خان واھ
ڏيک
خان واھ(انگريزي: Khan wah) تعلقي گوني (ٽنڊو محمد خان) ۾ گاجيا واهه مشهور واهه هو. انهيءَ واهه مان ميرن، ”مير واهه“ کوٽرايو هو. اِهو ميرواهه گوني تعلقي جي ڏکڻ واري ڀاڱي کي آباد ڪرڻ لڳو. پر خان محمد لغاري اڃا به انهيءَ واهه جي پيچ کان پري هو، ته هن پاڻ ڪوشش ڪري انهيءَ واهه مان پنهنجو ذاتي واهه کوٽايو هو. گولاڙچيءَ جي اُلهندي کان 6 - ميل تي اڄ به ”خان واهه“ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اِهو ماڻڪاڻي ميرن جي خاص ماڻهو، خان محمد لغاريءَ کوٽرايو هو ۽ پاڻ انهيءَ واهه جي پاڻيءَ تي زمين آباد ڪندو هو ۽ پنهنجي ڏيٺ ويٺ وارين برادرين کي خانواهه تي آبادي ڪرڻ ڏيندو هو. انهيءَ کان سواءِ ٻيا به لاڙ ۾ ماڻڪاڻي ميرن جا گهڻا واهه کوٽايل آهن، پر افسوس جو مون کي پوري معلومات مهيا نه ٿي سگهي آهي[1].
حوالا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ لاڙ جا ماڳ مڪان مصنف؛ محمد سومار شيخ ايڊيشن؛ پهريون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو