قومي ترانو: جي ورجائن ۾ تفاوت
←تاريخ
Intisar Ali (بحث | ڀاڱيداريون) (←تاريخ) ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار |
Intisar Ali (بحث | ڀاڱيداريون) (←تاريخ) ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار |
||
قومي ترانن کي يورپ ۾ پذيرائي اڻويھين صدي ۾ ملي پر انھن جي موجودگي گھڻو پراڻي آھي. يورپ جو سڀ کان پراڻو قومي ترانو [[نيدرلينڊز]] جو آھي جنھن کي [[ولھيلمس]]{{ٻيا نالا|انگريزي= Wilhelmus}} جيڪو 1568 ۽ 1572 جي وچ ۾ ڊچ انقلاب دوران لکيو ويو هو. ان جي موجوده ڌن 1626 کان ٿورو اڳ ٺاھي وئي ھئي جيڪا سترھين صدي ۾ مشھور ٿي پر ان ڌن کي سرڪاري حيثيت 1932 ۾ ملي.دنيا جو سڀ کان وڌيڪَ پراڻو قومي ترانو: [[ڪميگايو]] جپان جو آھي جيڪو [[ھائين دؤر]]{{ٻيا نالا|انگريزي=Heian period}}(794–1185) ۾ جو نظم آھي پر ان جي ڌن اڃان نہ ٺھي سگھي ھئي جيڪا 1880 ۾ ٺاھي وئي. <ref>
Japan Policy Research Institute [http://www.jpri.org/publications/workingpapers/wp79.html JPRI Working Paper No. 79]. انڊيا جو قومي ترانو [[جانا گانا مانا]] رابندر ناٿ ٽئگور جي ھڪ نظم مان ورتو ويو. Published July 2001. Retrieved 7 July 2007</ref> فلپائين جو قومي ترانو [[لوپنگ ھنيرا]]{{ٻيا نالا|انگريزي=Lupang Hinirang}} جي ڌن 1898 ۾ تيار ڪئي وئي جيڪا اسپين کان آزادي جي تقريب۾ وڄائي وئي جيڪا شاعري کانسواءِ ٺھي ٻئي سال اسپينش ۾ ٻولي ۾ فلپيناس جي نالي سان نظم لکيو ويو جنھن جا ٻول ان ڌن جي مطابق لکيل ھيا جنھن جو 1962 ۾ ٽيگالوگ نمونو ٺاھيو ويو.
يونائيٽيڊ ڪنگڊم جو قومي ترانو [[ گاڊ سيو دي ڪئين]]{{ٻيا نالا|انگريزي=God save the Queen}} دولت مشترڪہ جي علائقن ۾ ملڪن جو قومي ترانو اھي. ان تراني جي شروعات 1619 ۾ ٿي . جيڪڏهن شاھي سربراھ بادشاھ ھوندو آھي تہ پوء ان تراني ۾ راڻي جي جاء تي بادشاھ اچاربو آهي: "گاڊ سيو دي ڪنگ". اسپين جو قومي ترانو رايل مارچ ([[اسپيني ٻولي|اسپيني]]:Marcha Real) آھي جيڪو 1761 ۾ لکيو ويو پر ان کي قومي تراني جو درجو 1770 ۾ مليو. ڊينمارڪ جو موجوده قومي ترانو 1780 ۾ اختيار ڪيو ويو. فرانس جو قومي ترانو 1792 ۾ لکيو ويو ۽ 1795 ۾ اختيار ڪيو ويو. سربيا اوڀر يورپ جو پھريون ملڪ ھيو جنھن قومي تراني اختيار ڪرڻ جي شروعات ڪئي.ان جو ترانو 1804 ۾ اختيار ڪيو ويو. ڪينيا جو قومي ترانو پھريون ترانو آھي جيڪو قومي تراني ٺاھڻ جي ھڪ ڪميشن جي مقرري سان 1963 ۾ برطانيا کان آزادي حاصل ڪرڻ بعد تيار ڪيو ويو.<ref>{{cite web|url=http://nationalanthems.me/kenya-ee-mungu-nguvu-yetu|title=Kenya|publisher=|accessdate=20 March 2015}}</ref> ويلز جو قومي ترانو سڀ کان پھريون ويلز جي رگبي راند جي نيوزيلينڊ سان مقابلي ۾ ڳاتو ويو ھو جنھن بعد اھو سرڪاري طور تي قومي ترانو قرار ڏنو ويو
.
== حوالا ==
|