مواد ڏانھن هلو

حياءُ (اسلام)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سانچو:Usul al-fiqh سانچو:Islamic female dress

حيا (عربي: حياء) هڪ عربي لفظ آهي جنهن جي لغوي معنيٰ "شرم، جهجھڪ، پاڪدامني ۽ نفاست" آهي.[1] اسلامي اصطلاح ۾ حيا مان مراد اهو عمل آهي جيڪو انسان کي ناپسنديده ۽ برن ڪمن کان روڪي ٿو.[2] حيا اسلام ۾ هڪ انتهائي اهم مقام رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان کي ايمان جو هڪ وڏو حصو قرار ڏنو ويو آهي.[3]

عربي ٻوليءَ ۾ حيا جي ضد "بذاءة" (بي حيائي) يا "فحاشه" (بدڪاري) آهي.

لفظي بناوت (Etymology)

[سنواريو]

لفظ "حيا" جي بنياد "حيات" مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ "زندگي" آهي.[4] جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته جنهن شخص ۾ حيا آهي، ان جي دل روحاني طور زنده آهي.

اهميت

[سنواريو]

اسلامي ثقافت ۾ حيا مردن ۽ عورتن ٻنهي لاءِ برابر ضروري آهي. قرآن مجيد ۾ مردن کي نظرون نيچيون رکڻ ۽ عورتن کي پنهنجي زينت کي لڪائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ته جيئن معاشري ۾ پاڪيزگي قائم رهي.[5]

اي نبي! مؤمن مردن کي چئو ته پنهنجيون نظرون نيچيون رکن ۽ پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪن... ۽ مؤمن عورتن کي (به) چئو ته اهي (به) پنهنجيون نظرون نيچيون رکن ۽ پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪن ۽ پنهنجي زينت کي ظاهر نه ڪن سواءِ ان جي جيڪو پاڻيهي ظاهر ٿي پوي...

سورت النور، آيت 30-31

قرآن ۽ حديث جي روشني ۾

[سنواريو]

قرآن مجيد ۾ ذڪر

[سنواريو]

قرآن مجيد ۾ لفظ حيا جو ذڪر ٻن جاين تي آيو آهي: 1. سورت البقره (آيت 26): الله تعاليٰ حق بيان ڪرڻ لاءِ مڇر يا ان کان ننڍي شيءِ جي مثال ڏيڻ کان نه ٿو مڙي (حيا نٿو ڪري).[6] 2. سورت القصص (آيت 25): جنهن ۾ حضرت شعيب عليه السلام جي ڌيءَ جو ذڪر آهي ته هوءَ حضرت موسيٰ عليه السلام ڏانهن "حيا سان هلندي" آئي.[7]

حديثن ۾ ذڪر

[سنواريو]

حيا جي باري ۾ ڪيتريون ئي حديثون موجود آهن، جن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿيون:

  • ايمان جو حصو: حضرت ابوهريره رضه کان روايت آهي ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو: "ايمان جون سٺ کان وڌيڪ شاخون آهن، ۽ حيا به ايمان جي هڪ شاخ آهي." (صحيح بخاري)
  • صرف خير آڻيندڙ: نبي ڪريم ﷺ فرمايو: "حيا رڳو خير ۽ ڀلائي ئي آڻيندي آهي." (صحيح بخاري)
  • پهرين نبين جي تعليم: "پهرين نبين جي تعليمات مان جيڪا چيز ماڻهن تائين پهتي آهي سا اها آهي ته: جڏهن تو ۾ حيا نه رهي ته پوءِ جيڪو وڻئي سو ڪر." (صحيح بخاري)
  • خوبصورتي جو سبب: نبي ڪريم ﷺ فرمايو: "جڏهن بي حيائي ڪنهن شيءِ ۾ هوندي آهي ته ان کي عيبدار بڻائي ڇڏيندي آهي، ۽ جڏهن حيا ڪنهن شيءِ ۾ هوندي آهي ته ان کي خوبصورت بڻائي ڇڏيندي آهي." (ترمذي)

پڻ ڏسندا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. The Islamic Dress Code (part 2 of 3), newmuslims.com
  2. Haya (Shyness), missionislam.com
  3. The Book Of Manners: Encyclopaedia of Islamic Law, p. 21-40
  4. Shafaat, Syed, Inside India: My way to reach Humanity, 2017.
  5. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named "shame".
  6. Q2:26, islamawakened.com
  7. Mahmood, Saba, Politics of Piety, 2012.