حمل ڍنڍ
حمل ڍنڍ (Hamal Lake) منڇر ڍنڍ کان پوءِ سنڌ ۾ ايراضيءَ جي لحاظ کان ٻي نمبر تي سڀ کان وڏي ڍنڍ آهي. هيءَ ڍنڍ دادو، لاڙڪاڻي ۽ قنبر شهدادڪوٽ ضلعن جي حدن ۾ پکڙيل آهي.[1]
جاگرافيائي بيھڪ
[سنواريو]سنڌ ايريگيشن ايندڙ ڊرينيج اٿارٽي مطابق، هن ڍنڍ جي ڊيگهه 25 ڪلوميٽر ۽ ويڪر 10 ڪلوميٽر آهي. هيءَ ڍنڍ بنيادي طور تي بڊام، ڪاڇڙي (ڪڇڙي) ۽ ساروهه تي مشتمل آهي. ٻوڏ جي ڏينهن ۾ هن جو گهيرو وڌي وارھ، قمبر، شهدادڪوٽ، فريد آباد ۽ ڪاڇي تائين پهچي ويندو آهي.
هيءَ هڪ قدرتي لاهي (Natural Depression) واري ڍنڍ آهي، پر 1932ع ۾ ايف پي (FP Bund) بند جي تعمير کانپوءِ هن باقاعدي ڍنڍ جي شڪل اختيار ڪئي.[2] هن ڍنڍ ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش 10.08 ايم. اي. ايف (MAF) آهي.
پاڻيءَ جا ذريعا ۽ ماحوليات
[سنواريو]ڍنڍ کي پاڻي فراهم ڪندڙ مکيه ذريعا هي آهن:
- کيرٿر جابلو سلسلي مان وهندڙ نيون.
- بلوچستان جي هيرالدين ڊرينيج اسڪيم جو پاڻي.
- لاڙڪاڻي، جيڪب آباد ۽ شڪارپور ضلعن جو سم وارو پاڻي.
افسوس جو کاري ۽ گندي پاڻي جي شامل ٿيڻ ڪري ڍنڍ جي حياتياتي تنوع ۽ نباتات تي هاڃيڪار اثر پيا آهن.
نالي جو پسمنظر
[سنواريو]هن ڍنڍ تي "حمل" نالو پوڻ بابت ٻه اهم روايتون مشهور آهن:
- تاريخي روايت: ڄام نظام الدين جي دور ۾، جڏهن دولهه دريا خان سنڌ جو وزير هو، تڏهن اتر کان افغانن جي حملن کي روڪڻ لاءِ چانڊڪا پرڳڻو سيال خان چانڊيي جي حوالي ڪيو ويو. ان وقت حمل خان چانڊيي (مرزاڻي) کي پنهنجي ڪٽنب سميت هتي آباد ڪيو ويو، جنهن تان هي نالو مشهور ٿيو.[3]
- مقامي روايت: حمل خان نالي هڪ درويش صفت ۽ شاهوڪار شخص هو، جنهن ڍنڍ جي اولهه ۾ پنهنجو ڳوٺ وسايو. اهو ڳوٺ اڄ به کيرٿر جي پاڙ ۾ موجود آهي.
معاشي اهميت
[سنواريو]ڍنڍ جي ڪنارن سان لڳ ڀڳ 5 هزار ماڻهو آباد آهن، جن جو گذر سفر مڇي مارڻ، موسمي پکين جي شڪار ۽ ڍنڍ جي ٻي پيداوار تي آهي. ڍنڍ جي ويجهو مشهور بزرگ شاهه گودڙيي جي مزار پڻ واقع آهي.