يوڪريني: Херсонская губерния، خيرسونسڪايا گوبيرنييا) جيڪو سال 1803ع تائين نڪولائيف گورنريٽ جي نالي سان مشهور هو، روسي سلطنت جي هڪ انتظامي-علائقي ايڪائي، "گورنايا" (روسي، يوڪريني: губерния) هو، جن جو گاديءَ جو هنڌ خيرسون شهر هو. ان جي پکيڙ 71,936 چورس ڪلوميٽر (27,775 چورس ميل) هئي ۽ ان جي آبادي سال 1897ع ۾ مردم شماري جي وقت 27,33,612 هئي. ان جي حدون اتر اولهه ۾ پوڊوليا گورنريٽ، اتر ۾ ڪيف گورنريٽ، اتر اوڀر ۾ پولٽاوا گورنريٽ، اوڀر ۾ يڪاترينوسلاو گورنريٽ، ڏکڻ اوڀر ۾ توريدا گورنريٽ، ڏکڻ ۾ ڪاري سمنڊ ۽ اولهه ۾ بيساربيا گورنريٽ سان لڳل هيون. اهو لڳ ڀڳ ان علائقي سان ملندو آهي جيڪو هاڻي ميڪولائيف، ڪيرووهراد ۽ اوڊيسا اوبلاسٽن جو گهڻو حصو آهي، انهي سان گڏ يوڪرين جي خيرسون ۽ ڊنيپروپيٽرووسڪ اوبلاسٽن جا ڪجهه حصا به شامل آهن.

گورنريٽ جي معيشت بنيادي طور تي زراعت تي ٻڌل هئي. اناج جي فصل دوران، سلطنت جي حصن مان هزارين زرعي مزدورن کي علائقي ۾ ڪم مليو. معيشت جو صنعتي حصو، جنهن ۾ بنيادي طور تي ڪڻڪ جي پسائي، شراب ٺاهڻ، ڌاتو جي ڪم جي صنعت، لوهه جي کان کني، چقندر جي کنڊ جي پروسيسنگ ۽ اينٽن جي صنعت شامل هئي، ايتري ترقي يافته نه هئي.

خيرسون گورنريٽ جو نقشو، سال 1913ع

حوالا

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

46°38′00″N 32°36′00″E / 46.6333°N 32.6000°E / 46.6333; 32.6000