مواد ڏانھن هلو

خواندگي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

خواندگي (Literacy) مان مراد پڙهڻ ۽ لکڻ جي صلاحيت آهي، جڏهن تہ ناخواندگي (Illiteracy) مان مراد پڙهڻ ۽ لکڻ جي صلاحيت نه هجڻ آهي. ڪجهه محققن جو خيال آهي ته خواندگي جي تصور کي ٻن دورن ۾ ورهايو وئي سگهجي ٿو:

  1. 1950ع کان اڳ وارو دور: هن دور ۾ خواندگي کي صرف الفابيٽ يا اکرن جي سڃاڻپ تائين محدود سمجهيو ويندو هو (يعني لفظن جي معنيٰ سمجهڻ، پر ضروري ناهي ته انهن لفظن کي استعمال ڪرڻ جي صلاحيت به هجي).[1]
  2. 1950ع کان پوءِ وارو دور: هن دور ۾ خواندگي کي هڪ وسيع تصور ۽ عمل طور ڏٺو وڃڻ لڳو، جنهن ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ جا سماجي توڻي ثقافتي پهلو،[2] ۽ فنڪشنل خواندگي (Functional literacy) پڻ شامل ڪئي وئي.

خواندگي اڄڪلهہ رڳو اکرن جي سڃاڻپ تائين محدود ناهي، پر ان ۾ معلومات کي سمجهڻ، تجزيو ڪرڻ ۽ روزمره جي زندگيءَ ۾ ان جو فائديمند استعمال به شامل آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. Historical Literacy - UNESCO Archives
  2. Social and Cultural Aspects of Literacy, 1950-Present

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]