خيبر پختونخوا جي حڪومت
خيبر پختونخواه جي حڪومت (اردو: حکومتِ خیبر پختونخواہ؛ پشتو: د خیبر پختونخواہ حکومت) پاڪستان جي صوبي خيبر پختونخوا جي صوبائي حڪومت آهي. ان جا اختيار ۽ ڍانچو سال 1973ع جي آئين جي شقن ۾ بيان ڪيو ويو آهي، جنهن جي مطابق 32 ضلعا ان جي اختيار ۽ دائري اختيار ۾ اچن ٿا. حڪومت ۾ ڪابينا، خيبر پختونخواہ اسيمبلي جي ميمبرن مان چونڊيل ۽ هر کاتي ۾ غير سياسي سول اسٽاف شامل آهن. صوبو هڪ هڪ-ايواني قانون ساز اداري جي ذريعي سنڀاليو ويندو آهي. حڪومت جي سربراهه کي وزير اعليٰ سڏيو ويندو آهي. وزير اعليٰ، هميشه اسيمبلي ۾ نمائندگي ڪندڙ سياسي پارٽي جو اڳواڻ، ڪابينا جي ميمبرن کي چونڊيندو آهي، تنهن ڪري وزير اعليٰ ۽ ڪابينا حڪومت جي ڪم جا ذميوار آهن ۽ عهدي تي رهڻ جا حقدار آهن، جيستائين چونڊيل اسيمبلي انهن تي اعتماد برقرار رکي ٿي. صوبي جي سربراهه کي گورنر سڏيو ويندو آهي، جيڪو صدر پاران وفاقي حڪومت جي ڏنل نالن م هڪ کي مقرر ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته صوبي جو انتظامي سربراهه چيف سيڪريٽري خيبر پختونخوا هوندو آهي.