اينيو: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
←‏تفصيل: معمولي ڪاپي ايڊٽ
مضمون کي بهتر بڻايو ڳنڍڻن کي شامل/بهتر ڪيو
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سِٽَ 1: سِٽَ 1:
{{Infobox deity
|type = يوناني (گريڪ)
|name = اينيو Enyo
|image = Image of Enyo the Goddess- 2014-04-16 07-17.jpg
<!-- |image_size = -->
|caption =
|god_of =جنگ, تباھي, سوڀ, ۽ رت جي اُڃايل ديوي
|abode = [[اولمپس جبل]]
|symbol = ملٽري [[ھيلمٽ]] ۽ ٽارچ
|consort = [[ايريس]]
|parents = [[زيوس]] ۽ [[ھيرہ]]
|siblings =
|children = [[اينياليئس|انياليئوس]]
|Roman_equivalent = [[بيلونا (ديوي)|بيلونا]]
}}


'''اينيو''' ({{lang-en|Enyo}}) ڪلاسيڪل يوناني ڏندڪٿائن ۾ اينيو جنگ جي ديوي ھئي. اھا گھڻي قدر جنگي خدا آريس سان لاڳاپيل آھي.
'''اينيو''' ({{lang-en|Enyo}}) ڪلاسيڪل يوناني ڏندڪٿائن ۾ اينيو جنگ جي ديوي ھئي. اھا گھڻي قدر جنگي خدا آريس سان لاڳاپيل آھي.

ورجاءُ بمطابق 15:36, 21 فيبروري 2020ع

اينيو Enyo
جنگ, تباھي, سوڀ, ۽ رت جي اُڃايل ديوي
ٺِڪاڻو اولمپس جبل
نشاني ملٽري ھيلمٽ ۽ ٽارچ
ساٿي ايريس
ماءُپيءُ زيوس ۽ ھيرہ
ٻچو انياليئوس
رومي هم معنيٰ لفظ بيلونا

اينيو (انگريزي ٻولي: Enyo) ڪلاسيڪل يوناني ڏندڪٿائن ۾ اينيو جنگ جي ديوي ھئي. اھا گھڻي قدر جنگي خدا آريس سان لاڳاپيل آھي.

تفصيل

ڪوئنٽس سمرنيئس انکي ”جنگ جي ڀيڻ“ سڏيو آھي،[1] ھڪ اھڙي ئي ڪردار ۾ جنھن ۾ ايرس سان مشابھت رکي ٿي، ھومس سان، جھڳڙو ۽ اختلاف جو مجسمو، ھڪ ئي ديوي جي حيثيت سان ٻنھين جي نمائندگي ڪندڙ ديوي آھي. ڪُجھ ڏندڪٿائن (افسانن) ۾ ان جي سُڃاڻپ جنگي ديوتا ايناليئس جي ماءُ طور پڻ ڪئي وئي آھي، ۽ انھن ڏندڪٿائن ۾، آريس جي پيءُ طور پڻ اشارو ڪيل آھي، تنھن ھوندي، مذڪر جي نالي سان اينيلياس يا اينيليوس پڻ آريس جي لقب طور استعمال ڪري سگھجي ٿو.[2] جنگ جي ديوي جي حيثيت سان، اينيو شھرن جي تباھيءَ کي وَڌائڻ لاءِ ذميدار آھي، جيڪا اڪثر آريس سان گڏجي جنگ ۾ شامل ٿيندي آھي. کيس "جنگ ۾ اعليٰ" طور ڏيکاريو ويو آھي. ٽرواءِ جي انت دوران، اينيو ايريس سان گڏجي، جنگ ۾ دھشت ۽ رتوڇاڻ سميت (”تڪرار“)، فوبوس (”ڊپ“) ۽ ڊيموس (”ڊڄ“) پيدا ڪيو، اھي پوءِ ۾ ذڪر ڪيل فوبوس (”ڊپ“) ۽ ڊيموس (”ڊڄ“) ايريس جا ٻہ پُٽ ھيا. ھوءَ، ايريس ۽ ايريس جا ٻہ پُٽ اچيليس جي ڍال تي ڏيکاريل آھن. اينيو ٿيبس جي خلاف ست جي جنگ (وار آف سيون) ۽ ھندستانين سان ڊائيونس جي جنگ ۾ پڻ شامل ھُئي. اينيو جنگي ويڙھ منجھان ايتري تہ خوش ھُئي ايتري قدر جو ھن زيئوس ۽ راڪشس ٽائيفون جي وچ ۾ لڳندڙ جنگ ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو:

ايرس (جھڳڙو) ميلئي ۾ ٽائفن جو محافظ ھيو، نائڪ (سوڀارو) پاران زيئوس کي جنگ ۾ آڻي ڇڏيو … اَڻ ڌُريو (غير جانبدار) اينيو ٻنھين ھڪٻئي جي مخالف زيوس ۽ ٽائفن جي وچ ۾ برابري توازن برقرار رکيو، جڏھن تہ تيز رفتار شاٽس واري گجندڙ چمڪندڙ آسمان تي نچندي ظاھر ٿيا.


اينيو کي رومين بيلونا سان سُڃاتو ھيو، اينيو کي اناتوليائي ديوي ما سان ھڪجھڙايون رکندڙ پڻ ڏيکاري وئي آھي. ٿيبس ۽ ورچومينوس ۾، ھوميوسا جي نالي سان ھڪ فيسٽول، جيڪو زيئوس، ديميتر، ايٿينا ۽ اينيو جي اعزاز ۾ ملھايو ويندو آھي، تنھن (ميلو) لاءِ چيو ويندو آھي تہ انکي اھو نالو اينيوو جي ھڪ پوڄارڻ (پرائيسٽئيس) ھومولوس، جي نالي پُٺيان ھومولوس جو نالو مليو ھيو.[3] اينيو جو مجسمو، جيڪو ايٿينيائي مجسما ٺاھيندڙ پراڪسائٽلس (Praxiteles) جي پُٽن ٺاھيو ھيو، اينٿنز ۾ ايريس جي مندر ۾ کُپيل ھيو. ھيسئوڊ جي ٿيئوگوني (Theogony ديوتائن جي درجابندي جو علم) (270–کان 273) ۾، اينيو پڻ گرئائي (Graeae) منجھان ھڪ جو نالو ھيو، ٽي ڀينر ھڪٻئي سان ھڪ اک ۽ ھڪ ڏند ونڊينديون ھيون، ٻيون ڀينر ڊيئنو (”ڊپ، ڊريڊ“) ۽ پيمفريڊو (”الارم“) ھيون.[4]

نوٽس

  1. Quintus Smyrnaeus, Fall of Troy, 8.424.
  2. Willcock, Malcolm M. (1976). A companion to the Iliad : based on the translation by Richard Lattimore ([9th print.] ed.). Chicago: University of Chicago Press. p. 58. ISBN 0-226-89855-5. https://archive.org/details/companiontoiliad0000will. 
  3. Suidas s. v.; compare Müller, Orchomen, p.229, 2nd edit. (cited by Schmitz)
  4. Harris, Stephen L., and Gloria Platzner. Classical Mythology: Images and Insights (3rd edition). California State University, Sacramento. Mayfield Publishing Company. 2000, 1998, 1995, pp. 273–274, 1039.