مخدوم نوح: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 37: سِٽَ 37:


==وفات==
==وفات==
پاڻ 85 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائون ۔

==پڻ ڏسندا==
==پڻ ڏسندا==
==حوالا==
==حوالا==

ورجاءُ بمطابق 18:12, 6 فيبروري 2017ع

نالو: مخدوم نوح 
پي جو نالو : نعمت الله
پيدائش: 911 ھ/ 21 فيبروري 1506
وفات:  27 ذالعقد 998 ھ/ 26 سيپٽمبر 1590ع
پيدائش جو هنڌ : ڳوٺ ٽوڙي هالاڪنڊي، پوراڻا هالا ، سنڌ 
ٻولي: سنڌي (مادري) فارسي ، عربي۔
مذهب: اسلام ، سني،  صوفي
شاعري جو دور : سما ، ارغون ۽ ترخان


سنڌ ۾ غوث الحق مخدوم الله المعروف ب مخدوم نوح بيحيثيت درويش ۽ وڏي گادي جا سجاده نشين طور مشهور آهن ، پاڻ مخدوم نيعت الله جا وڏا فرزند آهن ۔ سندس ولادت 21 رمضان 911 ھ/ 21 فيبروري 1506 ع تي ڳوٺ ٽوڙي هالا ڪنڊي ۾ ٿي۔ هي ڳوٺ پراڻن هالن کان اندازا ٽن ميلن جي فاصلي تي آهي ۔ مخدوم نوح جو شجره نسب حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه سان ملي ٿو ، ڪيترن ئي ڪتابن ۾ مخدوم نوح جي زندگي ۽ ڪرامت جو احوال آيو آهي ،

سوانح

مخدوم نوح ، عربيڌياني وٽ پڙهيو ۔ اڪثر عالمن جو اهو خيال هو ت مخدوم نوح گهٽ پڙهيل هو پر قرآن شريف جون سمجهاڻيون ٻڌي حيران ٿي ويندا هئا ۔ اهڙو هڪ واقعو سندس ٺٽي ۾ اچڻ سان تعلق رکي پيو ، انهن عالمن مان هڪڙي چيو ت انهي وقت مخدوم نوح ھڪڙي آيت جو تفسير ڪرڻ ۾ مصروف هو ۽ مون کي تسبيح هٿ ۾ ھئي ، هر معنيٰ  تي داڻو ڦيرائيندو ٿي ويس ۔ جڏھن مخدوم صاحب خاموش ٿيو ت ڳڻيم ڪل اسي داڻا ٿيا۔ مخدوم نوح جي علم فضل ۽ ڪرامت جون ڪي ئي ڳالهيون مشهور آهن ، سندس ڪيل قرآن شريف جو فارسي زبان ۾ ترجمو هڪ شاهڪار آهي اهڙي هستي کي ٿورو پڙهيل ڪير چوندو ۔ هن جو ڪاتب سندن مريد بهاء الدين گودڙيو هو ۔ جو ٺٽي جي ميمڻ خاندان جو فرد هو ۔ هو مخدوم صاحب جي اولاد جو اتاليق ( خانگي استاد ) ب هو۔ شاھ عبدالڪريم بلڙي وارو جيڪو مخدوم نوح جو مريد هو ۔ سو بهاء الدين جو ايترو ادب احترام ڪندو هو جو ان جون جتيون سڌيون ڪري رکندو هو۔

شاعري

پيئي جا پرڀات ، سا ماڪ ن ڀانئيو ماڻهئا

روئي چري رات ، ڏسي ڏکوئين کي

ن سي جوڳي جوء ۾ ، ن سي سامي واٽ

ڪاپڙين ڪنواٺ ، وڏي ويل پلاڻيا


مٿي جن ملفوظات ( بزرگن جو ڪلام ) جو اشارو ڪيو آهي ، انهن جي باري ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي چيو آهي ت اهي مخدوم غلام حيدر صديقي صاحب وٽ ھئا ۽ انهن جو سنڌي ترجمو ڇپائڻ جو خيال هون ۔ هيڏانهن هن عظيم خانوادي تي نظر ڪجي ٿي ت حضرت مخدوم نوح کان پوء ھن خنودي ۾ اهل علم درويش۽ شاعر پيدا ٿيندا آيا آھن ۔ جن تذڪرو ب ٿيندو آيو آهي هاڻي مخدوم جميل زمان صاحب تذڪره مخدومان هالا ۾ تمام گهڻي محنت ۽ محبت سان ڪيو آهي ۔

وفات

پاڻ 85 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائون ۔

پڻ ڏسندا

حوالا