حساب

حساب (Calculation) هڪ ڄاتل سڃاتل رياضياتي عمل آهي، جيڪو هڪ کان وڌيڪ ان پٽ کي هڪ واحد يا هڪ کان وڌيڪ نتيجن ۾ تبديل ڪري ٿو. هي اصطلاح، تمام قطعي يعني رياضياتي حساب ڪتاب لاء هڪ الگورٿم استعمال ڪرڻ کان وٺي ڳڻپ جي مبهم هيورسٽڪس يا هڪ مقابلي ۾ هڪ حڪمت عملي تائين يا ٻن ماڻهن جي وچ ۾ ڪامياب رشتي جي امڪان کي ڳڻڻ تائين مختلف معنائن ۾ استعمال ٿيندي آهي.
مثال طور 7 کي 6 سان ضرب (×) ڪرڻ هڪ سادو الگورٿمي حساب آهي. رياضي ماڊل استعمال ڪندي هڪ انگ جي چورس روٽ (Square root) يا ڪعب روٽ (cubic root) کي ڪڍڻ هڪ وڌيڪ پيچيده الگورٿمي حساب ڪتاب آهي.
اوپنيئن پولز مان ممڪن چونڊ نتيجن جي شمارياتي اندازن ۾ پڻ الگورٿمي حساب شامل آهن، پر صحيح جوابن جي بدران امڪانن جي هڪ حد يا اندازو پيدا ڪري ٿو.
حساب جو مطلب، هڪ انگ يا رقم جي صورت ۾ رياضي طور تي طئي ڪرڻ يا هڪ تجريدي مسئلي جي صورت ۾ منطق، دليل يا عام فهم استعمال ڪندي جواب ڪڍڻ آهي.[1] انگريزي لفظ لاطيني "ڪيلڪيولس" مان نڪتل آهي، جنهن جو اصل مطلب هڪ داڻو (لاطيني ڪيلڪس مان) هو. مثال طور، ننڍڙا پٿر جيڪا ابيڪس (Abacus) تي ڪائونٽر طور استعمال ٿيندا آهن (يوناني: ἄβαξ، اباڪس). ابيڪس هڪ اوزار هو جيڪو، سلائيڊ-قاعدي ۽ اليڪٽرانڪ ڪيلڪيوليٽر کان اڳ، يوناني ۽ رومن پاران رياضي جي حسابن لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو ۽ اهو لوهه جي سلاخن تي سلائڊنگ سوراخ ٿيل پٿرن تي مشتمل هوندو هو.
پڻ ڏسو
[سنواريو]- ڪيلڪيوليٽر
- ڳڻپ
- ڪاسٽ اڪائونٽنگ - لاگت جو حساب، حساب جو ڪاروباري استعمال
- الگورٿم - حساب جا مڪمل طور تي باضابطه، ڪمپيوٽر تي عمل ڪرڻ وارا طريقا.
- زباني حساب - دماغ ۽ ياد داشت استعمال ڪندي حساب ڪرڻ.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "calculate | Definition of calculate in English by Oxford Dictionaries". Oxford Dictionaries | English. اصل نسخو مان August 31, 2018 تي محفوظ ڪيل. 2018-08-30 تي حاصل ڪيل.