مواد ڏانھن هلو

خطمي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

خطمي (نالا: ع. بذرالخطمي، ف. تخم خطمي، ھ. خيري، ابخل ۽ سحم المرخ.)ستارن جي ٽڪين وانگر هڪ قسم جو ٻج آهي جو ڳاڙهي رنگ تي ٿيندو آهي.

اثر: سرد تر 1، نقصان: معدي ۽ ڦڦڙن کي، ميل: ماکيءَ ۽ سؤنف، عيوض: خبازي ۽ نيلوفر، وزن: پنجن ماسن کان ست ماسا.

خاصيت: گهاٽن ۽ سڙيل خلطن، گرم تپن، يرقان، ٻرهل، بدن جي خارش لاءِ منضج آهي. گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿي، ڦڦڙن جي سور ۽ پاسي جي سور کي فائدو ڪري ٿي. جيڪي بخار مٿي چڙهن ٿا، تن کي لاهڻ، سخت سوڄن کي نرم ڪرڻ، خشڪ کنگھ، دمڪشي ۽ مثاني جي بيمارين ۾ مفيد آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.