مواد ڏانھن هلو

حقيقت ۽ خواب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حقيقت ۽ خواب (انگريزيDream and )Reality ڪيترائي ڀيرا خواب ڏسڻ ڀيري ۽ خواب ڏسڻ کانپوءِ ماڻهو کي ائين لڳندو آهي جهڙوڪ هو حقيقت ۾ اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هجي. ڪڏهن تہ خواب ڏسڻ دوران ماڻهو جاڳي پوندو آهي ۽ اها خواب واري ڪيفيت ان تي تاري هوندي آهي، ڄڻڪ اهو سڀ ڪجهه ان سان واقعي ٿي رهيو هجي. ان مان لڳي ٿو تہ حقيقت ۽ خواب ۾ ٿورو ئي فرق آهي ساڳئي طرح ڪيتريون ئي حقيقتون اسان کي خواب لڳن ٿيون. جيئن گذريل زندگي خواب لڳي ٿي ۽ نشي يا خمار ۾ ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻڪ ماڻهو ستين آسمان تي ويٺو هجي. حقيقت ۽ خواب ۾ خاص فرق اهو آهي ته خواب ۾ بظاهر ماڻهو ڇُهي نہ ٿو سگهي. پر جي ڏٺو وڃي ته ڇُهڻ ۽ نہ ڇُهڻ ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي اها دماغ جي هڪ حالت آهي جنهن ۾ اسان کي ڇُهڻ جو احساس ٿئي ٿو. جي اهو احساس ڇهڻ کانسواءِ ڪنهن ٻئي طريقي سان به ٿئي، تہ اسان جي لاءِ ڳالھ ساڳئي هوندي. دماغ پاڻ هڪ مادي شئي آهي، ان ۾ جان روح وجهي ٿو. خواب دوران روح پرواز ڪندو رهي ٿو ۽ دماغ کي اهڙو احساس ملندو رهي ٿو جهڙوڪ اهو حقيقت ۾ سڀ ڪجهه ٿي رهيو هجي. تنهنڪري خواب ۽ حقيقت هڪ شيءِ جا ٻہ مختلف احساس آهن.