ايلسا قاضي: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1: سِٽَ 1:
[[Image:Elsa kazi.jpg|thumb|left|250px|مرحومه ايلسا قاضي.]]
[[Image:Mrs Elsa Kazi.jpg|thumb|left|250px|مرحومه ايلسا قاضي.]]
ايلسا قاضي علامه قاضي جي گهر واري جرمن خاتون آهي. پاڻ [[سنڌي ادب]] ادن جي انگريزي ۾ کوڙ ساري خدمت ڪئي اٿس.
ايلسا قاضي علامه قاضي جي گهر واري جرمن خاتون آهي. پاڻ [[سنڌي ادب]] ادن جي انگريزي ۾ کوڙ ساري خدمت ڪئي اٿس.



ورجاءُ بمطابق 07:36, 6 آگسٽ 2017ع

مرحومه ايلسا قاضي.

ايلسا قاضي علامه قاضي جي گهر واري جرمن خاتون آهي. پاڻ سنڌي ادب ادن جي انگريزي ۾ کوڙ ساري خدمت ڪئي اٿس.

ايلسا گرٽ، جنهن کي سنڌ ۾ ”مدر ايلسا“ چيو ويندو آهي، سا جرمن نسل جي هڪ مشفق ۽ غريب پرور عورت هئي. سندس ولادت جرمنيءَ جي روڊل اسٽاٽ نالي هڪ ننڍڙي شهر ۾، 13 -آڪٽوبر- 1884ع تي ٿي. سندس والد هڪ موسيقار هو. ايلسا جو ننڍپڻ کان ئي مصوريءَ ۽ شاعريءَ ڏانهن لاڙو هو. 19 صديءَ جي آخر ۾ هيءُ خاندان جرمنيءَ مان لڏي اچي -انگلنڊ- رهيو، -جتي- هن جي ملاقات علامه آءِ. آءِ قاضي صاحب سان ٿي. هنن ٻنهي جي هڪ ٻئي ذهني ۽ دلي هم آهنگي ٿي ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ محبت ٿي وئي. تنهن کانپوءِ 1910ع ۾ علامه صاحب ايلسا سان شادي ڪري پنهنجي محبت کي ازدواجي رشتي ۾ تبديل ڪيو. شاديءَ کان پوءِ، علامه صاحب جي صلاح سان ايلسا قاضيءَ انگريزيءَ ۾ شاعريءَ ۽ -تصنيف- تاليف جو ڪم شروع ڪيو. سال 1911ع ۾ هوءَ علامه صاحب سان گڏ، سنڌ ۾ آئي ۽ حيدرآباد ۾ اچي رهي، -جتي- سندس شعر -انگريزي- اخبارن ۾ ڇپجڻ لڳا. تنهن کان پوءِ سندس شعرن جو مجموعو، حيدرآباد جي اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ ورڪس جي مسٽر آڏواڻيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن جي -انگريزي- ڪتابن ۾ (1) Old English Garden Symphony (Novel), (2) Temptation (Drama), (3) Civilization, Through The Ages, اچي وڃن ٿا. اهو ايلسا جو پهريون ڪتاب هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي چونڊ ڪلام جو -انگريزي- ترجمو، “Risalo of Shah Abdul Latif (Selections)” سندس آخري ڪتاب آهي. علامه قاضي صاحب ۽ ايلسا زندگيءَ جا 60 سال گڏ گذاريا. سندن محبت مثالي محبت هئي. هن 28 مئي 1967ع تي وفات ڪئي ۽ ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي حدن اندر دفن ڪئي وئي. سندس خدمتن جي احترام ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي -اولڊ ڪئمپس- تي -ايلسا قاضي- ڪئمپس نالو رکيو ويو آهي.[1]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%8A%D9%84%D8%B3%D8%A7%20%D9%82%D8%A7%D8%B6%D9%8A