"محمد علي جناح" جي ورجائن ۾ تفاوت

Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
م
صفائي using AWB
م
ٽيگ: ترمیم سورس 2017ع
م (صفائي using AWB)
| monarch = [[جارج ڇھون]]
| predecessor = عھدو پھريون دفعو قائم ڪيو ويو
| primeminister =[[ لياقت علي خان]]
| successor = [[خواجہ ناظم الدين]]
| signature = Jinnah Sign.gif
= آئين ساز اسيمبلي جو صدر
| predecessor2 = عھدو نئون قائم ڪيو ويو
| deputy1 =[[مولوي تميز الدين ]]
| office1 = [[اسپيڪر نيشنل اسيمبلي]]
| predecessor1 = نئون عھدو قائم ڪيو ويو
| successor1 =[[مولوي تميز الدين]]
| successor2 = [[لياقت علي خان ]]
| birth_date
= {{birth date|df=yes|1876|12|25}}
| party
= {{plainlist|
* [[ انڊين نيشنل ڪانگريس]] (1906–1920)
* [[ آل انڊيا مسلم ليگ]] (1913–1947)
* [[پاڪستان مسلم ليگ]] (1947–1948) }}
| nationality
}}
 
'''محمد علي جناح''' المعروف '''قائداعظم''' ({{lang-en|Muhammad Ali Jinnah}}) [[پاڪستان]] جو باني، [[برطانوي هندستان]] ۾ 25 [[ڊسمبر]] [[1876ع]] تي [[سنڌ]] جي هاڻوڪي [[ٺٽو ضلعو| ٺٽي ضلعي]] جي شهر [[جھرڪ]] ۾ ڄائو<ref>{{cite news | url=http://www.pakistantoday.com.pk/2012/12/25/news/national/nation-celebrates-quaid-e-azams-137th-birthday/ | title=Nation celebrates Quaid-e-Azam's birthday | work=Pakistan Today | date=25 Dec 2012 | accessdate=2015-11-11| archiveurl=http://www.webcitation.org/6G4PO0mLF | archivedate=2013-04-22 | deadurl=no}}</ref>. هن جي والد جو نالو جناح پونجا هو. جيڪو '''[[راڄڪوٽ]] ڪاٺياواڙ''' جو رهاڪو هو ۽ [[ڪراچي]]ءَ ۾ چمڙي جو ڪاروبار ڪندو هو.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%AC%D9%86%D8%A7%D8%AD%20%D9%82%D8%A7%D8%A6%D8%AF%D8%A7%D8%B9%D8%B8%D9%85%20%D9%85%D8%AD%D9%85%D8%AF%20%D8%B9%D9%84%D9%8A</ref> قائداعظم جي پيدائش تي ٻي راء اھا آھي تہ ڪراچي [[وزير مينشن]] ۾ پيدا ٿيو ھو.
[[File:Quaid-e-Azam Muhammad Ali Jinnah Birth Place Kharadar Karachi.jpg|thumb|left|160px|ڪراچي ۾ وزير مينشن ]]
سنڌ جي درسي ڪتابن ۾ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ان جي جاء پيدائش جھرڪ ظاھر ڪئي وئي بعد ۾ نصاب ۾ تبديلي آڻي ڪراچي ظاھر ڪئي وئي.
 
جناح ابتدائي تعليم جھرڪ جي سرڪاري اسڪول مان ۽ پوءِ [[سنڌ مدرسته الاسلام]] مان پرائي. اعليٰ تعليم لاءِ [[لنڊن]] ويو{{sfn|Singh|p=54}}{{sfn|Ahmed|p=26}}<ref name=SharifDawnRest>Sharif, Azizullah. "[http://www.dawn.com/news/521273/karachi-restoration-of-church-mission-school-ordered KARACHI: چرچ مشن اسڪول جي بحالي ordered]" ([http://www.webcitation.org/6PqX0t8r5 Archive]). ''[[ڊان اخبار|ڊان]]''. 20 February 2010. Retrieved on 26 May 2014. "Taking notice of the highly dilapidated and bad condition of the Church Mission School (CMS) where Quaid-i-Azam Mohammad Ali Jinnah had studied,[...]"</ref> لنڊن تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 1892 ۾ روانو ٿيو جتان 1894 ۾ آنربل سوسائٽي آف لنڪنس ان (Lincoln's Inn) مان بئريسٽري جو امتحان پاس ڪيائين ۽ 1896 ۾ ڪراچي موٽي آيو.
 
قائدِ اعظم جي پئدائش جي جاءِ جهرڪ هاڻي هڪ ننڍڙي ڦٽل وسندي آهي. ڏيڍ ٻه صديون پهرين هتي ننڍڙو بندر هو، جتان سنڌوءَ نديءَ مان ننڍڙا بادباني جهاز توڙي اسٽيمر اچي لنگرانداز ٿيندا هئا. سنڌ مدرسته السلام جو باني خان بهادر حسن علي آفندي به پهريان جهرڪن جي بندر تي انهن اسٽيمرن ۽ جهازن جي اچ وڃ جو حساب رکندڙ منشي هو، اتان پوءِ انگريز سرڪار کيس مئجسٽريٽ ڪري رکيو هو.
 
ان زماني ۾ جهرڪن جي آبادي به گھڻو ڪري اسماعيلي فرقي جي ماڻهن جي هئي، جيڪي ڪجھ صديون اڳ مصر مان تڙجي ايران آيا پوءِ سنڌ ، هند توڙي افغانستان ۾ اچي آباد ٿيا. وڻج واپار ۾ ماهر هئا، جنهن ڪري هيءُ شهر ان زماني جي سکر يا سَرنديءَ وارن ماڻهن جو شهر سمجهيو ويندو هو. سنڌي شاعريءَ جي شروعات به اسماعيلي داعين جي بيتن جن کي ”گنان“ (Ginaan) چئبو آهي وٽان ٿي.
اسماعيلي فرقي جو روحاني پيشوا آغا خان اول ايران مان لڏي افغانستان جي شهر هرات ۾ اچي آباد ٿيو. سگهو ئي 1839ع ۾ افغانن ۽ انگريزن وچ ۾ جنگ لڳي، هرات ۾ انگريزن افغان امير دوست محمد ّجي پٽ اڪبر خان هٿان شڪست کاڌي ته آغا خان پهريون به اچي سنڌ جي شهر جهرڪن ۾ آباد ٿيو، جتي سندس پوئلڳ اڳ ۾ ئي آباد ٿيل هئا. جهرڪ ان زماني ۾ بندرگاھ ۽ خوشحال ماڻهن جو هڪ وسيل شهر هو آغا خان اول هتي پنهنجي رهائش لاءِ هڪ خوبصورت محل پڻ جوڙايو، جيڪو اڃا تائين سٺي حالت ۾ موجود آهي، پوءِ دريا شاھ پنهنجو رخ موڙيو جنهن ڪري وڻج واپار تي اثر پيو ماڻهو لڏڻ لڳا، جنهنڪري جهرڪن جو جوڀن ساڳيو نه رهيو.
 
عام طور تي پاڪستان جي درسي ڪتابن ۾ اھو ڄاڻايل آهي ته پاڪستان جو باني محمد علي جناح ڪراچي ۾ ڄائو هو پر حقيقت اھا آهي ته قائد اعظم مسٽر پونجا جيڻا جي گھر 1875ع ۾ جهرڪن ۾ ڄائو هو ۽ پوءِ تاريخ کي مسخ ڪندي درسي ڪتابن ۾ سندس جاءِ پئدائش ڪراچيءَ جي وزير مينشن ٻڌائي ويئي.انجو هڪ سبب اسماعيلي ۽ اثنا عشري کوجن جو اندروني جھيڙو ٻڌايو ويو ته قائدِ اعظم اسماعيلي فرقو ڇڏي کوجه اثنا عشري فرقو اختيار ڪيو.
 
ڪنهن زماني ۾ جھرڪن ۾ محمد علي جيڻا جي پئدائش وارو گھر به موجود هو. پر اتي يادگار طور هڪ ميوزيم جوڙائڻ بدران ضياءِ دور ۾ ان کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو. ڀر ۾ ئي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جهرڪ آهي، جيڪو 1870ع ۾ قائم ٿيو ۽ جتي قائدِ اعظم شروعاتي تعليم حاصل ڪئي هئي.
 
جهمپير ڏانهن نيشنل هاءِ وي کان ويندڙ ڪچي روڊ کان ويندي اڳيان هڪ وسنديءَ آهي. جيڪا ڪينجهر جي پرين ڪنڌيءَ تي آهي. جتي قائد اعظم جي اڳوڻين پيڙهي جي اسماعيلي فرقي سان لاڳاپيل هڪ بزرگ امير پير جي مزار پڻ ڪينجهر جي بلڪل ڪنڌيءَ تي آهي. اصل ۾ اها سڄي وسندي هڪ مذهبي تهوار يا ميلي جي وقت تي آباد ٿيندي آهي. جنهن کي ڪراچي ۽ ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ اسماعيلي پانڌيئڙا اچي آباد ڪن ٿا نه ته سڀني گھٽين جي گھرن کي تالا ئي لڳل هوندا آهن. مزار يا پير امير جو آستانو سنگ مرمر سان جوڙيل هڪ خوبصورت غار آهي. <ref>ليکڪ: شير بانو ڪاڪا</ref>
 
ڪنهن زماني ۾ جھرڪن ۾ محمد علي جيڻا جي پئدائش وارو گھر به موجود هو. پر اتي يادگار طور هڪ ميوزيم جوڙائڻ بدران ضياءِ دور ۾ ان کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو. ڀر ۾ ئي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جهرڪ آهي، جيڪو 1870ع ۾ قائم ٿيو ۽ جتي قائدِ اعظم شروعاتي تعليم حاصل ڪئي هئي.
 
جهمپير ڏانهن نيشنل هاءِ وي کان ويندڙ ڪچي روڊ کان ويندي اڳيان هڪ وسنديءَ آهي. جيڪا ڪينجهر جي پرين ڪنڌيءَ تي آهي. جتي قائد اعظم جي اڳوڻين پيڙهي جي اسماعيلي فرقي سان لاڳاپيل هڪ بزرگ امير پير جي مزار پڻ ڪينجهر جي بلڪل ڪنڌيءَ تي آهي. اصل ۾ اها سڄي وسندي هڪ مذهبي تهوار يا ميلي جي وقت تي آباد ٿيندي آهي. جنهن کي ڪراچي ۽ ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ اسماعيلي پانڌيئڙا اچي آباد ڪن ٿا نه ته سڀني گھٽين جي گھرن کي تالا ئي لڳل هوندا آهن. مزار يا پير امير جو آستانو سنگ مرمر سان جوڙيل هڪ خوبصورت غار آهي. <ref>ليکڪ: شير بانو ڪاڪا</ref>
 
[[File:Lincolns Inn 1.jpg|thumb
|لنڪنس ان 2006 ۾ ]]
 
[[File:Quaid6 edited.jpg|thumb|left|160px|جناح بيريسٽر ٿيڻ کانپوءِ ]]
 
==ذاتي زندگي==
 
 
[[File:Nikahnama-jinah.png|thumb|left|جناح ۽ رتنا بائي جو ميريج سرٽيفڪيٽ]]
 
 
[[File:Quaid passport burhan.jpg|thumb|300px|جناح جو پاسپورٽ]]
ڇهن مهينن لاءِ [[بمبئي]] جو پريزيڊينسي ميجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. اها نوڪري سندس طبيعت مطابق نه هئي تنهنڪري ان کان عليحدگي اختيار ڪري بيرسٽري اختيار ڪيائين.
[[File:JinnahBarrister.jpg|thumb|right|upright|بيريسٽر جناح]]
ھن بعد ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شرڪت اختيار ڪئي ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جو بہ ساڳي وقت رڪن ٿيو. 1911 ۾ الھہ آباد ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين.1912 ۾مسلم ليگ جي ڪلڪتي واري سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين. 1916 ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ۽ انڊين نيشنل ڪانگريس جا اجلاس لکنو ۾ ٿيا جتي ٻنھي جو پاڻ ۾ معاھدو ٿيو جيڪو لکنو پيڪٽ جي نالي سان مشهور ٿيو.ٻنھي پارٽين جي ان اتحاد جي ڪاميابي تي جناح کي "امن جي سفير" جو خطاب مليو. 1920 ۾ قائداعظم انڊين نيشنل ڪانگريس کان علحده ٿي آل انڊيا مسلم ليگ جو قائد ٿي ويو.1927 ۾ ڪلڪتي جي اجلاس ۾ پنھنجي سياسي جدوجھد جو آغاز ڪيائين.1929 ۾ محمد علي جوهر سان گڏجي 14 نڪتا پيش ڪيائين.1930 ۾ لنڊن جي گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين ۽ مسلمانن طرفان موقف واضح ڪيائين.چار سال لنڊن ۾ قيام بعد 1936 ۾ بمبئي ۾ مسلم ليگ جي اجلاس۾شرڪت ڪيائين.
 
[[File:Muslim League Working Committee, Lucknow Session (Photo 429-4).jpg|thumb|right
[[File:Jinnah and Gandhi.jpg|thumb|left|گانڌيءَ سان 1939 ۾ ڳالھائيندي]]
 
[[File:Muslim League leaders after a dinner party, 1940 (Photo 429-6).jpg|thumb|right|مسلم ليگ جا اڳواڻ جناح سان گڏ لاھور ۾ 1940 ۾ ]]
1937 ۾ مسلم ليگ کي اليڪشن ۾ شرڪت جو مشورو ڏنائين ۽ انھيءَ سال لکنو جي اجلاس ۾ شريڪ ٿي علحده ملڪ جو خيال ڏنائين
 
[[File:All India Muslim League, 26th Session at Patna, December 1938 (Photo 429-5).jpg|thumb|right|جناح 1938۾ مسلم ليگ جي پٽنا واري اجلاس ۾ خطاب ڪندي]]
[[File:Jinnah addresses the delegates to the Moslem Political Convention held in New Delhi during 1943 (Photo 429-8).jpg|thumb|left|دھليءَ ۾ 1943 ۾ تقرير ڪندي ]]
23 مارچ 1940 لاھور ۾ مسلم ليگ جي اجلاس ۾ مسلمانن لاء علحدہ ملڪ ٺھڻ لاء قرارداد پاس ٿي.
 
[[File:Photograph of Jinnah with Gandhi in 1944 (Photo 429-17).jpg|thumb|right|بمبئيءَ ۾ 1944 ۾ گانڌيءَ سان]]
 
 
[[File:Nehrujinnah.jpg|thumb|right|شملا ۾ 1946 ۾ نھرو سان گڏ]]
1945 ۾ شملہ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين.1946 ۾ لنڊن روانو ٿيو.اپريل 1947 ۾ لارڊ مائونٽ بيٽن سان مذاڪرات ڪيائين.
 
[[File:Jinnah announces the creation of Pakistan over All India Radio.jpg|thumb|جناح 3 جون 1947 ۾ آل انڊيا ريڊيو تان پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جو اعلان ڪندي ]]
 
3 جون 1947 تي ھندوستان جي تقسيم جو اعلان ڪيو ويو. 7 آگسٽ 1947 ۾ بطور گورنر جنرل پاڪستان آيو.
 
[[File:Mountbatten Jinnah.jpg|thumb|250px|left|[[Louis Mountbatten, 1st Earl Mountbatten of Burma|لارڊ لوئيس مائونٽ بيٽن ۽ ان جي زال ايڊوينا (Edwina) سان گڏ 1947 ۾ ]]
9 آگسٽ 1947 ۾ پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي جو افتتاح ٿيو ۽14 آگسٽ 1947 ۾ پاڪستان جو قيام ٿيو.
 
 
==چرچل ڀارت جو مخلف پر قائد اعظم ۽ پاڪستان ٺاهڻ جو حمايتي هو==
برطانيا جو وزير اعظم سمجھندو هو ته سيڪيولرازم ۽ ڪميونزم جي طرف وڌندڙ ڀارت جي مقابلي ۾ پاڪستان سان لاڳاپا ٺاهڻ ۽ هلائڻ سولو هوندو. هو قائد اعظم جي نظريئي، سوچ ۽ خيال کي اولھ جي ويجھو سمجھندو هيو ۽ سوشلسٽ ڀارت سان لاڳاپا وڌاڻ جي حق ۾ نه هو. <ref>http://urdu.dunyanews.tv/index.php/ur/Pakistan/452333#.W3BpKVEAx-w.facebook</ref>
 
==قائد اعظم محمد علي جناح جو لاڙڪاڻي اچڻ==
18 آڪٽوبر 1938ع تي قائد اعظم محمد علي جناح لاڙڪاڻي آيو هو. ان موقعي تي ميونسپالٽي لاڙڪاڻي جي صدر امير علي لاھوري آجياڻو ڏيندي تقرير ڪئي هئي، ان وقت نائب صدر پرتاب راءِ واسومل ھيو. <ref>ماهتاب (منظور ڪوهيار) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر</ref>
[[https://sd.wikipedia.org/wiki/%D9%84%D8%A7%DA%99%DA%AA%D8%A7%DA%BB%D9%88]]
 
==پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ==
[[File:Quaid e Azam Residency, Ziarat,Pakistan.jpg|thumb|زيارت ريزيڊنسي جتي بيماري واري آخري ڏينھن ۾ رھيو]]
سندس زندگي جا آخري بيماريءَ وارا ڏينهن [[بلوچستان (صوبو)|بلوچستان]] جي شهر زيارت ۾ گذريا. 11 سيپٽمبر 1948ع تي وفات ڪيائين. سندس مقبرو [[ڪراچي]]ءَ ۾ آهي جيڪو پڻ ڏسڻ وٽان آهي.
 
 
[[File:Tomb Jinnah.jpg|thumb|left|250px| جناح جو ڪراچي ۾ مقبرو]]

رھنما مينيو