خانيوال- وزيرآباد برانچ لائين
خانيوال-وزيرآباد برانچ لائين (اردو ۽ پنجابي: خانیوال-وزیرآباد فرعی ریلوے خط) پاڪستان ۾ ڪيترن ئي برانچ لائينن مان هڪ آهي، جيڪا پاڪستان ريلوي پاران هلائي ۽ سنڀالي ويندي آهي. هي لائين خانيوال جنڪشن ريلوي اسٽيشن کان شروع ٿئي ٿي ۽ وزيرآباد جنڪشن ريلوي اسٽيشن تي ختم ٿئي ٿي. انهن ٻنهي جنڪشنن جي وچ ۾ 30 ريلوي اسٽيشنون آهن. ريلوي لائين جي ڪل ڊيگهه 325 ڪلوميٽر (202 ميل) آهي. هي لائين اهم آهي ڇاڪاڻ ته اها فيصل آباد کي ملڪ جي ٻين حصن سان ريل ذريعي ڳنڍي ٿي. خانيوال-وزيرآباد برانچ لائين کي اصل ۾ نارٿ ويسٽرن اسٽيٽ ريلوي جي تحت "وزيرآباد-ملتان ريلوي" نالو ڏنو ويو هو. ريلوي لائين لاءِ سروي 1892ع ۾ شروع ٿيو.[1] وزيرآباد-لائل پور سيڪشن جي تعمير 1894ع ۾ شروع ٿي ۽ 1896ع ۾ کولي وئي. لائلپور-ملتان سيڪشن جي تعمير ايندڙ سال شروع ٿي ۽ 1899ع ۾ کولي وئي. [2]
اسٽيشنون
[سنواريو]هن ريلوي لائين تي اها ريلوي اسٽيشنون آهن:
- خانيوال جنڪشن ريلوي اسٽيشن
- ميان شامير ريلوي اسٽيشن
- مخدوم پور پهوڙه ريلوي اسٽيشن
- جان محمد واله ريلوي اسٽيشن
- عبدالحڪيم ريلوي اسٽيشن
- ڍرڪانه ريلوي اسٽيشن
- جڙاله ريلوي اسٽيشن
- شور ڪوٽ جنڪشن ريلوي اسٽيشن
- چوٽيانه ريلوي اسٽيشن
- ڊبانواله ريلوي اسٽيشن
- ٽوبه ٽيڪ سنگهه ريلوي اسٽيشن
- جاني واله ريلوي اسٽيشن
- گوجره ريلوي اسٽيشن
- پڪا آنه ريلوي اسٽيشن
- سار شاهمير روڊ ريلوي اسٽيشن
- رساليواله ريلوي اسٽيشن
- فيصل آباد ريلوي اسٽيشن
- فيصل آباد ڊرائي پورٽ
- چڪ جھمرا جنڪشن ريلوي اسٽيشن
- ساهيانواله ريلوي اسٽيشن
- دار الاحسان ريلوي اسٽيشن
- سانگله هل جنڪشن ريلوي اسٽيشن
- مڙ بلوچان ريلوي اسٽيشن
- سکئڪئ ريلوي اسٽيشن
- ڪالئڪئ ريلوي اسٽيشن
- حافظ آباد جنڪشن ريلوي اسٽيشن
- علي پور چٺه ريلوي اسٽيشن
- جامڪئ چٺه ريلوي اسٽيشن
- منصور والي ريلوي اسٽيشن
- وزيرآباد جنڪشن ريلوي اسٽيشن
حوالا
[سنواريو]- ↑ India List and India Office List, 1905. p. 479 (pdf page 442). https://play.google.com/books/reader?id=b2NPAAAAMAAJ&printsec=frontcover&output=reader&hl=en_GB&pg=GBS.PA479. Retrieved 18 May 2016.
- ↑ India List and India Office List, 1905. p. 499 (pdf page 462). https://play.google.com/books/reader?id=b2NPAAAAMAAJ&printsec=frontcover&output=reader&hl=en_GB&pg=GBS.PA499. Retrieved 18 May 2016.