حوا: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 4: سِٽَ 4:
==معني ۽ مطلب==
==معني ۽ مطلب==


حوا جي معنيٰ آهي: اها عورت، جنهن جا لب ڪڻڪ رنگا هجن.<ref>سنڌي نالا؛ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛
حوا جي معنيٰ آهي: اها عورت، جنهن جا لب ڪڻڪ رنگا هجن.<ref>سنڌي نالا؛ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛
سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو </ref>
سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو </ref>



ورجاءُ بمطابق 09:13, 23 مارچ 2018ع

حوا

حوا آدم عليه السلام جي گھرواري، جيڪا قرآن جي نقطه نگاه مطابق حضرت آدم عليه السلام جي پاسراٽيءَ مان پيدا ڪئي وئي.

معني ۽ مطلب

حوا جي معنيٰ آهي: اها عورت، جنهن جا لب ڪڻڪ رنگا هجن.[1]

عالمن جو خيال

عالمن جو خيال آهي ته الله تعاليٰ حوا کي پيدا ڪرڻ جو هي طريقو انهي ڪري اختيار ڪيو ته جيئن دنيا ۾ ازدواجي زندگيءَ ۾ خوشگواري ۽ هم آهنگي پيدا ٿئي، سندس نالو حوا انهي ڪري رکيو ويو جو کين هڪ زندهه هستيءَ مان پيدا ڪيو ويو هو. ابن عباس جو خيال آهي ته ان کي حوا انهيءَ ڪري چيو ويو جو هوءَ هر بشر جي ماءُ آهي.

قرآن مجيد ۾

قرآن پاڪ ۾ سندن قصي متعلق اچي ٿو ته: الله تعاليٰ حضرت آدم ۽ بيبي حوا کي جنت ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو، پر کين هڪ وڻ جي ويجھو وڃڻ کان منع ڪئي ويئي. شيطان کين برغلائي ’شجرِ ممنوع‘ جو ميوو کائڻ تي آماده ڪيو. هنن ميوو کاڌو ۽ کين پنهنجي اوگھڙ جو احساس ٿيڻ لڳو، تڏهن هو جنت جي وڻن جي پنن سان پنهنجو جسم ڍڪڻ لڳا. ان کان پوءِ الله تعاليٰ آدم عليه السلام ۽ بيبي حوا عليها السلام کي زمين تي موڪلي ڇڏيو.

روايتن ۾

ابن سعد جي روايت موجب: حضرت آدمؑ هندستان (ان وقت هنڌ ۽ سنڌ ٻئي ملڪ هندستان سڏبا هئا.) جي سرزمين تي لٿو ۽ بيبي حوا جدي ۾ لٿي. ٻنهي جي ملاقات مزدلفه ۾ ٿي. بيبي حوا حضرت آدم عليه السّلام جي فوت ٿيڻ بعد ٻه سئو سالن کان پوءِ وفات ڪري وئي ۽ حضرت آدم عليه السّلام جي ڀر ۾ ئي دفن ٿي. دنيا جا انسان سندن اولاد آهن.[2] [3]

حوالو

حوالا

  1. سنڌي نالا؛ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. شاهڪار اسلامي انسائيڪلو پيڊيا ص 883
  3. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012