اوچتي صورتحال: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: اوچتي صورتحال (''Ochiti soorthaal'') يا فورس دي مازئر (Force de majeure) جو اصطلاح فرانسي قانون جو ٻول يا لفظ آهي، ج...
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
 
م Bot: Automated text replacement (-category: +زمرو:)
سِٽَ 4: سِٽَ 4:
{{حوالا}}
{{حوالا}}


[[category:سياست]]
[[زمرو:سياست]]
[[category:ملڪ]]
[[زمرو:ملڪ]]
[[category:ڏيھان ڏيھ لاڳاپا]]
[[زمرو:ڏيھان ڏيھ لاڳاپا]]
[[زمرو:بين الاقوامي لاڳاپا]]
[[زمرو:بين الاقوامي لاڳاپا]]

ورجاءُ بمطابق 16:15, 13 نومبر 2019ع

اوچتي صورتحال (Ochiti soorthaal) يا فورس دي مازئر (Force de majeure) جو اصطلاح فرانسي قانون جو ٻول يا لفظ آهي، جنهن ۾ اوچتي حانڃي يا اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪيل غلطيءَ جي حالت ۾ معاملي کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي. ڪنهن به ٿوري طاقت رکندڙ ملڪ کان غلطيءَ وچان پاڻيءَ جي چوري، وڳوڙ يا ڪاھ ٿي وڃڻ جهڙو ڪو ڏوھ ٿي پوي، پر پوءِ به وڏي قوت رکندڙ ملڪ غلطي ڪندڙ ملڪ کي معاف ڪري ته انهيءَ کي Force majeure جي اصطلاح سان پڌرو ڪيو ويندو آهي. درگذر ڪرڻ جو اِهو عمل ٻن هڪ جيتري قوت رکندڙ ملڪن جي وچ ۾ به ٿيندو آهي ۽ ڪي واقعا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ پڻ ٿيندا آهن. انهيءَ صورتحال جو مثال اپريل 2001ع ۾ آمريڪي سامونڊي فوج جي ويڙهاڪ هوائي جهاز جو چين جي فوجي اڏي تي اوچتو لهي پوڻ وارو واقعو آهي. ٿيو ڇا هو ته آمريڪا ۽ چين جي ويڙهاڪ هوائي جهازن جو اڻ ڄاڻائيءَ ۾ هڪٻئي سان هلڪو ٽڪر ٿي پيو، ان حادثي جي ڪري آمريڪي جنگي جهاز کي هنگامي طور هوائي اڏي تي لاهڻ ضروري هيو. Force majeure جي قانون تحت، چين جهاز کي لهڻ جي اجازت به ڏني ۽ ڪو اڻ وڻندڙ رد عمل پڻ نه ڏيکاريو. اهڙي طرح هن عمل تحت درگُذر ڪرڻ واري جذبي کي ورجايو ويندو آهي ۽ ملڪي قانونن تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ کان پاسو ڪئي ويندو آهي. [1]

حوالا

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد