حنيف آزاد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حنيف آزاد
معلومات شخصيت

قائداعظم جو ڊرائيور فلمي اداڪار، آزاد حنيف، 16 آڪٽوبر 1916ع تي، دھليءَ ۾ ڄائو، پنھنجي نوجوانيءَ ۾ ئي، جڏھن ھن اڃا تعليم به مڪمل نه ڪئي ھئي، روزگار جي تلاش لاءِ عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين ۽ بعد ۾ ڊرائيوريءَ ۾ مھارت حاصل ڪري ٻن وڏن ادارن سان لاڳاپيل رھيو. آزاد حنيف ٻاروتڻ کان وٺي باغ بھار شخصيت جو مالڪ ھو، ھن پھريون دفعو گڏيل ھندستان ۾ ٺاھيل فلم ”حقدار“ ۾ ھڪ مختصر ڪردار ادا ڪيو، جيڪو کيس، فلمي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ جو سبب بڻيو. انھن ئي ڏينھن ۾ ھو قائداعظم سان ويجھو ٿيو. ھن ھڪ وڏو عرصو قائداعظم جي ڊرائيور جي حيثيت ۾ گذاريو. قائداعظم جي وفات کان پوءِ پاڪستاني فلمن ۾ ڪم ڪندو رھيو، سندس مشھور فلمن ۾ ”محبوبه“، ”قاتل“، ”انوکي“، ”ڪنواري“، ”نذرانه“ ۽ ڪارنامه“ شامل آھن، سيپٽمبر 1986ع ۾ وفات ڪيائين.[1]