خط نويسي
ھن مضمون کي وڪي طرز تي آڻڻ جي ضرورت آھي. (نومبر 2018ع)
خط نويسي (Letter Writing)، ”خط“ والدين، ڀائرن، گهر جي ڀاتين، چاچن، مامن، ٻين عزيزن، دوستن، عالمن، اديبن، استادن، شاگردن ۽ وڏين شخصيتن ڏانهن لکيو ويندو آهي. خط، غيرافسانوي ادب جو ھڪ قسم آھي. خط نويسيءَ جي تحرير، دل جي اندرئين تَهه مان نڪرندڙ صنف آهي، جيڪا مختلف ارتقائي مرحلا طئي ڪري اڄ اِنشاپردازيءَ جي اُوچي مقام تي پهتي آهي ۽ اعليٰ ادب جو رُتبو ماڻي چڪي آهي. خط اڳتي هلي اڌ ملاقات جي صورت اختيار ڪري ويو. خطَ لفظن جو روپ ڌاري ڄڻ ته ”اڌ ملاقات“ بڻجي ويندو آهي.ادبي دنيا ۾ خطن کي وڏي اهميت آهي. دنيا جي اعليٰ ادب ۾ مارڪس سِسَرو (106-43BC)، مائيڪل ائنجلو (1564_1475ع)، روسو (1778-1712ع)، ورڊس ورٿ (1850- 1770ع)، مخدوم محمد معين ٺٽوي (متوفي 1161ھ)، مرزا غالب، جواهر لال نهرو، ابوالڪلام آزاد، سائين جي. ايم. سيد، علامه آءِ. آءِ. قاضي، محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز ۽ ٻين علم، ادب، سياست ۽ فن لطيف جي مختلف شعبن ۾ پنهنجو پاڻ موکيندڙ اڪابرن خط نويسيءَ جي شهرت کي بلندين تائين پهچائي ڇڏيو آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.