آيو: جي ورجائن ۾ تفاوت

نيويگيشن ڏانھن ٽپ ڏيو ڳولا ڏانھن هلو
٢ بائيٽون واڌ ،  ١ مهينا پهرين
سنوار جو تَتُ ڪونھي
م (خودڪار: اضافو زمرا : + زمرو:نظام شمسي)
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
 
 
 
'''آء او چنڊ''' يا '''آيو چنڊ'''{{ٻيا نالا|انگريزي= ''' Io '''}} مشتري (Jupiter) جو پنجون چنڊ ۽ ٽيون نمبر سڀني کان وڏو چنڊ آھي. ھن لاء [[ناسا]] انيڪ مشن موڪليا آھن جن ۾ [[گليليئو (خلائي جھاز)]]، [[ووئيجر (خلائي جھاز)]] ۽ [[پايونيئر (خلائي جھاز)]] شامل آھن . ھن تي ٺھيل وڏا ٻرندڙ جبل ھن کي اسان جي نظام شمسي جي سڀني کان وڌيڪ زميني جوش واري شئي بڻائن ٿا. 7 جنوري 1610ع تي [[گليليئو گليليئي|گليليو گليلي]] 20x ريفليڪس ٽيلي اسڪوپ ذريعي آيو جو تجربو ڪيو. جڏھن ته گھٽ ريزوليشن سبب آيو چنڊ ۽ [[يورپايوروپا]] چنڊ ۾ فرق نه ڪري سگھيو. ان کي ٻئي چنڊ ھڪ جاء تي نظر پئي آيا. جيتوڻيڪ ٻئي ڏينھن 8 جنوري 1610ء تي گليليو آيو چنڊ ۽ يورپا چنڊ کي الڳ الڳ پاسن کان ڏٺو . جيئن ته گليليو آيو چنڊ کي 7 جنوري تي ئي معائنو ڪري چڪو ھو پر بين الاقوامي خلائي يونٽ (IAU) اٺ جنوري 1610ء کي ئي آيو چنڊ جي دريافت جي تاريخ مڃي ٿو .
 
[[فائل:Galileo.arp.300pix.jpg|thumb|upright|left|[[گليليئو گليلئي]] جنھن ھي چنڊ دريافت ڪيو]]
آيو ٽائيڊلي لاڪڊ افيڪٽ ( پنھجي محور تي ڦرڻ بند ٿي وڃڻ) سان پيدا ٿيندڙ گرمي توانائي کان ڪافي زياده واپس ڪندو آھي. پر اھا توانائي ڪٿان ٿي اچي ؟ ان جي تلاش اڃان ھلي پئي. اھا ڪھڙي طاقت آھي جيڪا آيو چنڊ تي ٻرندڙ جبلن کي ھلائي پئي ۽ ٻرندڙ جبلن مان نڪرندڙ شيء ڪھڙي آھي؟ ھي به آيو چنڊ جي رازن منجھان ھڪ راز آھي ته آيو وٽ پنھنجو مقناطيسيت ڇو آھي؟ ھي ڪٿان ۽ ڪيئن ٺھيو؟ ھي ٻين چنڊن کان ڇو وڌيڪ الڳ آھي؟
 
مستقبل ۾ مشتري جي چنڊن لاء ڪجھ مشن موڪلڻ جي تياري آھي. جونو خلائي جھاز (Juno) 2011ء تي خلا ۾ روانو ڪيو ويو جيڪو ٻرندڙ جبلن جي جاچ وٺندو. يورپي ايجنسي 2022ء2023ء تائين مشتري جي برفاني چنڊ جي کوجنا لاء ھڪ خلائي جھاز روانو ڪرڻ جي تياري ڪري پئي جيڪو گينيميڊ چنڊ تائين ويندو ۽ آيو چنڊ وٽان اڏرڻ دوران ان جي جاچ ڪندو. آيو چنڊ لاء ھڪ خاص مشن آيو چنڊ جي ٻرندڙ جبلن جو مشاھدو ڪرڻ لاء 2021 تائين موڪلڻ جي ڳالھ به ھلي پئي. جيڪو ھن جو سٺي نموني جائزو وٺندو ۽ مطالعو ڪندو. شايد مستقبل ۾ انھن سڀني مھمن ذريعي اسان آيو چنڊ جي رازن کان پردو کڻي سگھون. جيتوڻيڪ اسان جي ھي ڪائنات ھميشه ئي رازن سان ڀريل رھندي .
 
== حوالا ==
گمنام واپرائيندڙ

رھنما مينيو