خانبهادر قادر داد خان پٺاڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

خانبھادر آغا قادر داد خان(انگريزي: Khan Bahadur Agha Qaderdad khan Pathan) تاريخ 16-جنوري 1844ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس والد گل حسن خان واپاري هو، جنهن کي دهليءَ ويندي واٽ تي ڦورن اچي ورايو ۽ کانئس مال متاع ڦري قتل ڪري ڇڏيو. جنهن کانپوءِ ننڍڙي قادر داد خان جي تعليم ۽ تربيت سندس مامي رحمت خان جي نظرداري هيٺ ٿي. هو پنهنجي تعليم مڪمل ڪري 1 نومبر 1861ع تي ڪليڪٽر جي آفيس جي اڪائونٽس ڊپارٽمينٽ ۾ منشي ٿيو. 12 آڪٽوبر 1863ع تي انهيءَ ڪليڪٽر آفيس جي روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ منشي مقرر ٿيو. اهڙيءَ طرح 1 نومبر 1864ع تي ڊپٽي ڪليڪٽر آفيس شاهبندر ڪراچي ۾ هيڊ ڪلارڪ جي حيثيت سان سندس تقرر ٿيو. 19 جون 1866ع تي کيس سيوهڻ جو مختيارڪار مقرر ڪيو ويو. 15 اپريل 1867ع تي کيس شاهبندر بدلي ڪيو ويو. 18 مئي 1867ع تي کيس مختيارڪار جي اضافي چارج ڏني وئي. 27 اپريل 1869ع تي کيس ايڪسٽرا اسسٽنٽ ڪليڪٽر يا ڊپٽي ڪليڪٽر جي اضافي چارج حوالي ٿي. 20- جولاءِ 1877ع تي سيوهڻ ۾ فرسٽ ڪلاس مختيارڪار ٿيو. 21- جون 1879ع تي سيوهڻ جو ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ مقرر ٿيو. پهرين جون 1892ع تي چوٿين گريڊ ۾ ترقي ٿي. 23- نومبر 1893ع تي سيڪنڊ گريڊ مليو ۽ نوشهري ڊويزن ۾ مقرر ٿيو. 7 اپريل 1894ع ۾ سي آءِ اي (Companion of the order of the Indian Empire) جو خطاب مليو. پاڻ سنڌ محمڊن ايسوسيئيشن جو ٻيو نمبر صدر (1896ع کان 1903ع تائين) رهيو. خانبهادر قادرداد خان 31 مئي 1903ع مطابق 3 ربيع الاول 1321ھ دمڪشيءَ جي بيماريءَ وگهي انتقال ڪري ويو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو جو مضمون "مرزا قليچ بيگ ۽ شڪارپور", مھراڻ رسالو سال 2003, شمارو 53, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}