سنڌ يونيورسٽي: جي ورجائن ۾ تفاوت
KaleemBot (بحث | ڀاڱيداريون) م Bot: Automated text replacement (-File: +فائل:) |
|||
سِٽَ 2: | سِٽَ 2: | ||
| name =سنڌ يونيورسٽي |
| name =سنڌ يونيورسٽي |
||
| native_name = |
| native_name = |
||
| image = [[ |
| image = [[فائل:Sindh university.jpg|thumb|سنڌ يونيورسٽي]] |
||
| image_size =250px |
| image_size =250px |
||
| image_alt = |
| image_alt = |
||
سِٽَ 60: | سِٽَ 60: | ||
== تاريخ == |
== تاريخ == |
||
[[ |
[[فائل:University of Sindh Gate.jpg|200px|thumb|سنڌ يونيورسٽي جو گيٽ]] |
||
پاڪستان جي ٺهڻ وقت پاڪستان ۾ صرف هڪ يونيورسٽي ”يونيورسٽي آف پنجاب“ فعال هُئي، جيڪا صرف پنجاب صوبي ۾ تعليم جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪري رهي هُئي. سنڌ صوبي ۾ صِرف هڪ يونيورسٽي ”يونيورسٽي آف ممبئي“ هُئي جيڪا آزاديءَ کان پهرين ئي بمبئي کان الڳ ٿيڻ ڪري بمبئي جي حصي ۾ آئي، جيڪا هاڻ ڀارت ۾ آهي. |
پاڪستان جي ٺهڻ وقت پاڪستان ۾ صرف هڪ يونيورسٽي ”يونيورسٽي آف پنجاب“ فعال هُئي، جيڪا صرف پنجاب صوبي ۾ تعليم جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪري رهي هُئي. سنڌ صوبي ۾ صِرف هڪ يونيورسٽي ”يونيورسٽي آف ممبئي“ هُئي جيڪا آزاديءَ کان پهرين ئي بمبئي کان الڳ ٿيڻ ڪري بمبئي جي حصي ۾ آئي، جيڪا هاڻ ڀارت ۾ آهي. |
||
ورجاءُ بمطابق 16:56, 13 نومبر 2019ع
قسم | Public |
---|---|
سرگرم | 1947 |
چانسلر | سنڌ گورنمنيٽ |
وائيس چانسلر | ڊاڪٽر فتح محمد برفت |
پتو | ڄامشورو، سنڌ، پاڪستان |
ڪيمپس | نئون:علامه آءِ آءِ قاضي پراڻو:مس ايلسا قاضي |
رنگ | سُرمئي سائو, ڪارو |
ويب سائيٽ | www |
سنڌ يونيورسٽي (English: University of Sindh) (سنڌ ورسٽِي) هڪ تعليمي ادارو، ڄامشوري ۾ واقع آهي. هِي پاڪستان جي پُراڻي ۽ ٻيون نمبر وڏي يونيورسٽي آهي. هي يونيورسٽي 1947 کان 1951 جي وچ واري عرصي ۾ ٺهي. 1951 ۾ ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ٿيڻ کانپوءِ مڪمل طرح پڙهائي جو سلسلو جاري ٿيو.
ھي يونيورسٽي 1947 ۾ سنڌ اسيمبلي مان سنڌ يونيورسٽي ايڪٽ پاس ڪرائي 13 اپريل 1947 ۾ ڪراچي جي علائقي رنڇوڙ لائين ۾ پير الاهي بخش ٽيچرس ٽريننگ اسڪول جي جاء ۾ قائم ڪئي وئي. سنڌ جو گورنر سر فرانسس موڊي سنڌ يونيورسٽي جو پھريون چانسلر، سر غلام حسين ھدايت اللہ پرو چانسلر، اي.بي.حليم پھريون وائيس چانسلر ۽ آغا تاج محمد پھريون رجسٽرار مقرر ٿيا. مئي 1951 ۾ سنڌ يونيورسٽي کي ڪراچي کان حيدرآباد آندو ويو.[1]اھا اپريل 1947 ۾ اين. جي. وي. ھاءِ اسڪول جي الھندي ونگ ۾ قائم ٿي.[2]
تاريخ
پاڪستان جي ٺهڻ وقت پاڪستان ۾ صرف هڪ يونيورسٽي ”يونيورسٽي آف پنجاب“ فعال هُئي، جيڪا صرف پنجاب صوبي ۾ تعليم جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪري رهي هُئي. سنڌ صوبي ۾ صِرف هڪ يونيورسٽي ”يونيورسٽي آف ممبئي“ هُئي جيڪا آزاديءَ کان پهرين ئي بمبئي کان الڳ ٿيڻ ڪري بمبئي جي حصي ۾ آئي، جيڪا هاڻ ڀارت ۾ آهي.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌ صوبي ۾ تعليم جي بهتريءَ لاءِ هڪ اداري جي ضرورت پئي ۽ قانوني شق نمبر XVII تحت ”يونيورسٽي آف سنڌ“ جي نالي سان هڪ بِل قانونساز اسيمبليءَ ۾ پاس ٿيو جيڪو سنڌ کي پڻ هڪ نئين يونيورسٽي قائم ڪرڻ بابت هو.
ورهاڱي کان پوءِ 1947 کان 1955 تائين حيدرآباد کي سنڌ جِي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو ويو ۽ يونيورسٽي کي پڻ 1951 ۾ ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي هِن تعليمي اداري کي فعال بڻايو ويو. يونيورسٽيءَ ۾ پهريون شعبو ”ڊپارٽمينٽ آف ايجوڪيشن“ (تعليمي شعبو) قائم ڪيو ويو جنهنکي پوءِ ”فيڪلٽي آف ايجوڪيشن“ جو نالو ڏنو ويو. تنهن کان پوءِ يونيورسٽيءَ ۾ ٻيا به شعبا شامل ڪيا ويا ته يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي ماحول سرگرم ٿي ويو، جنهن کان پوءِ هڪ ٻيو ڪيمپس کولڻ جِي ضرورت محسوس ٿِي، جيڪو حيدرآباد شهر کان 15 ڪلوميٽر اولهه_اُتر طرف ڄامشورو ۾ ”علامه امداد علي امام علي قاضي“ جي نالي سان ٺهيو.
ادارو
سنڌ يونيورسٽي جو انتظام ڄامشورو ڪيمپس ۾ ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ وٽ آهي، هِن اداري جي انتظام هيٺ 4 ”لاء ڪاليج“ ۽ 74 ”ڊگري ۽ پوسٽ گريجوئيٽ“ ڪاليج پڻ آهن. تعليم جِي پکيڙ جي حوالي سان سنڌيونيورسٽي جا 9 ٻيا به ڪيمپس سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آهن.
ڪيمپَس
سنڌ يونيورسٽي جا ٻه مُکيه ڪيمپس (1 ۽ 2) آهن ۽ سَتَ (7) وڌيڪ ڪيمپس (3 کان 9) پڻ شامل ڪيا ويا آهن.
- علامه آءِ آءِ قاضي ڪيمپس، ڄامشورو، سنڌيونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس.چانسلر جي نالي سان لاڳاپيل آهي
- ايلسا قاضي ڪيمپس، حيدرآباد، جيڪو سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائس.چانسلر علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي جَرمَن گھرواريءَ جي نالي سان لاڳاپيل آهي.
- سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪيمپس، بدين
- سنڌ يونيورسٽي ميرپورخاص ڪيمپس
- سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻو ڪيمپس
- محترمه بينظير ڀٽو شهيد ڪيمپس، دادُو
- سنڌ يونيورسٽي نوشهرو فيروز ڪيمپس
- يونيورسٽي آف صوفي_ازم اينڊ ماڊرن سائنس، ڀٽ شاھ ڪيمپس
- سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس
انتظاميه
سنڌ يونيورسٽيءَ جو مکيه انتظام ڄامشورو ۾ وائيس.چانسلر جي هٿ هيٺ هوندو آهي. ڪيمپس ۾ سَتَ شعبه، فارميسي، ايجوڪيشن، اسلامڪ اسٽڊي، سوشل سائنس، نيچرل سائنس، آرٽ، ڪامرس ۽ بزنس ايڊمنسٽريشن پڻ شامل ڪيا ويا آهن. هر شعبو هڪ ”ڊِين“ جي انتظام هيٺ هوندو آهي، ”ڊين“ کي وائيس.چانسلر مُنتخب ڪندو آهي. هر شعبي جي الڳ عمارت آهي.
تعليم ۽ ڊگري
يونيورسٽيءَ ۾ انڊرگريجوئيٽ بيچلر، بيچلرس آنرس ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ماسٽر ڊگري ۽ ايم.فِل توڙي پِي.ايڇ.ڊي پروگرام لاءِ رهنمائي پڻ ڪئي وڃي ٿِي.