حيدر علي لغاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

حيدر علي لغاري {انگريزي:Hyder Ali Leghari ) سنڌي ٻوليءَ جو مڃيل ليکڪ، اديب ۽ تعليمدان هو.

زندگي جو احوال[سنواريو]

حيدر علي لغاري مٽياري ضلعو جي مٽياري تعلقو جي ڳوٺ تاجپور ۾ قمبر علي لغاري جي گهر ۾ 11 آگسٽ 1934ع تي جنم ورتو.[1][2]

تعليم[سنواريو]

حيدر علي لغاريءَ پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول تاجپور مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ 1952ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ڪيائين. بي. اي 1956ع ۽ ايم. اي (مسلم هسٽري) 1960ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج، حيدرآباد مان ڪيائين.  ان بعد 1961ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. ٽي ڪئي[1][3]

نوڪري[سنواريو]

حيدر علي لغاري 20 آگسٽ 1956ع ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيو. 1956ع کان 1972ع تائين گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج ميرپور بٺوري؛ 1972ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌرا (ضلعو سکر) ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٻني (ضلعي ٺٽي) ۾ هيڊماستر ٿي رهيو.  حيدر علي مقبول استاد ٿي رهيو، جڏهن ڪن مخالفن جي چوڻ تي مارچ 1975ع ۾ سندس بدلي ٽنڊي ڄام کان نصرپور ڪئي وئي. ٻيهر ٽنڊي ڄام ۾ مقرر ڪيو ويو.  آڪٽوبر 1981ع کان فبروري 1991ع تائين گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن (مين) حيدرآباد ۾ ليڪچرر طور فرض سرانجام ڏنائين.  آگسٽ 1992ع تائين هاير سيڪنڊري اسڪول سن ۾ پرنسپال ٿي رهيو. بيورو آف ڪريڪيولم ۽ ايڪسٽينشن ونگ، ڄام شوري ۾ 24 آگسٽ 1992ع کان سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ٿي رهيو.  ان دوران گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج حيدرآباد جي پرنسپل جي اضافي چارج به سندس حوالي رهي. هن 10 آگسٽ 1994ع تي رٽائرمينٽ ورتي.[1][4]

ادبي خدمتون[سنواريو]

1974ع کان 1978ع جي زماني کان ادب ۾ پير پاتو. حيدر علي لغاريءَ جو پهريون مضمون 1958ع ۾ ملا اسڪول مخزن، ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ شايع ٿيو.  اخبار تعليم ۽ مهراڻ رسالن ۾ به سندس مضمون ڇپيل آهن. سندس ٻه ڪتاب: (1) اندر ملهه املهه (1998ع) ۽ (2) ڪُڇان ڪُڄاڙو (2007ع) شايع ٿيل آهن. تنقيد،  تعليم،  تصوف ، فلسفي ۽ لطيفيات جي حوالي سان حيدر علي لغاريءَ جون سنڌي ادب ۾ نمايان خدمتون آهن. شاهه لطيف تي لکيل سندس مضمون اردوءَ ۾ شهناز شوري ترجمو ڪيا، جيڪي ڪتابي صورت ۾ ’سوز و ساز لطيف‘ (2009ع) نالي سان شايع ٿيا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۽ محمد نواز نوناريءَ جو لکيل ’سنڌي ڪتاب‘ 1995ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.[1][5]

لاڏاڻو[سنواريو]

حيدر علي لغاري، 25 آگسٽ 2008ع تي 74 سالن جي عمر ۾ اختر ڪاٽيجز، حيدرآباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي وفات ڪئي.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 "حيدر علي لغاري : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-04-17. 
  2. Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: حيدر علي لغاري". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-04-17. 
  3. ايڊيٽر. "پروفيسر حيدر علي لغاري: هڪڙو هو هزارن ۾". Affair - افيئر. حاصل ڪيل 2020-04-17. 
  4. ايڊيٽر. "پروفيسر حيدر علي لغاري: هڪڙو هو هزارن ۾". Affair - افيئر. حاصل ڪيل 2020-04-17. 
  5. onlineindus.com https://onlineindus.com/Sindhi/newsdescription/25439/حيدرآباد-جي-سنڌ-ميوزيم-۾-اديب-حيدر-علي-لغاري-جي-ورسي-تقريب،-ڀيٽا-پيش-. حاصل ڪيل 2020-04-17.  Missing or empty |title= (مدد)