نڪاح: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Automated text replacement (-category: +زمرو:)
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 1: سِٽَ 1:
*'''عربن ۾ آڳاٽي زماني کان نڪاح جا مختلف طريقا هلندڙ هئا'''. ابن عباس ۽ ان جي شاگرد عڪرمہ مطابق اسلام جي آمد کان اڳ عربستان ۾ نڪاح جي ڪابه حد ڪانہ ھئي. ھڪ شخص ڏھ ڏھ زالون رکي سگھندو ھو ۽ جڏھن گھڻين زالن جي ڪري خرچ وڌي ويندا ھئا تہ مجبور ٿي پنھنجي يتيم عزيزن، ڀائٽن ، ڀانيجن جون ملڪيتون ڦٻائڻ شروع ڪندا ھئا جنھن ڪري خدا نڪاح جي لاءِ چئن زالن جي حد مقرر ڪري ڇڏي<ref name =" مودودي" > - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه :320 </ref>.
*'''عربن ۾ آڳاٽي زماني کان نڪاح جا مختلف طريقا هلندڙ هئا'''

==1. ھاڻوڪو اسلامي طريقو==
==1. ھاڻوڪو اسلامي طريقو==
نڪاح جو هاڻوڪو طريقو قريش قبيلي ۾ اسلام کان الڳ لاڳو هيو، جيڪو اسلام جي اچڻ کان پوءِ اسلامي طريقو مڃيو ويو.
نڪاح جو هاڻوڪو طريقو قريش قبيلي ۾ اسلام کان الڳ لاڳو هيو، جيڪو اسلام جي اچڻ کان پوءِ اسلامي طريقو مڃيو ويو.

ورجاءُ بمطابق 09:40, 29 مارچ 2020ع

  • عربن ۾ آڳاٽي زماني کان نڪاح جا مختلف طريقا هلندڙ هئا. ابن عباس ۽ ان جي شاگرد عڪرمہ مطابق اسلام جي آمد کان اڳ عربستان ۾ نڪاح جي ڪابه حد ڪانہ ھئي. ھڪ شخص ڏھ ڏھ زالون رکي سگھندو ھو ۽ جڏھن گھڻين زالن جي ڪري خرچ وڌي ويندا ھئا تہ مجبور ٿي پنھنجي يتيم عزيزن، ڀائٽن ، ڀانيجن جون ملڪيتون ڦٻائڻ شروع ڪندا ھئا جنھن ڪري خدا نڪاح جي لاءِ چئن زالن جي حد مقرر ڪري ڇڏي[1].

1. ھاڻوڪو اسلامي طريقو

نڪاح جو هاڻوڪو طريقو قريش قبيلي ۾ اسلام کان الڳ لاڳو هيو، جيڪو اسلام جي اچڻ کان پوءِ اسلامي طريقو مڃيو ويو.

2.نڪاح الا ستبضاع

هڪڙو شخص پنهنجي زال کي چوندو هو ته جيئن تون پنهنجي حيض کان پاڪ ٿين ته فلاڻي سان وڃي هم بستري ڪجان، جيئن ان مان تو کي پيٽ ٿئي، ايستائين مڙس زال کان الڳ رهندو هئو، جيستائين ان کي يقين ٿي ويندو هيس ته ان مان هن کي پيٽ ٿي ويو آهي. نڪاح جي هن طريقي کي عربي ۾ نڪاح الا ستبضاع چوندا هئا.

3 گھڻ مڙسي شادي

ڏهن کان گھٽ ماڻهو صلاح ڪري گڏجي ڪنهن عورت سان، سندس رضا سان هم بستري ڪندا هئا، جنهن ۾ عورت ۽ مردن جو گڏيل راضپو هوندو هيو، جڏهن اهڙي عمل مان ٻار پيدا ٿيندو هيو ته، انهن ماڻهن کي گھرائيندي هئي، انهن مان جنهن کي پسند ڪندي هئي ان کي چوندي هئي ته هي ٻار تنهنجو آهي ۽ اهو ان کي قبو ليندو هو.

4.قياف شناس

عربن ۾ اهڙيون عورتون هونديون هيو جيڪي، حيض کان پاڪ ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي گھرن تي جھندا هڻي ڇڏينديون هيون، ڪيترائي ماڻهو گڏجي ان عورت جي گھر وڃي ان عورت سان هم بستري ڪندا هئا، انهن مان هوءَ پيٽ سان ٿي ويندي هئي، جڏهن ٻار ٿيندو هيس ته ،انهن ماڻهن ۽ قياف شناس يعني چهرا شناس کي گھرايو ويندو پوءِ اهو ڇوندو هو ته هن ٻار جا مهانڊا هن سان ملن ٿا پوءِ اهو ان ٻار جو پيءُ سمجھيو ويندو هو.

5.نڪاح مته

هڪ مدت مقرر لاءِ هڪ عورت شادي ڪندا هئا ،مدي گزرڻ کان پوءِ اهي الڳ ٿي ويندا هئا، جنهن کي متو چوندا هئا.

6.البدل نڪاح

هڪڙو شخص ٻئي کي چوندو هيو، تون منهنجي حق ۾ پنهنجي زال تان هٿ کڻ مان تنهنجي حق ۾ ٿيان ٿو، البدل نڪاح چوندا هئا.

7.نڪاح کي الشغار

هڪ شخص پنهنجي عيوض ۾ پنهنجي ڌيءُ ڌئي زال وٺندو هيو جنهنجو حق مهر ڪونه ٿيندو هيو، جنهن نڪاح کي الشغار چوندا هئا .

8.نڪاح مقت

پيءُ جي مري وڃڻ يا طلاق ڏيڻ جي صورت ۾ ان جي زال سان وڏو پٽ نڪاح وجھندو هيو، اهڙي نڪاح کي، نڪاح مقت چوندا هئا. [2] [3]

حوالا

  1. - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه :320
  2. پڙهو ڪتاب؛ بلوغ الارب، مترجم ڊاڪٽر پير محمد حسن، پي .ايڇ ڊي . صفحو نمبر 372
  3. ڪتاب؛ پڙهو بلوغ الارب