ڄام ساقي: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1: سِٽَ 1:
{{مبسس4}}
[[عڪس:Jam Saqi.jpg|thumb|کاٻو]]
[[عڪس:Jam Saqi.jpg|thumb|کاٻو]]
'''ڄام ساقي'''، ناليوارو سياسي ۽ سماجي اڳواڻ جو پورو نالو محمد ڄام ولد محمد سچل جنجهي آهي. هن 31 آڪٽوبر 1946ع تي ڳوٺ جنجهيءَ، تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو.

==تعليم==
==تعليم==
پرائمري تعليم 1953ع ۾ ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ 1963ع ۾ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول ڇاڇري مان، انٽر 1964ع ۾ ۽ بي. اي 1967ع ۾ سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان ڪرڻ بعد ايم. اي (سياسيات) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.
پرائمري تعليم 1953ع ۾ ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ 1963ع ۾ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول ڇاڇري مان، انٽر 1964ع ۾ ۽ بي. اي 1967ع ۾ سچل سرمست آرٽس ڪاليج [[حيدرآباد]] مان ڪرڻ بعد ايم. اي (سياسيات) [[سنڌ يونيورسٽي]]ءَ مان ڪيائين.

==سياسي سفر==
==سياسي سفر==
ڄام ساقي سياسي سرگرمين جي شروعات هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران 1961ع ۾ ڪئي. هيءُ پهريون ڀيرو ڪاليج واري زماني ۾ حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو. سنڌ نئشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن قائم ٿي ته ان جو هيءُ پهريون صدر چونڊيو. حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ ڄام ساقي بنگال ۾ ٿيل فوجي آپريشن ۾ بنگالين جي قتل عام خلاف بيان جاري ڪيو، جيڪو بي. بي. سي، ريڊيو آل انڊيا ۽ ٻين عالمي نشرياتي ادارن تان نشر ٿيو، جنهن بعد کيس سخت حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو ۽ ڪيترائي سال فوجي ۽ سول قانون وٽ ملزم قرار رهيو. جنهن دوران هيءُ ڪڏهن روپوشي، ڪڏهن گرفتاري، ڪڏهن عدالتن، ڪورٽ مارشلن ۽ جيلن جي عتاب هيٺ رهيو. سندس روپوشيءَ دوران سمري ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ ٻين الزامن هيٺ مٿس سمري ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي کيس هڪ سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. 10 جنوري 1972ع تي روپوشي ختم ڪري نئشنل عوامي پارٽي ’نعپ‘ جي مرڪزي اڳواڻن سيد باقر شاهه ۽ غلام محمد لغاريءَ جي پريس ڪانفرنس ۾ ظاهر ٿيو. ان بعد هن سنڌ جو دورو شروع ڪيو، جنهن دوران کيس سکر مان گرفتار ڪري حيدرآباد سٽي ٿاڻي تي آندو ويو، جتي هن ڏهه پندرهن ڏينهن بک هڙتال ڪئي. پوءِ کيس 15 فبروريءَ تي جيل موڪليو ويو، جتي پڻ هن بک هڙتال شروع ڪئي، جيڪا ٻن هفتن کانپوءِ ’نعپ‘ اڳواڻن جي چوڻ تي ختم ڪيائين. سندس ملاقات تي ڳچ عرصي تائين پابندي رهي. جيل ۾ قيدين کي پڙهائڻ ۽ جيل جي فيڪٽريءَ ۾ پورهيو ڪرڻ سبب سندس سزا گهٽ ٿي ۽ کيس پهرين نومبر 1972ع تي آزاد ڪيو ويو. آزاديءَ واري ڏينهن فيض محمد قصور گرديزيءَ سان بلوچستان ويو، جتي تنهن وقت نعپ جي حڪومت هئي ۽ ولي خان، ذوالفقار علي ڀُٽي سان ڳالهايو به هو ته کيس گرفتار نه ڪيو وڃي. هن تي 73-1972ع ۾ بغاوت جو ڪيس مڙهيو ويو. جنهن دؤران هن ماهوار ٽي اخبارون جاري ڪيون، جن ۾ سنڌ مان ’هلچل‘ (سنڌيءَ ۾) ۽ ’سرخ پرچم‘ (اردو ۾) ۽ بلوچستان مان ’جدوجهد‘ (اردو) شامل هيون. انهن مان ٻه اخبارون: ’سرخ پرچم‘، ’جدوجهد‘ 1980ع تائين جاري رهيون، جن جو پاڻ ايڊيٽر هو. جڏهن ته هلچل اڃا تائين نڪرندڙ آهي. فوج ۽ پوليس ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪيو ۽ 1986ع تائين کيس مختلف جيلن ۾ رکيو ويو. جنهن کانپوءِ حيدرآباد سينٽرل جيل مان بيماريءَ جي حالت ۾ ڪڍي جناح اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪرڻ بعد کيس آزاد ڪيو ويو. هيءُ سنڌ ۾ ڪميونسٽ اڳواڻ طور اڀريو. 1988ع ۾ سوئيڊن سان تعلق رکندڙ سندس هم خيال ساٿين هن کي جرمني، بلغاريا، چيڪوسلواڪيا، سوئيڊن ۽ سوويت يونين وغيره جا دورا ڪرايا. ڄام ساقي ڪميونسٽ سياست کان اڳ ۽ پوءِ واري عرصي ۾ روزگار کي به وقت ڏنو.

==ملازمتون==
==ملازمتون==
1964ع ڌاري هو واپڊا ۾ ڪجهه عرصو ڪلارڪ رهيو، پر سياست سان گهڻي چاهه سبب هن اها نوڪري ڇڏي ڏني. 99- 1998ع ۾ هيءُ اسٽيٽ لائيف ۾ سيلز آفيسر ۽ هڪ غير ملڪي ڪيميائي ڪمپنيءَ جو ڊائريڪٽر به رهيو.

==ادبي سرگرميون==
==ادبي سرگرميون==
ڄام ساقي ننڍپڻ کان ئي ادب سان به وابسته رهيو. سندس پهرين ڪهاڻي ٽنڊي محمد خان مان نڪرندڙ ٻارن جي ڪتابي سلسلي ’گلشن ادب‘ ۾ ڇپي.

==تصنيفون==
==لکڻيون==
ڄام ساقيءَ جا 7 ڪتاب شايع ٿيا. جن ۾: ’کاهوڙي کجن‘ (ناوليٽ: 1972ع)، ’سنڌ جي شاگرد تحريڪ‘ (1973ع، جيڪو ٻيو ڀيرو ’سنڌ جي شاگرد جدوجهد‘ جي نالي سان پڻ ڇپيو)، ’مظلوم قومن جو مستقبل‘ (انٽرويو)، ’چکين جي چيت ڪري‘ (مضمون: 74-1973ع)، ’ضمير ڪي قيدي‘ (اردو: 87-1986ع)، ’ضمير جا قيدي‘ (سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو) شامل آهن. ڄام ساقيءَ جون سياسي وابستگيون ۽ همدرديون مختلف پارٽين سان رهيون، جن ۾: جون 1964ع کان 1991ع تائين ڪميونسٽ پارٽي؛ 1968ع کان پيپلز پارٽي؛ 1970ع کان نيشنل عوامي پارٽي (پارٽيءَ تي پابندي مڙهجڻ تائين) شامل آهن. جڏهن ته سوويت يونين ٽٽڻ کان ڪجهه سال پوءِ هو (1994ع) پيپلز پارٽيءَ جو باقاعده ميمبر ٿيو ۽ جولاءِ 1994ع کان نومبر 1996ع تائين سنڌ جي وڏي وزير عبدالله شاهه جو جبري پورهئي مامرن بابت صلاحڪار پڻ رهيو. هن وقت پيپلز پارٽي سنڌ ڪائونسل جو ميمبر ۽ پاڪستان ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽيءَ (پيمرا) جو (اپريل 2010ع) کان ميمبر به آهي.<ref>ڪتاب: انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012</ref>

==حوالو==
==حوالا==
{{حوالا}}

[[category:شخصيتون]]
[[category:سياست]]
[[category:سنڌ]]
[[زمرو:پاڪستان]]
[[زمرو:سنڌي شخصيتون]]

ورجاءُ بمطابق 00:45, 28 جنوري 2017ع

ڄام ساقي، ناليوارو سياسي ۽ سماجي اڳواڻ جو پورو نالو محمد ڄام ولد محمد سچل جنجهي آهي. هن 31 آڪٽوبر 1946ع تي ڳوٺ جنجهيءَ، تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو.

تعليم

پرائمري تعليم 1953ع ۾ ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ 1963ع ۾ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول ڇاڇري مان، انٽر 1964ع ۾ ۽ بي. اي 1967ع ۾ سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان ڪرڻ بعد ايم. اي (سياسيات) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.

سياسي سفر

ڄام ساقي سياسي سرگرمين جي شروعات هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران 1961ع ۾ ڪئي. هيءُ پهريون ڀيرو ڪاليج واري زماني ۾ حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو. سنڌ نئشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن قائم ٿي ته ان جو هيءُ پهريون صدر چونڊيو. حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ ڄام ساقي بنگال ۾ ٿيل فوجي آپريشن ۾ بنگالين جي قتل عام خلاف بيان جاري ڪيو، جيڪو بي. بي. سي، ريڊيو آل انڊيا ۽ ٻين عالمي نشرياتي ادارن تان نشر ٿيو، جنهن بعد کيس سخت حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو ۽ ڪيترائي سال فوجي ۽ سول قانون وٽ ملزم قرار رهيو. جنهن دوران هيءُ ڪڏهن روپوشي، ڪڏهن گرفتاري، ڪڏهن عدالتن، ڪورٽ مارشلن ۽ جيلن جي عتاب هيٺ رهيو. سندس روپوشيءَ دوران سمري ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ ٻين الزامن هيٺ مٿس سمري ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي کيس هڪ سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. 10 جنوري 1972ع تي روپوشي ختم ڪري نئشنل عوامي پارٽي ’نعپ‘ جي مرڪزي اڳواڻن سيد باقر شاهه ۽ غلام محمد لغاريءَ جي پريس ڪانفرنس ۾ ظاهر ٿيو. ان بعد هن سنڌ جو دورو شروع ڪيو، جنهن دوران کيس سکر مان گرفتار ڪري حيدرآباد سٽي ٿاڻي تي آندو ويو، جتي هن ڏهه پندرهن ڏينهن بک هڙتال ڪئي. پوءِ کيس 15 فبروريءَ تي جيل موڪليو ويو، جتي پڻ هن بک هڙتال شروع ڪئي، جيڪا ٻن هفتن کانپوءِ ’نعپ‘ اڳواڻن جي چوڻ تي ختم ڪيائين. سندس ملاقات تي ڳچ عرصي تائين پابندي رهي. جيل ۾ قيدين کي پڙهائڻ ۽ جيل جي فيڪٽريءَ ۾ پورهيو ڪرڻ سبب سندس سزا گهٽ ٿي ۽ کيس پهرين نومبر 1972ع تي آزاد ڪيو ويو. آزاديءَ واري ڏينهن فيض محمد قصور گرديزيءَ سان بلوچستان ويو، جتي تنهن وقت نعپ جي حڪومت هئي ۽ ولي خان، ذوالفقار علي ڀُٽي سان ڳالهايو به هو ته کيس گرفتار نه ڪيو وڃي. هن تي 73-1972ع ۾ بغاوت جو ڪيس مڙهيو ويو. جنهن دؤران هن ماهوار ٽي اخبارون جاري ڪيون، جن ۾ سنڌ مان ’هلچل‘ (سنڌيءَ ۾) ۽ ’سرخ پرچم‘ (اردو ۾) ۽ بلوچستان مان ’جدوجهد‘ (اردو) شامل هيون. انهن مان ٻه اخبارون: ’سرخ پرچم‘، ’جدوجهد‘ 1980ع تائين جاري رهيون، جن جو پاڻ ايڊيٽر هو. جڏهن ته هلچل اڃا تائين نڪرندڙ آهي. فوج ۽ پوليس ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪيو ۽ 1986ع تائين کيس مختلف جيلن ۾ رکيو ويو. جنهن کانپوءِ حيدرآباد سينٽرل جيل مان بيماريءَ جي حالت ۾ ڪڍي جناح اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪرڻ بعد کيس آزاد ڪيو ويو. هيءُ سنڌ ۾ ڪميونسٽ اڳواڻ طور اڀريو. 1988ع ۾ سوئيڊن سان تعلق رکندڙ سندس هم خيال ساٿين هن کي جرمني، بلغاريا، چيڪوسلواڪيا، سوئيڊن ۽ سوويت يونين وغيره جا دورا ڪرايا. ڄام ساقي ڪميونسٽ سياست کان اڳ ۽ پوءِ واري عرصي ۾ روزگار کي به وقت ڏنو.

ملازمتون

1964ع ڌاري هو واپڊا ۾ ڪجهه عرصو ڪلارڪ رهيو، پر سياست سان گهڻي چاهه سبب هن اها نوڪري ڇڏي ڏني. 99- 1998ع ۾ هيءُ اسٽيٽ لائيف ۾ سيلز آفيسر ۽ هڪ غير ملڪي ڪيميائي ڪمپنيءَ جو ڊائريڪٽر به رهيو.

ادبي سرگرميون

ڄام ساقي ننڍپڻ کان ئي ادب سان به وابسته رهيو. سندس پهرين ڪهاڻي ٽنڊي محمد خان مان نڪرندڙ ٻارن جي ڪتابي سلسلي ’گلشن ادب‘ ۾ ڇپي.

لکڻيون

ڄام ساقيءَ جا 7 ڪتاب شايع ٿيا. جن ۾: ’کاهوڙي کجن‘ (ناوليٽ: 1972ع)، ’سنڌ جي شاگرد تحريڪ‘ (1973ع، جيڪو ٻيو ڀيرو ’سنڌ جي شاگرد جدوجهد‘ جي نالي سان پڻ ڇپيو)، ’مظلوم قومن جو مستقبل‘ (انٽرويو)، ’چکين جي چيت ڪري‘ (مضمون: 74-1973ع)، ’ضمير ڪي قيدي‘ (اردو: 87-1986ع)، ’ضمير جا قيدي‘ (سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو) شامل آهن. ڄام ساقيءَ جون سياسي وابستگيون ۽ همدرديون مختلف پارٽين سان رهيون، جن ۾: جون 1964ع کان 1991ع تائين ڪميونسٽ پارٽي؛ 1968ع کان پيپلز پارٽي؛ 1970ع کان نيشنل عوامي پارٽي (پارٽيءَ تي پابندي مڙهجڻ تائين) شامل آهن. جڏهن ته سوويت يونين ٽٽڻ کان ڪجهه سال پوءِ هو (1994ع) پيپلز پارٽيءَ جو باقاعده ميمبر ٿيو ۽ جولاءِ 1994ع کان نومبر 1996ع تائين سنڌ جي وڏي وزير عبدالله شاهه جو جبري پورهئي مامرن بابت صلاحڪار پڻ رهيو. هن وقت پيپلز پارٽي سنڌ ڪائونسل جو ميمبر ۽ پاڪستان ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽيءَ (پيمرا) جو (اپريل 2010ع) کان ميمبر به آهي.[1]

حوالا

  1. ڪتاب: انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012