ھيٺيون ايوان: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 111: سِٽَ 111:
==حوالا==
==حوالا==
{{حوالا|2}}
{{حوالا|2}}
{{National lower houses}}


{{Subject bar|portal1=Law|portal2=Politics|commons=yes|commons-search=Category:Lower houses|wikt=yes|d=yes|d-search=Q375928}}
{{Subject bar|portal1=Law|portal2=Politics|commons=yes|commons-search=Category:Lower houses|wikt=yes|d=yes|d-search=Q375928}}

ورجاءُ بمطابق 15:32, 4 نومبر 2018ع

آئرلينڊ جي پارليامينٽ جو ھيٺيون ايوان ڊيئل ارئيئن


ھيٺيون ايوان يا ايوان زيرين :(انگريزي: lower house) ھڪ بحث مباحثي جو ٻہ ايواني پارليامينٽ جو ھڪ ايوان آھي جڏھن تہ ٻيو ايوان مٿيون ھوندو آھي.[1] ھيٺين ايوان جو نالو ھجڻ باوجود دنيا جي ملڪن جي اڪثريت ۾ ھي ايوان سڀ کان وڌيڪ بااختيار ھوندو آھي.

ھيٺين ايوان جي عام سڃاڻپ

مٿئين ايوان جي ڀيٽ ۾ ھيٺين ايوان جون ڪجھ عام وصفون ھونديون آھن جيڪي ھيٺ بيان ڪجن ٿيون اختيار

  • پارلياماني نظام ۾ ھيٺين ايوان کي:
    • موجوده دور ۾ مٿئين ايوان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪَ اختيار مليل ھوندا آھن
    • ھي ايوان جو فيصلو مٿئين ايوان جي فيصلي تہ برتري جو اختيار رکي ٿو..
    • ھي ايوان حڪومت جي خلاف عدم اعتماد تحريڪ تي ووٽنگ جا اختيار ڏئي ٿو.
    • آسٽريليا ۽ اٽليءَ جي سينيٽ جي صورتحال وري مختلف آھي جتي مٿئين ايوان وٽ وڌيڪ اختيار آھن
  • صدارتي نظام ۾. ھيٺين ايوان ۾:
    • ھيٺين ايون کي ڪجھ مخصوص اختيار ھوندا آھن
    • ڪنھن بہ انتظامي عھديدار جي خلاف مواخذي جي منظوري صرف ھيٺيون ايوان ڏيندو آھي جنھن بعد مٿيون ايوان مواخذو شروع ڪندو آهي.
    • روزمره جا محصولات جي آمدني وڌسئڻ وارا ۽ فنڊن جي استعمال وارا بل ھيٺين ايوان ۾ ايندا آهن


مرتبو:

  • ھن ايوان جا ميمبر سڌي چونڊ سان منتخب ٿيندا آهن
  • ھن ايوان جي چونڊ جو ووٽنگ جو طريقو مٿئين ايوان کان مختلف ھوندو آھي.
  • ملڪ جي اندر وڏي آبادي وارين رياستن ،صوبن ۽ انتظامي يونٽن کي وڌيڪ نمائندگي ۽ گھٽ آبادي واري کي گھٽ نمائندگي ملندي آهي.
  • ھن ايوان جي اليڪشن مٿئين ايوان جي ڀيٽ ۾ جلدي ٿيندي آهي.
  • سموري ايوان جي چونڊ ساڳي وقت ٿيندو آھي جڏھن تہ مٿئين ايوان ۾ چونڊ حصن ۾ ٿيندو آهي.
  • ھي ايوان بجيٽ جي منظوري ۽ ڦيرڦار لاء مڪمل اختيار رکندي آهي
  • ھن ايوان جو مدو مٿئين ايوان جي ڀيٽ ۾ گھٽ ھوندو آھي.

ھيٺين ايوان جا نالا

مختلف ملڪن جي ھيٺين ايوانن جا مختلف نالا ھوندا آھن جيڪي ھائوس يا چيمبر ھوندا آھن ۽ ميمبرن کي ريپريزنٽيٽوز، ڪامنز، ڊيپوٽيز ، پيپلز وغيره سڏيو ويندو آهي ان کان علاوه نيشنل اسيمبلي ، قومي اسيمبلي ، ھائوس آف اسيمبلي چوندا آهن. نمايان نالا ھيٺ چارٽ ۾ ڏنل آھن.

حڪومت ھيٿين ايوان جو منفرد نالو معنیٰ
Austria
آسٽريا
نيشنلريٽ قومي ڪائونسل
جرمني جرمني بنڊسٽاگ ڊائيٽ
Greece يونان Βουλή των ڪائونسل آف ھيلينز
ڀارت ڀارت لوڪ سڀا ھائوس آف پيپلز
Indonesia انڊونيشيا ديوان پرواڪلئن رئڪيات پيپلز ريپريزنٽيٽوز ڪائونسل
جمھوريه آئرلينڊ آئرلينڊ ڊيئل ايريئن اسيمبلي آف آئرلينڊ
آئل آف مين آئل آف مئن ھائوس آف ڪيز
اٽلي اٽلي ڪئميرا ڊيئي ڊيپوٽيٽي چیمبر آف ڊپٽيز
قازقستان قزاقستان مزيليس مجلس
ملائيشيا ملائيشيا ديوان رئڪيات عوامي ھال
برما ميانمار پائٿو ھلوتاو

[2]

ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز
نيدرلينڊز نيدرلينز ٽويدي ڪامير سيڪنڊ چيمبر
پولينڊ پولينڊ سيجم گيڌرنگ (انگريزي: gathering)
روس روس اسٽيٽ ڊوما
اسپين اسپين ڪانگريسو ڊي لاس ڊپٽوڊوس ڪانگريس آف ڊپٽيز


حوالا

  1. Bicameralism (1997) by George Tsebelis.
  2. "pyithuhluttaw.gov.mm". www.pyithuhluttaw.gov.mm. حاصل ڪيل 2016-03-02.