گارو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گارو----(Mud Mortar) ھن قسم جو گارو سٺي، ٺوس، ڪلر ڪچري ۽ اڏوھيءَ کان پاڪ مٽيءَ مان ٺاھيو ويندو آھي. ھن قسم جو گارو زمين جي صاف ٽڪري تي پاڻي ملائي ۽ گھٽ ۾ گھٽ ٻہ ڏينھن خوب طرح سان لتاڙي ٺاھيو ويندو آھي، جيئن انھيءَ ۾ چڱيءَ طرح وٽ (Plasticity) اچي وڃي ۽ ان ۾ مليل مٽيءَ جا ڀتر بلڪل چڱيءَ طرح گاري ۾ ملي وڃن ۽ ان ۾ ڪنھن بہ قسم جا ڳنڍا ۽ ڳوڙھا رھجي نہ وڃن. جيڪڏھن مٽي ايتريقدر چيڪي آھي جو گارو استعمال کان پوءِ سڪڻ بعد ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪرڻ جو انديشو آھي تہ اھڙي مٽيءَ ۾ ڪجهه ڪاري درياھي واري (River Sand) استعمال ڪرڻ ۾ ڪو ھرج ڪونھي..[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: عمارت سازي ؛ ليکڪ: ضياءين انصاري؛ ايڊيشن:1990؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو