رزاق مهر: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
زمرو:سنڌي شخصيتون شامل ڪيو ويو
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1: سِٽَ 1:
[[File:Razaq Mahar.jpg|thumb|رزاق مهر]]
رزاق مهر (انگريزي Razaq Maher) (پيدائش: 20 جون 1954ع - وفات: 15 آگسٽ 2002ع) سنڌ جو ناليوارو ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ شاعر هو. سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ شاعري سنڌ جي اهم رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. سندس ڪيترائي ڊرامه پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي تان ٽيليڪاسٽ ٿيا. سندس ڪهاڻين جا ڪتاب پڻ ڇپيل آهن.

ورجاءُ بمطابق 19:27, 13 اپريل 2017ع

فائل:Razaq Mahar.jpg
رزاق مهر

رزاق مهر (انگريزي Razaq Maher) (پيدائش: 20 جون 1954ع - وفات: 15 آگسٽ 2002ع) سنڌ جو ناليوارو ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ شاعر هو. سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ شاعري سنڌ جي اهم رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. سندس ڪيترائي ڊرامه پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي تان ٽيليڪاسٽ ٿيا. سندس ڪهاڻين جا ڪتاب پڻ ڇپيل آهن.

زندگي جو احوال

رزاق مهر 20 جون 1954ع تي لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ محلي ۾ جنم ورتو. سندس پورو نالو عبدالرزاق ولد رانجهو خان مهر هو. هن ابتدائي، سيڪنڊري، هاير سينڪڊري کان بي اي تائين تعليم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪئي. 1973ع ۾ بي اي ڪيائين ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. اول بلڊينگ ڊپارٽمينٽ ۾ ڊرافٽ مين طور ڀرتي ٿيو. پوءِ پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. جتي 1988ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري 1989ع ۾ جوهي ڪالي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. جتان 1990ع ۾ بدلي ڪري قمبر ڪاليج ۾ مقرر ڪيو ويو. اتان بدلي ٿي گورنمينٽ سائنس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مقرر ٿيو. اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ماڻيائين. رزاق مهر 1973ع ۾ ادبي دنيا ۾ قدم رکيو. سندس ڪهاڻيون ۽ شاعري سنڌ جي اهم رسالن ۾ ڇپجڻ شروع ٿي. 1987ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران سندس ڪهاڻي “آڙاھ” تي ايورڊ پڻ ڏنو ويو هو. سندس لکيل ڪيترائي ڊرامه پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي تان ٽيليڪاسٽ ٿيا جن وڏي مقبوليت ماڻي. رزاق اڻ ڇهيل موضوعن تي انفرديت سان لکيو. اهوئي سبب آهي جو کيس وڏي پذيرائي ملي. سندس ڪهاڻي جو پهريون ڪتاب 1983ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو سندس وفات کان پوءِ 2009ع ۾ شايع ٿيو. سندس بهترين ادبي ڪم ۾ سندس ڊرمو “جياپو”، سندس ڪهاڻين جا ڪتاب “سڪون ڪٿي آهي“ ۽ “ڊهندڙ ديوار” شامل آهن.[1]

وفات

منفرد ليکڪ ۽ شاعر رزاق مهر 15 آگسٽ 2002ع ۾ دل جي دؤري سبب لاڙڪاڻي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

حوالا