شوڪت شورو: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: وزيوئل سنوار موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 1: سِٽَ 1:
{{ڪاپي پيسٽ}}{{Infobox writer
| name =شوڪت شورو<br/>Shaukat Shoro
| name =شوڪت شورو<br/>Shaukat Shoro
| image =فائل:Shaukat Shoro.jpg
| image =فائل:Shaukat Shoro.jpg

ورجاءُ بمطابق 21:09, 10 نومبر 2021ع

| name =شوڪت شورو
Shaukat Shoro | image =فائل:Shaukat Shoro.jpg | imagesize = 200px | caption = | pseudonym = شوڪت شورو | birth_name =شوڪت حسين شورو | birth_date = جُولاءِ 1947 (عمر 76 سال) | birth_place = ڳوٺ نور محمد شورو،سجاول تعلقي، ٺٽي ضلعي (هاڻ سجاول ضلعي) |death_date = 9 نومبر 2021 | death_place =ڪراچي | resting_place = ڄامشورو | occupation = ڪالم نگار، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار | nationality = | citizenship =پاڪستان | religion = اسلام | ethnicity = سنڌي | language =سنڌي | education = ایم اي (سنڌي ادب) | alma_mater =سنڌ يونيورسٽيڄامشورو | workplaces =انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي | fields = | genre = | subject = افسانہ، ڪالم، ڊراما | notableworks = گونگي ڌرتي ٻوڙو آسمان
اکين ۾ ٽنگيل سپنا
گم ٿيل پاڇو
رات جو رنگ
کوئي هوئي پرڇائي
| influences = | influenced = | awards = بهترين ڪهاڻيڪار (سارنگا پبليڪيشن حيدرآباد) ـ شوڪت حسين شورو کي اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀا پاران ”سنڌ اديب“ ايوارڊ رام. ڄيٺملاڻي جي ھٿان ممبئي ۾ 2015 ۾ ڏنو ويو. ـ ”شوڪت حسين شورو ـ شخصيت ۽ فن “ ٽاپڪ تي ارشد چنا علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي، اسلام آباد مان ايم ـ فل جي ڊگري حاصل ڪئي. ـ شوڪت حسين شورو بابت چاندي ٻائي ڪاليج، الھاس نگر، انڊيا ۾ 2017 ۾ ادبي سيمينار آيوجت ڪيو ويو. -هندستان جي سرڪاري سطح تي مهاراشٽرا راجيه سنڌي آڪادميءَ طرفان 2018 ۾ 'کوئي هوئي پرڇائي' ڪتاب تي انعام حاصل ٿيل. | signature = | website = | portaldisp = | students = }} شوڪت شورو انگريزي ٻولي (Shaukat Shoro) سنڌ پاڪستان. جو سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جو ناميارو جديد اديب، ڪالم نگار، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار هيو[1][2]. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. سندس ڪيترائي ڊرامه پڻ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي سينٽر تان ٽيليڪاسٽ ٿيل آهن جن عوام ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. شوڪت شورو سنڌي ساهت جوانتهائي منفرد ڪهاڻيڪار، مضمون نگار ۽ ڊراما نگار آهي جنهن ڪري سنڌ توڙي هند جي سنڌي اديبن ۾ هڪ جيترو مقبول آهي. [3].[4].[5][6]

زندگي ۽ تعليم

شوڪت شورو جو پورو نالو شوڪت حسين شورو آهي. هن جو جنم 4 جولاءِ 1947ع تي نامياري وڪيل ۽ جج عبدالڪريم شورو جي گهر ۾،ٺٽي ضلعي هاڻ سجاول ضلعي جي سجاول تعلقي جي ڳوٺ نور محمد شورو ۾ ٿيو.[1] هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ پرائي. چار درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ سجاول شهر جي هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو ۽ ان اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪيائين.[1] 1966ع ۾ حيدرآباد جي سچل آرٽس ڪاليج منجهان بي اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1968ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم ايسنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪيائين.[7][1]

خدمتون

شوڪت شوري لکڻ جي شروعات 1964ع ۾ ڪئي. سندس پهرين ڪهاڻي 1964ع ۾ ماهوار رسالي روح رهاڻ حيدرآباد ۾ "اکيون روئي پيون" جي نالي سان ڇپي هئي. پوءِ مسلسل لکندو رهيو. شوڪت شورو جديد سنڌي ڪهاڻي يا نئين ڪهاڻي جو منفرد ليکڪ ۽ ٻين وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ سرفهرست آهي.[5] شوڪت شورو شروع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپجندڙ ٻارن لاءِ رسالي گل ڦل جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ان نوڪري کي ڇڏي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي سينٽر تي ڊرامي جو اسڪرپٽ ايڊيٽر بڻيو. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ نوڪري ڪيائين ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو[1] ۽ 2009ع تائين انهي عهدي تي رهيو.[1] شوڪت شورو سنڌي اديبن جي وفدن سان هندستان جا ڪيترائي دورا ڪيا آهن. سندس ڪيترائي ڊرام پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي ۽ ٻين چئنلن تي سندس ڊراما ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن. سندس ڊرامو باک ۽ ملڪيت وڏي مقبوليت ماڻي .[7] سندس زندگي ۽ فن تي مڃتا طور “شوڪت حسين شورو شخصيت ۽ فن” 2001ع ۾ ڪتاب پڻ ترتيب ڏنل ۽ ڇپيل آهي. ان ۾ مختلف اديبن جا سندس شخصيت ۽ فن تي سنڌي انگريزي مقالا به شامل آهن ته سندس چار ڪهاڻيون “شاگرد اڳواڻ”، “اوپرو ماڻهو”، “اکين ۾ ٽنگيل سپنا” ۽ “خوف جو موت” به ڇپيل آهن.[8] سندس ڪهاڻين “گم ٿيل پاڇو”، “سمنڊ ۽ هيڪلو روح” ۽ ٻين ڪهاڻين به مقبوليت ماڻي.[9]

ڇپيل ڪتاب

شوڪت شوري جي ڪهاڻين جا ڇپيل اهم ڪتاب آهن:[7][10]

  • گونگي ڌرتي ٻوڙو آسمان، 1981ع
  • اکين ۾ ٽنگيل سپنا، 1983ع
  • گم ٿيل پاڇو 1989ع
  • رات جو رنگ 2011ع
  • کوئي هوئي پرڇائي 2017ع
  • ڪلرس آف نائيٽ

اوارڊ

شوڪت شورو ادبي خدمتن عيوض وڏي مڃتا ماڻي آهي. کيس اديب ۽ ڪهاڻيڪار طور ڪيترائي اوارڊ مليا آهن جنهن ۾ سارنگا پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2001ع ۾ بهترين ڪهاڻيڪار جو مليل اوارڊ ذڪر جوڳو آهي.[7]

لاڏاڻو

شوڪت شورو 9 نومبر 2021 تي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.[11]

حوالا

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 "شوڪت حسين شورو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-11-10. 
  2. "ٽيليويزن ڊراما نگاري | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2021-11-10. 
  3. "Sindhi Adabi Board Online Library (Folk_Litrature)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-05-31. 
  4. "PressReader.com - Your favorite newspapers and magazines.". www.pressreader.com. حاصل ڪيل 2019-05-30. 
  5. 5.0 5.1 "شوڪت حسين شورو شخصيت ۽ فن". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2019-05-30. 
  6. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-05-30. 
  7. 7.0 7.1 7.2 7.3 "شوڪت حسين شورو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-05-30. 
  8. "شوڪت حسين شورو شخصيت ۽ فن : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-05-31. 
  9. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-05-31. 
  10. "Amazon.in: Shaukat Hussain Shoro: Books". www.amazon.in. حاصل ڪيل 2019-05-30. 
  11. "Famous Story Writer Shoukat Hussain Shoro Passes Away". UrduPoint. حاصل ڪيل 2021-11-10.