پارليامينٽري نظام: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: File:Forms of government parliamentary.svg|right|upright=1.8|thumb|'''مختلف پارليامينٽري نظامن جو نقشو''' {{legend|#ff9a33|[[پارليامينٽ...
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 10:34, 22 اپريل 2018ع

مختلف پارليامينٽري نظامن جو نقشو
  پارليامينٽري ريپبلڪ جتي پارليامينٽ رياستي سربراھ کان سريم آهي.
  پارليامينٽري ريپبلڪجنھن ۾ ھڪ ايگزيڪيٽو صدر پارليامينٽ جي ٽيڪ تي ڪم ڪندو آهي.
  آئيني بادشاھت جنھن ۾ اختيار پارليامينٽ وٽ ھوندا آھن.

پارليامينٽري سسٽم يا پارلياماني نظام: parliamentary system : خودمختيار رياست جي حڪومت جو جمھوري نظام ھوندو آھي جتي انتظامي حڪومت جمھوري استحقاق پارليامينٽ جي تائيد سان حاصل ڪندي آھي ۽ پارليامينٽ جي آڏو جوابده ھوندي آھي.پاريامينٽري سسٽم ۾ رياست جو سربراھ ۽ حڪومت جو سربراھ الڳ الڳ ھوندا آھن. اھو ھن نظام جي ۽ صدارتي نظام ۾ فرق ھوندو آھي . صدارتي نظام ۾ رياست ۽ حڪومت جو سربراھ ساڳيو ھوندو آھي ۽ انتظامي حڪومت جمھوري استحقاق پارليامينٽ کان ناھي وٺندي. پارلياماني جمهوريت وارا ملڪ آئيني بادشاهت وارا بہ ٿيندا آهن جنھن ۾ رياست جو سربراھ بادشاھ ھوندو آھي ۽ حڪومت جو سربراھ وري پارليامينٽ مان ٿيندو آهي . آئيني بادشاهت وارن ملڪن ۾ يونائيٽيڊ ڪنگڊم، ڊينمارڪ،سوئيڊن ۽ جاپان شامل آهن. جتي آئيني بادشاهت ناھي اتي رياست جو سربراھ صدر ھوندو آھي.اھڙن ملڪن ۾ پاڪستان، انڊيا، جرمني،اٽلي، آئرلينڊ. ڪجھ پارليامينٽري سسٽم يا پارلياماني نظام وارا ملڪ اھڙا آھن جتي رياست ۽ حڪومت جو سربراھ ساڳيو آهي پر اھو پارليامينٽ جي آڏو جوابده ھوندو آھي.انھن ملڪن ۾ بوٽسوانا، ڏکڻ آفريڪا ۽ سري نام شامل آهن .