اقامت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اقامت(انگريزي: Iqamah) اسلام ۾ نماز جي ادائگي لاء جماعت جي کڙي ٿيڻ کان اول ھڪ ماڻھو اھي جملا دھرائي جيڪي اذان ۾ چيا وہندا آھن ۽ انھن اذان وارن جملن ۾ ٻہ ڀيرا قد قامت الصلواة بہ چوي ته ان کي اقامت چوندا آهن. اقامت کي عام طور تي تڪبير بہ چوندا آهن[1]. اذان بعد نماز شروع ٿيڻ کان اڳ نماز لاءِ ٻئين سڏ کي اقامت چوندا آهن[2].

اقامت ۾ استعمال ٿيندڙ فقرا ۽ ورجاء جو تعداد
ورجاء عربي سنڌي
سني اسلام
مطابق
شيعه اسلام
مطابق
2x 2x ٱللَّٰهُ أَكْبَرُ الله سڀ کان وڏو آھي
1x 2x أَشْهَدُ أَنْ لَا إِلَٰهَ إِلَّا ٱللَّٰهُ شاھدي ٿو ڏيان ته ناھي ڪوبہ معبود سواءِ الله جي
1x 2x أَشْهَدُ أَنَّ مُحَمَّدًا رَسُولُ ٱللَّٰهِ شاھدي ٿو ڏيان تہ محمد الله جو رسول آهي
ڪوبہ نہ 2x أَشْهَدُ أَنَّ عَلِيًّا وَلِيُّ ٱللَّٰهِ شاھدي ٿو ڏيان تہ علي الله جو ولي يا نائب آھي
1x 2x حَيَّ عَلَىٰ ٱلصَّلَاةِ
حَيَّ عَلَىٰ ٱلصَّلَوٰةِ
اچو نماز جي طرف
1x 2x حَيَّ عَلَىٰ ٱلْفَلَٰحِ اچو ڪاميابي جي طرف
ڪوبہ نہ 2x حَيَّ عَلَىٰ خَيْرِ ٱلْعَمَلِ اچو بھترين عمل طرف
2x 2x قَدْ قَامَتِ ٱلصَّلَاةُ
قَدْ قَامَتِ ٱلصَّلَوٰةُ
نماز قائم ٿي وئي
2x 2x ٱللَّٰهُ أَكْبَرُ الله سڀ کان وڏو آهي
1x 1x لَا إِلَٰهَ إِلَّا ٱللَّٰهُ ناھي ڪوبہ معبود سواءِ الله جي

حوالا[سنواريو]

  1. - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 35
  2. Th.W., Juynboll (en ۾). Iḳāma. http://referenceworks.brillonline.com/entries/encyclopaedia-of-islam-2/ikama-SIM_3510?s.num=0&s.f.s2_parent=s.f.book.encyclopaedia-of-islam-2&s.q=ikama.  Encyclopaedia of Islam, 2nd Edition Online. Edited by P. Bearman, Th. Bianquis, C.E. Bosworth, E. van Donzel, W.P. Heinrichs