خواجہ احمد سيستاني
|
---|
خواجه خواجه احمد سيستاني | |
---|---|
قومیت | سيستاني |
نسل | سنڌي |
دور | سمن جو دؤر |
خطو | اسلام |
مذھب | اسلام |
صوفياڻو سلسلو | چشتي |
مرشد | بابا فريد گنج شڪر |
خواجه احمد سيوستاني، سيرالاولياء ۾ آيو آهي، ته هيءُ بزرگ بابا فريد گنج شڪر جو مريد هو، ۽ پنهنجي مرشد جي وضو ۾ غسل لاءِ پاڻي ڀري پڄائيندو هو. پاڻيءَ جون مشڪون ڀريندي هڪ ڀيري سندس چيلهه ۾ سور پيو، جيڪو حضرت بابا فريد جي هٿ گهمائڻ سان لهي ويو، ۽ آخري عمر تائين هن کي چيلهه ۾ سور نه پيو، توڙي جو هن جي عمر سئو سالن تائين پهچي ويئي. ان کان سواءِ هو پنهنجي مرشد جا ڪپڙا به ڌوئيندو هو. سيرالاولياءَ جي مصنف وڌيڪ لکيو آهي، ته هن جي خواجه احمد سيوستانيءَ سان ان وقت ملاقات ٿي، جڏهن هو، سلطان محمد تغلق جي زماني ۾ اجوڌن کان غياث پور آيو هو، ۽ وڏي عرصي تائين حضرت سلطان المشائخ جي خدمت ۾ رهيو هو. مصنف لکي ٿو، ته ان وقت خواجه احمد سيوستانيءَ جي عمر سئو سال هئي، پر هن جي چيلهه ۾ ونگ نه آيو هو. هو وڌيڪ لکي ٿو: ”مان کيس پنهنجي گهر وٺي آيس. ان وقت منهنجي ڀاءُ امير دائود ڇهن مهينن جو هو. ان کي ڪا بيماري ٿي پئي هئي، جو کير پيئڻ ڇڏي ڏنو هئائين. کيس خواجه احمد جي اڳيان آندوسين ۽ حالت بيان ڪئي سين. بزرگ پنهنجي اُڱر تي پنهنجي پِڪ لائي، ٻار جي چپن تي مهٽي. ان وقت ٻار جا چپ چرڻ لڳا. بزرگ دائيءَ کي چيو، ته ٻار کي کير پيار. جيئن ئي دائيءَ ٻار کي پنهنجن ٿڻن سان لاتو، ته هن ببو ڌائڻ شروع ڪيو، ۽ ڍوءُ ڪري ٿڃ ڌاتائين.“[1][2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ چشتي سلسلو: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
- ↑ سيرالاولياءِ: سيد محمد مبارڪ علوي ڪرماني، المعروف به امير خورد (وفات 711ھ- 1311ع)، اردو ترجمون: مولانا اعجاز الحق قدوسي، مرڪزي اردو بورڊ لاهور، 1980، ص 185.