ابن انشا: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودڪار: اضافو زمرا +ڳنڌڻو+ترتيب (14.9 core): + 5 زمرو
سِٽَ 4: سِٽَ 4:
{{حوالا}}
{{حوالا}}


[[زمرو:1927ع جون پيدائشون]]
[[زمرو:1978ع جون فوتگيون]]
[[زمرو:اردو شاعر]]
[[زمرو:اردو شاعر]]
[[زمرو:پاڪستاني اردو شاعر]]
[[زمرو:پاڪستاني اردو شاعر]]

ورجاءُ بمطابق 03:48, 9 جُولاءِ 2020ع

اردو- زبان جو ناليوارو مزاح نگار، شاعر، صحافي ۽ مترجم -ابنِ انشا-، 1927ع ڌاري ڦُلا، ضلعي -جالنڌر- (ڀارت) ۾ ڄائو. سندس اصلي نالو شيرمحمد خان هو، جڏهن ته مختلف قلمي نالن؛ جهڙوڪ: درويش، نانا فرنويس ۽ حاجي بابا جي نالن سان پڻ سڃاتو ويندو هو. مئٽرڪ 1942ع ۾ لڌيانا مان ڪيائين، جڏهن ته 1946ع ۾ بي. اي پنجاب يونيورسٽيءَ مان، ايم. اي (-اردو-) 1962ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. قيام -پاڪستان- کان اڳ امپيريل ڪائونسل آف ايگريڪلچرل ريسرچ دهليءَ جي هڪ رسالي، ’انڊين فارمنگ‘ جي -ايڊيٽوريل- بورڊ جو ميمبر رهيو. جنهن کان پوءِ آل -انڊيا- ريڊيو دهليءَ سان منسلڪ ٿيو. ورهاڱي وقت لڏي -پاڪستان- آيو ۽ لاهور اچي رهيو. ريڊيو -پاڪستان- لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ گهڻي وقت تائين خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. 1950ع کان 1956ع تائين دستور ساز اسيمبليءَ ۾ سينئر مترجم مقرر ٿي ڪم ڪيائين. جنهن کان پوءِ 1961ع تائين ’پاڪ سرزمين‘ رسالي جو اسسٽنٽ -ايڊيٽر- رهيو. 1960ع کان روزنامه ”امروز“ ڪراچيءَ ۾ ڪالم لکيائين، جيڪي ”حاجي بابا اصفهاني“ جي نالي ۾ ڇپيا، 1965ع ۾ روزنامه ”انجام“ ڪراچي ۽ 1966ع ۾ روزنامه ”-جنگ-“ ڪراچيءَ ۾ ڪالم لکڻ لڳو، سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”ساحل پر“ آهي. 1961ع کان وٺي، پنهنجي وفات تائين نئشنل بوڪ ڪائونسل جو ڊائريڪٽر رهيو. پاڻ -پاڪستان رائٽرز گلڊ- ۽ يونيسڪو ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏنائين. سندس شاعريءَ جا پنج مجموعا، چار سفرناما ۽ لاتعداد ڪالم ڇپيل آهن. شاهه لطيف جي ڪن بيتن جو -اردو- ترجمو پڻ ڪيو اٿس. هن جا شعر ۽ نثر ۾ ڪافي ڪتاب لکيل آهن، آهن 11 -جنوري- 1978ع تي لنڊن ۾ وفات ڪيائين ۽ کيس ڪراچيءَ ۾ دفن ڪيو ويو.[1]

حوالا