خواجا غلام فريد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(خواجہ غلام فريد کان چوريل)

خواجا غلام فريد
معلومات شخصيت
ڄم 25 نومبر 1845  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 24 جُولاءِ 1901 (56 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو شاعر،اديب  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي سرائيڪي ٻولي،فارسي ٻولي،اردو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

خواجہ غلام فريد، حضرت خواجه خدابخش کي سکن ڏاڍو تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. انهن ڏينهن ۾ نواب بهاول خان دائود پوٽو، بهاولپور جو حاڪم هو. هو حضرت خواجه صاحب جو مريد هو. خواجه صاحب سندس عرض تي لڏي وڃي چاچڙان ۾ سڪونت اختيار ڪئي. هن بزرگ کي خواجه صاحب سندس عرض تي لڏي وڃي چاچڙا ۾ سڪونت اختيار ڪئي. هن بزرگ کي خواجه غلام فريد نالي فرزند ٿيو، جيڪو سرائڪي زبان جو باڪمال شاعر، وڏو عاشق رسول، فياض، صوفي ۽ اهل الله ٿي گذريو آهي. حضرت خواجه غلام فريد جي ولادت 26- ذوالحج سنه 1261ھ (1845ع) تي ٿي، ۽ 6- ربيع الثاني سنه 1319ھ (1901ع) تي وفات ڪيائي. ساڍن تيرهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ مولانا فخر جهان جو مريد ٿيو. سنه 1277ھ (1871ع) ۾ حضرت خواجه فخر جهان جي وفات کانپوءِ سجاده نشين ٿيو. 1292ھ (1873ع) ۾ 80 رفيق سان گڏ، حج جي سعادت حاصل ڪيائين، ۽ انهن جو سمورو سفر حج جو خرچ پاڻ برداشت ڪيائين. بهاولپور جو حاڪم نواب صادق محمد خان رابع سندس مريد هو. نواب صاحب جي پنهنجي مرشد سان بي انتها محبت هئي، جيڪا عشق جي حد تائين پهتل هئي. حضرت خواجه صاحب ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کي روحاني فيض پهچايو. سندس فيض جو درياءَ ڇوليون هڻندو، سنڌ ۽ بلوچستان جون سرحدون لتاڙي، پري پري تائين وڃي پهتو.

حضرت خواجه صاحب جي شعر ۾ وڏو سوز ۽ گداز، تاثير ۽ رواني آهي. عشق رسول، حسن ۽ عشق، فراق ۽ وصال، حسن حقيقي جي تانگهه ۽ طلب، محبوب حقيقي سان ملڻ جي آرزو، وحدت الوجود جو فڪر ۽ فنا ۽ بقاءِ سندس شعر جا مضامين آهن. سندس شعر جي وڏي خوبي اها آهي، جو اُن ۾ نبي آخرالزمان ﷺ جن سان عشق ۽ محبت جو اظهار نهايت پراثر ۽ دلگداز انداز ۾ ملي ٿو:

اٿان مين مٺڙي نت جان بلب،
اوتان خوش وسدا وچ ملڪ عرب.

پنهنجي محبوب سان پنهنجي انتها محب جو ذڪر ڪندي سنڌ، پنجاب ۽ هند جا نالا هن طرح آندا اٿس: تتي ٿي جوڳڻ چوڌار ڦران، هند، سنڌ، پنجاب تي مار ڦران، سُڃّ، بّرُ تي شهر بازار ڦران، متان يار مِليم ڪنهين سانگ سفر. پاڻ سڳورن سان پنهنجي عشق ۽ محبت جو اظهار ڪندي، پنهنجي حالت ۽ ڪيفيت جو اظهار هن ريت ڪيو اٿس: واهه سوهڻا، ڍولڻ يار سڄڻ، واهه سانول هوت حجاز وطن، آ ڏيک فريد دا بيت حزن، هِمِ روز ازل دي تانگهه طلب. عشق حقيقي راهه ئي نرالي آهي، جيڪا ظاهري علم ذريعي سمجهي نه ٿي سگهجي. حضرت خواجه صاحب فرمائي ٿو: سڻ سمجه ري زاهد، جاهد تون، هِنِ عشق دي ڪلمات عجب! هي ڳالهه عجب، هي حال عجب، هي چال عجب هي گهات عجب! حضرت خواجه صاحب اصل نسل جي لحاظ کان سنڌي هو، انهيءَ ڪري سندس شعر ۾ سنڌي زبان ۽ شعر جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. نه فقط ايترو، پر سندس ڪجهه ”سنڌي ڪافيون“ به ملن ٿيون. هڪ سنڌي ڪافي نموني طور هت پيش ڪجي ٿي:

عشق تنهنجي جا هي انصاف، مان ظلم نڀائيندس،
ته به تنهنجا ٿورا ڳائيندس.
1- سجدو جانب تنهنجي جانب، تنهنجي گرد طواف،
قدم قدم تي سيس نوائيندس.
2- تنهنجي سيرت صورت سهڻي، ڇا چوان اوصاف،
جندڙي تو تان گهوري گهمائيندس.
1- تن من سهڻا ملڪ هي تنهنجي، سچ آهي، ناهي لاف،
قسم اوهان جي سر جو کائيندس.
4- ذڪر ۽ فڪر آهي، تنهنجو دم دم، چوندس صاف جو صاف،
عبد معبود مان توکي ڀائيندس.
5- ٻانهي گولي يار جي آهيان، ناهي ”فريد“ خلاف،
انهن کي ڀائيندس خواهه نه ڀائيندس.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. چشتي سلسلو: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو