"ٿامس مور" جي ورجائن ۾ تفاوت

Jump to navigation ڳولا ڏانھن هلو
٥٬٤٣٠ بائيٽون واڌ ،  ٣ سال پهرين
سنوار جو تَتُ ڪونھي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
'''سر ٿامس مور'''{{ٻيا نالا|انگريزي=Sir Thomas More}}(1478ع-1535ع) هو. ٿامس مور لنڊن جي هڪ خوشحال گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ هڪ ڪامياب وڪيل هو. ٿامس مور کي يوناني ادب، فلسفي ۽ دينيات جي مطالعي جو شوق ننڍپڻ کان ئي هو، تنهنڪري هن شاگردي جي زماني ۾ ئي هڪ مڪالمو افلاطون جي ”ريپبلڪ“ جي تعريف ۾ لکيو هو. هن آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم ورتي ۽ ارڙهن سالن جي عمر ۾ بيرسٽر ٿي ويو. 1497ع ۾ هن کي يورپ جي مشهور انسان دوست فلسفي ايراس مَس (Eras Mus) سان ملاقات جو موقعو مليو ته هو ايراس مس جي شخصيت کان ڏاڍو متاثر ٿيو. 1504ع ۾ هو برطانوي پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو ويو. ٻئي سال سندس شادي ٿي. 1510ع ۾ هو لنڊن جو نائب ميئر، 1518 ۾ پريوي ڪائونسل جو ميمبر ۽ 1523ع ۾ پارليامينٽ جو ميمبر چونڊجي ويو. ٻه سال پوءِ بادشاهه هنري اٺين هن کي وزير ۽ پوءِ 1529ع ۾ وزيراعظم بڻائي ڇڏيو، پر اڃا ٽي سال به نه گذريا، ته بادشاهه سان سندس اڻبڻت ٿي پئي. سبب اهو هو ته هنري اٺين اسپين جي ملڪه ڪيٿرين کي طلاق ڏئي، اين بولين سان شادي ڪرڻ پئي چاهي. جڏهن ته رومن ڪيٿولڪ مذهب ۾ طلاق ناجائز آهي. ڪلسيائي حلقن ۾ سرٿامس مور جو اثر زور هو، تنهڪري بادشاهه سوچيو ته جيڪڏهن ٿامس مور سندس تائيد ڪري، ته پادرين کي ڪو به اعتراض نه هوندو، پر سرٿامس مور اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته مذهبي حڪمن جي خلاف ورزي ڪرڻ ۾ آءٌ توهان جو ساٿ ڏئي نه سگهندس. پوءِ هن وڏ-وزارت تان استعيفا ڏني. ان نافرمانيءَ جي ڏنڊ ۾ هنري اٺين سرٿامس مور تي رشوت جو ڪوڙو الزام هنيو ۽ کيس ٽاور آف لنڊن ۾ قيد ڪري ڇڏيو، پر هو پنهنجي قول تي قائم رهيو ۽ آخرڪار قتل ڪيو ويو<ref name ="سبط حسن" > [http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=272](ڪتاب: موسیٰ کان مارڪس تائين؛ ليکڪ: سبط حسن)</ref>.
==يوٽوپيا==
سر ٿامس مور پنهنجي ڪتاب ـــــ يُوٽوپيا ـــــ جو گهڻو حصو 1516ع ۾ اينٽ ورپ (بيلجيم) ۾ لکيو هو. اينٽ ورپ انهن ڏينهن ۾ يورپ جو سڀ کان وڌيڪ اهم واپاري بندرگاهه هو ۽ سر ٿامس مور اتي برطانوي واپارين جي ڪنهن ڪم سان ويو هو. يوٽوپيا سفرنامي واري نموني تي لکيل آهي. گهڻو ممڪن آهي ته سر ٿامس مور جي ملاقات اينٽ ورپ ۾ ڪنهن سامونڊي سوداگر سان ٿي هجي ۽ ان جي آتم ڪٿا ٻڌي سر ٿامس مور يوٽوپيا لکڻ جو منصوبو سٽيو هجي.<ref name = " سبط حسن "/>سر ٿامس مور يوٽوپيا لاطيني ٻولي ۾ لکيو هو، جيڪا سورهين صديءَ ۾ يورپ جي تهذيبي ٻولي هئي. اهو ڪتاب پهريون ڀيرو بيلجيم ۾ 1516ع ۾ شايع ٿيو ۽ ايترو ته پسند ڪيو ويو جو جلد ئي ان جا ترجما ٻين ٻولين ۾ ٿي ويا، پر يوٽوپيا جو پهريون انگريزي ترجمو مور جي وفات کان 16 سال پوءِ لنڊن مان ڇپيو. دير جو سبب اهو هو ته ان وچ ۾ مور جي سِسي ڪپجي چڪي هئي ۽ ڪنهن کي به همٿ نه هئي ته هنري اٺين جي زندگيءَ ۾ مور جو ڪتاب برطانيا ۾ ڇپي ها.<ref name = " سبط حسن"/>يوٽوپيا اسپين جي هڪ فرضي سياح جو فرضي سفرنامو آهي. ان سياح جو نالو رافيل هيٿ ڪوڊي هو. سر ٿامس مور جي چواڻي رافيل يوناني ۽ لاطيني ٻولين کان چڱيءَ طرح واقف هو ۽ وِس پوچي سان گڏ ٽي ڀيرا آمريڪا جو سفر ڪري چڪو هو، پر آخري ڀيري هو وِس پوچي سان گڏ نه موٽيو، پر اهڙن اڻ ڄاتل علائقن جي سير تي نڪري ويو جيڪي نقشن ۾ به ڪو نه هئا. يوٽوپيا ۾ ذڪر ڪيل ملڪ به انهن ئي علائقن مان هڪ هو. رافيل پنجن ڇهن سالن تائين انهن پرانهن ڏيهن جو سير ڪندو رهيو. پوءِ هو ڪالي ڪٽ پهتو، جتي انهن ڏينهن ۾ اسپيني جهاز واپاري سامان کڻي ايندا رهندا هئا. ڪجهه ڏينهن ڪالي ڪٽ ۾ رهي هو وطن واپس موٽي ويو<ref name = "سبط حسن "/>.
رافيل جي ملاقات سر ٿامس مور سان اينٽ وَرپ ۾ ٿئي ٿي. رافيل گفتگو ڪندي هڪ اهڙي ٻيٽ جون حالتون بيان ڪري ٿو جتي ماڻهو ڪميونسٽ اصولن مطابق زندگي گذاريندا آهن. ان جزيري جو نالو يوٽوپيا (خيالي) آهي. سر ٿامس مور رافيل جي سرگذشت ڏاڍي شوق سان ٻڌندو آهي ۽ لکي ڇڏيندو آهي.<ref name = " سبط حسن "/>
رافيل جي داستان کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهرئين حصي ۾ سر ٿامس مور رافيل جي حوالي سان برطانيا جي سماجي براين جو جائزو ورتو آهي ۽ ٻئي حصي ۾ يوٽوپيا جي ڌرتيءَ جي جنت جا تفصيل لکيا آهن. ان ٻيٽ جو مقصد هي هو ته پڙهڻ وارن تي ذاتي ملڪيت جون خرابيون ۽ ڪميونزم جون خوبيون واضح ٿي وڃن.
رافيل پنهنجي سير سفر دوران ڪجهه عرصو برطانيا ۾ به رهي چڪو هو ۽ اتان جي ظالم قانونن کان ذاتي طور واقف هو، تنهنڪري ڳالهين ڳالهين ۾ جڏهن برطانيا جو ذڪر اچي ٿو، ته رافيل برطانيا جي قانوني برائين ۽ برطانوي سماج جي خرابين تي آڱر کڻي ٿو. مثال طور، ان زماني ۾ چوريءَ جي سزا موت هئي، تڏهن به چوريون وڌنديون ٿي رهيون. هڪ هڪ ڦاهي گهاٽ تي ويهه ويهه چور روزانو ڦاهي چڙهندا هئا، پر چورن جي ڳاڻاٽي ۾ ڪا به کوٽ نه پئي ٿي. رافيل چوي ٿو ته ”ڦاهي ڏيڻ وسيلي ته چورن جو تعداد گهٽجي نه ٿو سگهي پر جيڪڏهن حاجتمندن جي گذر جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ انهن کي روزگار ملي پوي ته چوريون پنهنجو پاڻ گهٽجي وينديون. اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته توهان ڪنهن بدنصيب کي اول ته چوري ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ پوءِ ان کي ٽياس تي ٽنگيو.“<ref name = " سبط حسن "/>
رافيل جي نظر ۾ چوري چڪاريءَ جو ٻيو سبب برطانيا جي نڪمن، بيڪار نوابن ۽ رئيسن جون عياشيون هيون. ”اهي پاڻ ڪو به ڪم ڪو نه ٿا ڪن، ويندي پاڻي به ٻين جي هٿان ٿا پيئن. نتيجو اهو ٿو نڪري ته انهن جي اوطاقن ۾ مفت خور مصاحبن، جِي حضورين، خوشامدڙين ۽ نوڪرن جي رش رهي ٿي، پر جڏهن اهي ماڻهو پنهنجي آقا جي ڪم جا نه ٿا رهن يا آقا مري پوي ٿو، ته آقا جو اولاد انهن کي گهرن مان ڪڍي ڇڏي ٿو ۽ جيئن ته انهن کي ڪو به هنر نه ٿو اچي تنهنڪري هو چوري ڪندا رهن ٿا.“<ref name = " سبط حسن "/>
رافيل وٽ چوري جو اصل سبب اهو آهي ته نواب ۽ جاگيردار هاڻي اُن جو ڪاروبار ڪرڻ لڳا آهن. هنن هارين کي ٻنين مان بي دخل ڪري ڇڏيو آهي، انهن جي چراگاهن کي لوڙهن ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن جون رڍون پاليون وڃن ٿيون. زمين تان بيدخل ٿيڻ کان پوءِ هارين جي لاءِ ڳوٺ ۾ گذر جو ڪو به وسيلو نه ٿو رهي، ان ڪري هو روزگار جي ڳولا ۾ شهرن ڏانهن رخ رکن ٿا. جن کي روزگار نه ٿو ملي، اهي چوري ڪرڻ تي مجبور هوندا آهن ۽ ڦاهيءَ تي لٽڪايا وڃن ٿا ۽ جيڪي پنندڙ فقير بڻجن ٿا انهن کي بدمعاش چئي قيدخاني ۾ وڌو وڃي ٿو.<ref name = "سبط حسن "/>
بس اُن جي ڪاروبار ڪري هڪ طبقو امير مان وڌيڪ امير ۽ ٻيو غريب کان وڌيڪ غريب ٿيندو وڃي ٿو. ان دولتمنديءَ سماجي براين جي لاءِ نوان نوان گهاٽ کولي ڇڏيا آهن. مثال طور، چانهه (قحبه) گهرن، شراب خانن ۽ جوئا جي اڏن جو تعداد وڌندو وڃي ٿو ۽ ٻين اخلاقي براين کي واڌ ملي ٿ<ref name = "سبط حسن "/>ا.
 
==حوالا==

رھنما مينيو