مواد ڏانھن هلو

خطري کان دور واري نوعون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
حفاظتي درجو
سونھري ڏيڏر جنھن کي آخري دفعو 15 مئي 1989 ۾ ڏٺو ويو
نابود ٿي ويل جنسون
نابودي جي خطري واريون جنسون
معمولي خطري ۾

ٻيا قسم

لاڳاپيل موضوع

IUCN Red List category abbreviations (version 3.1, 2001)
NatureServe category abbreviations

خطري کان دور واري نوعون (least concern species) يا سڀ کان گهٽ پرواهه واري نوعون ھڪ ڪيٽيگري يا درجي جو نالو آهي جيڪو فطرت جي تحفظ لاءِ بين الاقوامي يونين (ICUN) طرفان جاندارن جي نوعن جي ماحولياتي تحفظ متعلق ڪيل درجابندي ۾ شامل آھي. ھن درجي واريون نوعون خطري ۾ آيل يا ۽ خطري جي ويجھو جنسن جي درجن، يا سال 2001ع کان اڳ جي واري خاص ماحول سان مشروط نوعن جي درجي سان ڪو به تعلق نہ ٿيون رکن. جنھنڪري ھن درجي وارين نوعن کي انگريزي ۾ 2001ع کان وٺي "گهٽ پرواهه واري يا خطري کان دور" (least concern) يا LC (سنڌي ۾: خ.د.) چئجي ٿو. ڪا به نوع ھن درجي ۾ هن وقت تائين نه ٿي اچي سگھجي جيستائين ان نوع جي آبادي يا تعداد جو شمار نه ٿو ٿئي. ان نوع جي نابودي جي خطري جو سڌي يا اڻ سڌي طرح تخمينو لڳائڻ لاءِ ان نوع جي تعداد ۽ ڦھلاء بابت مناسب ڄاڻ گھربل ھوندي آھي.[1]

فطرت جي تحفظ لاءِ بين الاقوامي يونين (ICUN) جي گڏ ڪيل معلومات مطابق ھن درجي جي اٽڪل 20 سيڪڙو نوعن جي ڄاڻ لڳ ڀڳ 15,636 نوعن مان 3,261 نوعن متعلق گڏ ڪيل ڄاڻ لاء "LR/lc" لکيو ويندو آهي جنھن جو مطلب آهي ته سال 2000ع کان پوءِ اھڙين نوعن جي تعداد جو ٻيھر تخمينو اڃان نہ لڳايو ويو آهي. خطري کان دور نوعن جي ھن درجي جي جاندارن کي ڳاڙھي فھرست ۾ شمار نہ ڪبو آهي جنھن ۾ سال 2006ع تائين شامل نسلي گروپن (taxa) جو تعداد 15,636 ھيو. ھن خطري کان دور درجي ۾ جملي 14,033 نوعون شامل آهن جن ۾ کوڙ اڻ سڃاتل نوعون (undescribed species) پڻ اچي وڃن ٿيون مثال طور "فلئوٽس ڏيڏر" (Philautus frog) جنھن کي اڃان تائين ڪو نالو نہ ڏنو ويو آهي.[2] ان کانسواء ھن فھرست ۾ 101 جانورن جو ذيلي نوعون (subspecies)، ٻوٽن جا 1500 نسلي گروپ (جن ۾ 1401 نوعون، 55 ذيلي نوعون ۽ 35 ساڳي نوعن جا قسم شامل آھن). جاندارن جي ذيلي-آبادين (subpopulations) جون ٻه فھرستون آھن: آسٽرليشيائي ۽ ڏکڻ آفريقي ڪرنگھيدار ڊاگ فش (spiny dogfish) جون ذيلي آبادي، سينور يا فنگاء (fungi) يا پروٽسٽا (protista) ان ذيلي-آبادي جي درجه بندي ۾ شمار ٿين ٿا. انسانن کي به سال 2008ع ۾ باقائدہ خطري کان دور واري درجي ۾ شامل ڪيو ويو.[3]

حوالا

[سنواريو]
  1. "2001 Categories & Criteria (version 3.1)" (PDF). The IUCN Red List of Threatened Species. اصل نسخو (PDF) مان 2016-01-28 تي محفوظ ڪيل. 2015-05-22 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  2. "Philautus sp. nov. 'Kalpatta'". The IUCN Red List of Threatened Species. 2006-12-19 تي حاصل ڪيل.
  3. [[[:سانچو:IUCNlink]] "IUCN Red List - Homo sapiens"]. The IUCN Red List of Threatened Species. 2008-10-12 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Check |url= value (مدد)

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]