اوتار: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
م مبسس سانچو هٽايو ويو using AWB
سِٽَ 4: سِٽَ 4:





{{مبسس4}}
اوتار (Avatar) جي معنيٰ آهي
اوتار (Avatar) جي معنيٰ آهي
اَوَ= آيو
اَوَ= آيو

ورجاءُ بمطابق 17:04, 4 نومبر 2018ع

وڪٽوريا۽ البرٽ ميوزيم ۾ جئي پور جي ھڪ پينٽنگ جنھن ۾ وشنو، متسيا، ڪرما، وراھا، ومانا، ڪرشن، ڪالڪي، ٻڌ، پرسرام، رام ۽ نرسھما جي اوتارن جون تصويرون ڏيکاريل



اوتار (Avatar) جي معنيٰ آهي اَوَ= آيو تار= پيغام اوتار سنسڪرت جو لفظ آهي جنهن جو مطلب پيغام کڻي آيو ميسيج کڻي آيو. انڊيا ۾ اڄ به پيغام ميسيج لاءِ تار جو لفظ عام استعمال ۾ آهي. انڪري ان جو حقيقي مطلب ئي پيغام، ميسيج آڻيندڙ ئي آهي.

وشنو جا ڏهه اوتار

  • متسیا (مڇي جو روپ)
  • کورما (ڪڇونءَ جو روپ)
  • وراہا (سوئر جو روپ)
  • نرسمها (نر یعني انسان، سمها یعنی شینهن، اڌ انسان ۽ اڌ شينهن جو روپ)
  • وامن (وامن نالي ڪنهن شخص جو روپ)
  • پرسورام (پراشو رام نالی شخص جو روپ)
  • رام
  • ڪرشن
  • گوتم ٻڌ
  • ”ڪالڪي“ يا ڪلڪي“ - جديد دور ۾ انسان جي فلاح جي لاءِ ورتل يا ورتو ويندڙ روپ.

هندن جي عقيدي موجب وشنوءَ جو ڪنهن جسم يا روپ ۾ ظهور. وشنو اهڙو منظم ديوتا آهي، جيڪو دنيا جي پالنا (پرورش) ۽ حفاظت ڪري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن اهو هن دنيا ۾ پيدا ٿي، -ان- جي انتظام ۾ خرابيءَ کي دور ڪرڻ لاءِ -ان- ۾ دخل ڏيئي، -ان- کي درست ڪري ڇڏيندو آهي. ان کي ”اوتار“ چوندا آهن. اهڙيءَ طرح هن وقت تائين نَوَ (9) اوتار اچي چڪا آهن، جن جا نالا مَڇ، ڪڇئون، وره، نرسنگهه، پرشورام، واتن، رام، ڪرشن ۽ ٻُڌ آهن. انهن اوتارن نهايت ڏکئي وقت ۾ ظاهر ٿي، دنيا کي سڌاري ۽ ترقيءَ جي راهه تي هلايو. هندو انهن اوتارن جي عبادت به ڪندا آهن ۽ انهن جي نالن سان مندر ٺهرائيندا آهن. ڪرشن مهراج گيتا ۾ چيو آهي ته ”جڏهن ڌرم تي زوال اچي ٿو ۽ بَد انسان نيڪين تي غالب پئجي، انهن کي هرطرح جي تڪليف پهچائيندا آهن ۽ اَپ ڌرم کي واڌي ملي ويندي آهي ته آءٌ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ظاهر ٿي ويندو آهيان. سچي جي حفاظت، ڪج رويءَ جي تباهي ۽ ڌرم کي مضبوطيءَ سان قائم ڪرڻ لاءِ مختلف زمانن کان -اوتار- جو ويس وٺندو آهيان.“[1]