حرب
حرب(انگريزي: War in Arabia) عربي ٻوليءَ ۾ جنگ جي سمورن قسمن لاء هڪ جامع لفظ آهي. دنيا ۾ صرف ڦرمار ڪرڻ يا بغض ۽ انتقام وٺڻ لاءِ جنگ جي باهه کي ڀڙڪايو ويندو هو. پهرين قسم جي جنگين کي (جيڪي صرف ڦرمار ڪرڻ لاءِ وڙهيون وينديون هيون) عربن هڪ معمول جي روايت بڻائي ڇڏيو هو، جنهن ڪري انهن ڪا به تاريخي حيثيت حاصل ڪا نه ڪئي پر ٻي قسم جي جنگين جي عبرت انگيز داستانن کي تاريخ محفوظ رکيو، جنهن لاءِ ادب جي اصطلاح ۾ ‘ايام الحرب’ جو لفظ جوڙيو ويو آهي[1].. لفظ ‘حرب’ انهن ٻنهي قسمن جي لڙاين جي سببن ۽ مقصدن تي پورو بيهي ٿو، جيئن لغت جي وضاحت مان ثابت ٿئي ٿو ته:
حرب خشمگين شدن، تحريب بر غالا نيدن و خشم گرفتن، و بخشم آوردن و تيز کردن سنان را، حربيھ الرجل مالُه الذي يعيش به، حربُ گرفتن مال کسي و بي چيز ماندن. وقد حرب مالُه اي سلبه فهو محروب و حريب واحربته اي دللته عليٰ ما يغنمُه من عدو. ”حرب جي معنيٰ ڪاوڙجڻ آهي ۽ تحريب جي معنيٰ ڀڙڪائڻ، ڪاوڙ ڪرڻ، ڪاوڙ ڏيارڻ ۽ نيزو تيز ڪرڻ آهي. حربيھ ان مال کي چوندا آهن جنهن تي ماڻهو زندگي گذاري ٿو. حرب جو اطلاق ڪنهن جو مال وٺڻ ۽ ڪنگال رهجي وڃڻ تي به ٿئي ٿو. چيو وڃي ٿو ته ”حُرِب ماله“ يعني هن جو مال کسيو ويو. ڦريل شخص کي ‘محروب’ ۽ ‘حريب’ چوندا آهن. چئبو آهي ته ”احربتُه“ يعني مان ڪنهن کي دشمن جي مال متاع جو ڏس ڏنو.
— [1]
قرآن سان آيل نظرياتي تبديلي
[سنواريو]اها ئي قوم، اهو ئي لٽريچر ۽ اها ئي ٻولي هئي، جنهن ۾ قرآن مجيد نازل ٿيو. قرآن مجيد عقيدن، عملن، اخلاق، اُٿي ويٺي ۽ چال چلت متعلق جيڪي سڌارا آندا، سي رڳو اندروني سطح تائين محدود ناهن پر انهن جو اثر ظاهري طور تي به ٿيو آهي. لفظ ۽ اصطلاح جيتوڻيڪ حقيقي شيءِ ناهن پر معنيٰ جو پردو ضرور آهن، جيڪو مٿن چاڙهيو وڃي ٿو. پر جيئن ته اسلام باطني توڙي ظاهري اصلاح ڪئي، ان ڪري هن ٻين سمورين شين سان گڏ عربي لٽريچر ۽ عربي ٻوليءَ جو پڻ سڌارو ڪيو آهي[1]. عرب جي جاهليت ۽ بدويت ان قسم جا جيڪي لفظ پيدا ڪيا هئا، تن کي اعليٰ درجي جو اهو تمدن قبول ڪري نٿي سگهيو، جنهن کي قرآن مجيد پيدا ڪرڻ چاهيو ٿي. تنهن ڪري قرآن مجيد اهڙن سمورن لفظن جي اصلاح ڪري، انهن کي بدلائي ڇڏيو[1]. جنگ متعلق عربن جو لٽريچر ان اصلاح جي وڌيڪ لائق هو. عرب ۾ جنگ لاءِ سوين لفظ، ترڪيبون، محاورا ۽ استعارا پيدا ڪيا ويا هئا پر اهي سڀئي هڪ وحشياڻي جنگ لاءِ مناسب هئا. هڪ مهذب قوم، ترقي يافته نظام، صلح پسند مذهب، هڪ امن جي ڳولائو جماعت لاءِ اهي لفظ استعمال ڪرڻ جي قابل نه هئا[1]. اسلامي غذوات لاءِ صرف هڪ سادو لفظ ”جهاد“ استعمال ڪيو، جنهن مان جنگ وانگر نه غضب ۽ درندگيءَ جا جذبا ظاهر ٿين ٿا ۽ نه ڦر لٽ ۽ حيوانيت جي بوءِ اچي ٿي، بلڪه اهو لفظ صرف ان ڪوشش تي اُڪسائي ٿو، جيڪا هڪ اعليٰ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪري سگهجي ٿي. پوءِ چاهي اها طاقت، زبان، بدني افعال يا ترار جي نوڪ ذريعي حاصل ڪري سگهجي[1].
وَ اَنۡ لَّیۡسَ لِلۡاِنۡسَانِ اِلَّا مَا سَعٰی ﴿ۙ39﴾ (النجم: 39)
”انسان کي صرف پنهنجي ڪوشش جو صلو ملي سگهي ٿو.“
قرآن جي اصطلاح ۾ جھاد لفظ جو اطلاق ۽ استعمال صرف جنگ ۽ خون ريزيءَ تائين محدود ناهي، بلڪه عام ڪري ان ذريعي ايثار ۽ قرباني، نفس تي ضابطي ۽ پاڪائي، امن ۽ سلامتي ۽ اخلاق ۽ ڪردار جو اظهار ڪيو ويو آهي[1].
لٰکِنِ الرَّسُوۡلُ وَ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا مَعَہٗ جٰہَدُوۡا بِاَمۡوَالِہِمۡ وَ اَنۡفُسِہِمۡ ؕ وَ اُولٰٓئِکَ لَہُمُ الۡخَیۡرٰتُ ۫ وَ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡمُفۡلِحُوۡنَ ﴿88﴾ (التوبه: 88)
” مگر رسول ۽ اهي ماڻهو جن هن سان گڏ ايمان آندو، سي اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجي جان و مال ٻنهي سان جهاد ڪيو ۽ سڀئي ڀلايون ۽ خوش نصيبيون انهن لاءِ مخصوص آهن ۽ اهي ڪامياب آهن.“
وَ الَّذِیۡنَ جَاہَدُوۡا فِیۡنَا لَنَہۡدِیَنَّہُمۡ سُبُلَنَا ؕ وَ اِنَّ اللّٰہَ لَمَعَ الۡمُحۡسِنِیۡنَ ﴿٪69﴾
(العنکبوت: 69)
” ۽ جيڪي ماڻهو اسان جي راهه ۾ (يعني حق جي واٽ تي هلڻ لاءِ) هر ممڪن ڪوشش ڪن ٿا تن کي اسان پنهنجي (سڌين ۽ حقيقي) واٽن تي آڻينداسين ۽ (ياد رکو ته) يقيناً الله تعاليٰ نيڪي ڪندڙن سان شامل آهي ۽ سندن مددگار آهن.“
اسلام جي سڀ کان پهرين ۽ وڏي جهاد جي معرڪي ۾ غنيمت جو مال حرام هو، حالانڪه جيڪڏهن اسلامي جهاد جو مقصد ڦرمار ڪرڻ هجي ها ته قريش جي تجارت جو قافلو اسلام جي دامن کي چڱي طرح ڀري پئي سگهيو. ان لاءِ اهو ئي ان جو مناسب موقعو هو. جيتوڻيڪ ان کانپوءِ غنيمت جو مال حلال ڪيو ويو، تنهن هوندي به ان سان جهاد جي ثواب ۽ نيت جي پُرخلوص هجڻ ۾ ڪمي اچي ويندي ھئي[1]. دوکو ۽ بيوفائي جنگ جي عام روايت هوندي هئي. عورتن، ٻارن، قاصدن ۽ نوڪرن کي قتل ڪرڻ ۾ ڪو فرق نه رکيو ويندو هو، بلڪه سڀني کي ترار سان ڪٺو ويندو هو. دشمن کي جيئرو باهه ۾ ساڙيو ويندو هو، دشمن جا نڪ ۽ ڪن ڪٽي فخر طور هار ڪري پاتا ويندا هئا[1]. دشمن جا هٿ ۽ پير ٻڌي کين قتل ڪيو ويندو هو، کائڻ پيئڻ لاءِ رستي ۾ ڪنهن کي ڦرڻ معمولي ڳالهه هئي پر اسلام جنگ جي ان وحشياڻي روايت کي بدلائي، اهڙين سمورين وحشياڻين ڪاررواين کي ختم ڪري ڇڏيو[1].
لکل غادر لواءُ يوم القيام يعرف به يقال هذا غدرة فلان (مسلم)
”قيامت ۾ هر بد عهد لاءِ هڪ جهنڊو کڙو ڪيو ويندو، جنهن جي ذريعي هو سڃاتو ويندو ۽ اعلان ٿيندو ته فلاڻي وعدي جي خلاف ورزي جو جهنڊو آهي.“
هڪ ٻي حديث آهي ته:
ان امراة وجدت في بعض مغازي رسول الله مقتولته فانکر رسول الله قتل النساءِ والصبيان. (مسلم)
”پاڻ سڳورن ﷺ ڪنهن لڙائيءَ ۾ هڪ عورت کي قتل ٿيل ڏٺو ته ان تي پاڻ ﷺ جن ٻارن ۽ عورتن کي قتل ڪرڻ کان سختيءَ سان منع فرمايائون.“
مسيلمه ڪذاب جو جڏهن قاصد خط کڻي آيو ته پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو:
لولا ان الرسول لا تقتل لضربت اعنا قکا (ابودائود)
”جيڪڏهن قاصد کي قتل ڪرڻ جائز هجي ها ته مان تنهنجي گستاخيءَ جي بدلي ۾ تنهنجي ڪنڌ ڪپايان ها. هاڻي وڃ تون امن ۾ آهين.“
ابو دائود ۾ هڪ ٻي وضاحت هن طرح آهي:
لاتقتلن امراة ولاصبيا
” عورتن ۽ ٻارن کي هرگز قتل نه ڪيو وڃي.“ باهه ۾ ساڙڻ کان به روڪي ڇڏيائون.
لاينبغي ان يعذب بالنار الارب النار. (ابو دائود)
”باهه جو عذاب صرف خدا ڏيئي سگهي ٿو.“
پاڻ سڳورن ﷺ مسلمانن لاءِ جهاد ۾ اخلاق جو اعليٰ ترين نمونو قائم ڪيو ۽ اخلاقي دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو:
قال: اعفُ الناس قتلته اهل ايمان.
”سڀ کان وڌيڪ محفوظ ۽ باپرده مسلمانن جا مقتول دشمن آهن.“
عضوا ڪپڻ جي جاهلاڻي رسم جي منع ڪيائون. ان باري ۾ ڪيتريون ئي وضاحتون آهن:
کان يحثنا علي الصدقه وَينهانا عن المثلته. (ابودائود)
”پاڻ سڳورا ﷺ اصحابن کي صدقو ڏيڻ جي ترغيب ڏيندا هئا ۽ ماڻهن جا عضوا وڍڻ کان روڪيندا هئا.“
دشمن کي ٻڌي عضوا ڪپڻ ۽ عذاب ڏيئي مارڻ جو رواج اڄڪلهه جي مهذب قومن لاءِ فخر سمجهيو وڃي ٿو پر اڄ کان چوڏهن سؤ سال اڳ حجاز جي ريگستان جو اسلامي تمدن هي هو:
غزونا مع عبدالرحمان بن خالد بن وليد فاتي باربعته اعلاج من العدو فامربهم يقتلوا صبرا.... فبلغ ذلک بايوب الانصاري فقال سمعت رسول الله (صلي الله عليھ وآلھ وسلم) نهي عن قتل الصبر فوالذي نفسي بيده لو کانت دجاجھ مان صبرتها. فلغ ذلک عبدالرحمن بن خالد بن اوليد فاعتق اربعة رقاب.
(ابو دائود)
”اسين عبدالرحمان بن وليد سان هڪ غزوي ۾ شريڪ هئاسين ته چئن ڪافر دشمنن کي پڪڙي آندو ويو. هن انهن کي ٻڌي قتل ڪري ڇڏيو. ابو ايوب انصاري رضه کي جڏهن اهو معلوم ٿيو ته ان چيو ته پاڻ سڳورن ﷺ اهڙي قسم جي قتل کان منع فرمايو آهي. خدا جو قسم! جيڪڏهن ڪڪڙ به هجي ها ته ان کي ٻڌي ايئن نه ڪُهان ها. خالد کي جڏهن معلوم ٿيو ته هن ان جي ڪفاري ۾ چار غلام آزاد ڪري ڇڏيا!!“
ڇهين صدي عيسويءَ جي ريگستان ۾ رهندڙ عربن جي اخلاق ۾ انسان دوستيءَ جو اهو حال هو جنهن جهڙو مثال اڄ بيلجيم جي مهذب ايوانن ۾ به نٿو ملي سگهي. اڃا وڌيڪ اهو ته ڦرمار ڪرڻ ۽ مال متاع لٽڻ کان مسلمانن کي خاص طور روڪيو ويو[1]:
قال ان النهبة ليست باحل من الميتة. (ابودائود)
” پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو ته ڦرمار جو مال بلڪل اهڙو ئي آهي جهڙو مردار گوشت، اهو مردار گوشت کان وڌيڪ حلال ناهي.“
هڪ دفعي اصحاب سڳورن ڪنهن غزوي ۾ زور سان تڪبير جا نعرا هنيا ته پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو ته[1]:
اربعو اعليٰ انفسکم انکم لاتدعون اصم. (ابودائود)
”ابودائود روايت ڪيو آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو ته آهستي آهستي، خدا ٻوڙو ته ناهي جو اوهان زور سان ان کي پڪاريو ٿا.“
عرب جي جنگجو فطرت هميشه جنگ ۽ جهڙي جي منتظر رهندي هئي ۽ ان کي مال حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجهندي هئي[1]. هڪ جاهلي شاعر چوي ٿو:
فلئن بقيت لا رحلن بغزوة،
تحوي الغنائم اويموت کريم.
”هاڻي جيڪڏهن جيئرو رهيس ته هڪ اهڙي جنگ جي تياري ڪندس جيڪا مال غنيمت گڏ ڪرڻ جو بهترين ذريعو هوندي، نه ته شرافت جي زندگي گذاري مري ويندس.“
پر پاڻ سڳورن ﷺ جن مسلمانن کي اهڙين اڻ وڻندڙ اميدن کان منع فرمايو ۽ قتل ڪرڻ جي تمنا کي حرام قرار ڏيئي ڇڏيو[1]:
قالا لاتمنوا لقاءَ العدو فاذا لقيتمو هم فاصبروا (مسلم)
”دشمن سان مقابلي ڪرڻ جي آرزو نه ڪريو پر جڏهن مقابلو ٿئي ته پوءِ صبر ڪريو.“
القتال ۽ الحرب
[سنواريو]جنگ جون اهي وحشياڻيون ڪارروايون هيون، جن تي ‘حرب’ جو مفهوم مشتمل هو ۽ اهل عرب عملي طور حرب جو اهو ئي نمونو قائم رکيو هو، جيڪو دنيا جي ٻين سڀني قومن بڻايو هو پر اسلام جنگ جي انهن سڀني آثارن ۽ نشانن کي ميساري هڪ نئون سماجي نظام قائم ڪيو. ان بنيادي لغت ۽ حقيقت جي حيثيت سان اسلامي جهاد تي حرب جو اطلاق نه ٿي سگهندو هو[1]. اهو ئي سبب آهي ته قرآن مجيد ۾ جهاد لاءِ ڪٿي به ان لفظ کي استعمال نه ڪيو ويو آهي. البت جهاد جي هڪ خاص صورت کي قتال سان تعبير ڪيو ويو آهي جيڪو بي عقلن لاءِ ظاهري مفهوم جي لحاظ کان نهايت خطرناڪ لفظ آهي، حالانڪه جهاد ۽ قتال ۾ هڪ طرح جو عام ۽ خاص جو فرق آهي[1]:
فَاقۡتُلُوا الۡمُشۡرِکِیۡنَ حَیۡثُ وَ جَدۡتُّمُوۡہُمۡ. (التوبه:5)
ترجمو:”ڪافرن کي جتي به لهو تتي کين قتل ڪيو.“
وَ اقۡتُلُوۡہُمۡ حَیۡثُ ثَقِفۡتُمُوۡہُمۡ وَ اَخۡرِجُوۡہُمۡ مِّنۡ حَیۡثُ اَخۡرَجُوۡکُمۡ.(البقر ة:191)
ترجمو:”ڪافرن کي جتي لهو اتي قتل ڪيو ۽ جتان اوهان کي ڪڍيائون اُتان اوهان به انهن کي ڪڍو.“
پر هڪ ٻي آيت مان معلوم ٿئي ٿو ته اها لفظ جي لفظ سان ڀيٽ آهي، جيڪا ڳالهه ۾ زور پيدا ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي[1]. خدا پاڻ متعلق فرمائي ٿو:
وَ مَکَرُوۡا وَ مَکَرَ اللّٰہُ ؕ وَ اللّٰہُ خَیۡرُ الۡمٰکِرِیۡنَ ﴿٪54﴾ .(آل عمران:54)
حالانڪه خدا مڪار ناهي پُرزور طريقي سان ڪافرن جي برن عملن جو جواب ڏنو ويو آهي.
جيئن اسان پنهنجي ٻوليءَ ۾ چوندا آهيون ته برائي جو بدلو برائي آهي، حالانڪه برائي خود برائي آهي مگر هن جو بدلو برائي ناهي پر اهو ته عدل جي قانون جو احسن انجام آهي[1]. ارشاد خداوندي آهي:
وَ جَزٰٓؤُا سَیِّئَۃٍ سَیِّئَۃٌ مِّثۡلُہَا ۚ.(الشوريٰ-45)
”برائي جو بدلو اُهڙي برائي آهي.“
اهڙي نموني ان لفظ کي استعمال ڪيو ويو آهي، نه ته ان جي حقيقي معنيٰ برائي ناهي ۽ نه ٿي سگهي ٿي. جهڙي طرح خدا جي مڪر مان حقيقي مڪر مراد نٿي وٺي سگهجي. اهڙيءَ طرح هت قتال مان مراد نيا جو عام قتال ناهي[1]:
فَاِنۡ قٰتَلُوۡکُمۡ فَاقۡتُلُوۡہُمۡ ؕ. (البقرة:191)
”جيڪڏهن اوهان سان مقابلو ڪن ته توهان به انهن سان مقابلو ڪيو.“
جيڪڏهن ان کي تسليم نه ڪيو وڃي، تڏهن به خود ڪافرن جي عملن جي شامت جو نتيجو آهي ۽ جهاد جو اصل مقصد ناهي[1]. اهڙيءَ طرح هڪ ٻي آيت ۾ ان جي وضاحت ڪئي ويئي آهي:
فَمَنِ اعۡتَدٰی عَلَیۡکُمۡ فَاعۡتَدُوۡا عَلَیۡہِ بِمِثۡلِ مَا اعۡتَدٰی عَلَیۡکُمۡ ۪ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ وَ اعۡلَمُوۡۤا اَنَّ اللّٰہَ مَعَ الۡمُتَّقِیۡنَ ﴿194﴾.(البقرة-194)
”جيڪو شخص اوهان تي زيادتي ڪري، توهان به ان جهڙي زيادتي ڪري سگهو ٿا پر ان کان وڌيڪ زيادتي ڪرڻ ۾ خدا کان ڊڄو ۽ يقين ڪريو ته خدا پرهيزگارن سان گڏ آهي.“
سموري قرآن مجيد ۾ جهاد تي لفظ ‘حرب’ جو اطلاق ڪٿي به نه ڪيو ويو آهي. صرف ڇهن جاين تي حرب جو لفظ آيو آهي. حالانڪه سمورو قرآن مجيد جهاد جي ترغيب سان ڀريو پيو آهي[1].
1. وَ الَّذِیۡنَ اتَّخَذُوۡا مَسۡجِدًا ضِرَارًا وَّ کُفۡرًا وَّ تَفۡرِیۡقًۢا بَیۡنَ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ وَ اِرۡصَادًا لِّمَنۡ حَارَبَ اللّٰہَ وَ رَسُوۡلَہٗ مِنۡ قَبۡلُ ؕ.(التوبه: 107)
ترجمو:” جن ماڻهن مسلمانن کي نقصان پهچائڻ، ڪفر ڪرڻ ۽ منجهن ڦوٽ وجهڻ ۽ ان شخص جي وجهه وٺڻ لاءِ جنهن خدا ۽ ان جي رسول سان اڳ ويڙهه ڪئي آهي ۽ پنهنجي ڪفر کي ظاهر ڪرڻ لاءِ مسجد ٺاهي آهي.“
2.- اِنَّمَا جَزٰٓؤُا الَّذِیۡنَ یُحَارِبُوۡنَ اللّٰہَ وَ رَسُوۡلَہٗ وَ یَسۡعَوۡنَ فِی الۡاَرۡضِ فَسَادًا اَنۡ یُّقَتَّلُوۡۤا اَوۡ یُصَلَّبُوۡۤا اَوۡ تُقَطَّعَ اَیۡدِیۡہِمۡ وَ اَرۡجُلُہُمۡ مِّنۡ خِلَافٍ اَوۡ یُنۡفَوۡا مِنَ الۡاَرۡضِ ؕ ذٰلِکَ لَہُمۡ خِزۡیٌ فِی الدُّنۡیَا وَ لَہُمۡ فِی الۡاٰخِرَۃِ عَذَابٌ عَظِیۡمٌ ﴿ۙ33﴾. (المائدة-33)
ترجمو:”جيڪي ماڻهو خدا ۽ سندس رسول سان وڙهن ٿا ۽ زمين ۾ فساد ڦهلائين ٿا، تن جي سزا هيءَ آهي ته انهن کي قتل ڪيو وڃي يا انهن کي ڦاهي ڏني وڃي يا انهن جا هڪ هڪ سڄا ۽ کٻا هٿ پير وڍيا وڃن يا جلاوطن ڪيا وڃن. دنيا ۾ اها انهن لاءِ ذلت ۽ رسوائي آهي ۽ آخرت ۾ انهن لاءِ سخت عذاب تيار آهي.“
3.- یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰہَ وَ ذَرُوۡا مَا بَقِیَ مِنَ الرِّبٰۤوا اِنۡ کُنۡتُمۡ مُّؤۡمِنِیۡنَ ﴿278﴾ فَاِنۡ لَّمۡ تَفۡعَلُوۡا فَاۡذَنُوۡا بِحَرۡبٍ مِّنَ اللّٰہِ وَ رَسُوۡلِہٖ ۚ .(البقرة:278-279)
ترجمو:”مسلمانو! خدا کان ڊڄو ۽ جيڪا توهان جي وياج جي رقم ٻين تي رهيل آهي، جيڪڏهن مسلمان آهيو ته ان کي ڇڏي ڏيو ۽ جيڪڏهن اوهان ائين نه ڪيو ته الله ۽ ان جي رسول جو توهان سان جنگ جو اعلان آهي.“
4.وَ اَلۡقَیۡنَا بَیۡنَہُمُ الۡعَدَاوَۃَ وَ الۡبَغۡضَآءَ اِلٰی یَوۡمِ الۡقِیٰمَۃِ ؕ کُلَّمَاۤ اَوۡ قَدُوۡا نَارًا لِّلۡحَرۡبِ اَطۡفَاَہَا اللّٰہُ ۙ وَ یَسۡعَوۡنَ فِی الۡاَرۡضِ فَسَادًا ؕ وَ اللّٰہُ لَا یُحِبُّ الۡمُفۡسِدِیۡنَ ﴿64﴾ . (المائدة:64)
ترجمو:”اسان يهودين ۽ نصارن جي پاڻ ۾ قيامت تائين دشمني وجهي ڇڏي آهي. جڏهن به اهي جنگ جي باهه ڀڙڪائين ٿا ته خدا ان کي وسائي ڇڏي ٿو مگر اهي دنيا ۾ فساد ڦهلائن ٿا ۽ الله فسادين کي دوست نٿو رکي.“
5.اَلَّذِیۡنَ عٰہَدۡتَّ مِنۡہُمۡ ثُمَّ یَنۡقُضُوۡنَ عَہۡدَہُمۡ فِیۡ کُلِّ مَرَّۃٍ وَّ ہُمۡ لَا یَتَّقُوۡنَ ﴿56﴾ فَاِمَّا تَثۡقَفَنَّہُمۡ فِی الۡحَرۡبِ فَشَرِّدۡ بِہِمۡ مَّنۡ خَلۡفَہُمۡ لَعَلَّہُمۡ یَذَّکَّرُوۡنَ ﴿57﴾ . (الانفال: 56-57)
ترجمو:”اهي ماڻهو جن سان توهان انجام ڪيو پر هر ڀيري اهي پنهنجي انجام کي ٽوڙيندا آهن ۽ خدا کان بلڪل نٿا ڊڄن، تنهن ڪري جيڪڏهن تون انهن کي جنگ ۾ لهين ته گهرجو ته انهن تي ڏاڍو دٻاءُ وجهو ته جيڪي ماڻهو انهن جي پٺيان آهن، انهن کي به ڀڄڻو پوي.“
6.فَاِذَا لَقِیۡتُمُ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا فَضَرۡبَ الرِّقَابِ ؕ حَتّٰۤی اِذَاۤ اَثۡخَنۡتُمُوۡہُمۡ فَشُدُّوا الۡوَثَاقَ ٭ۙ فَاِمَّا مَنًّۢا بَعۡدُ وَ اِمَّا فِدَآءً حَتّٰی تَضَعَ الۡحَرۡبُ اَوۡزَارَہَا ۬ .(محمد:4)
ترجمو:”جڏهن توهان جو ڪافرن سان جنگ ۾ مقابلو ٿئي تڏهن انهن جا ڪنڌ ڪپي ڇڏيو. ايستائين جو جڏهن گهڻي رتوڇاڻ ٿئي تڏهن انهن کي غلام بڻايو، ان کان پوءِ يا ته انهن تي احسان ڪري ڇڏي ڏيو يا فديو وٺي آزاد ڪيو، ايستائين جو جنگ پنهنجا هٿيار رکي.“ (يعني ختم ٿي وڃي).
هنن آيتن ۾ لفظ حرب کي استعمال ڪيو ويو آهي پر ان جو اسلامي جهاد سان ڪو به واسطو ناهي اھو لفظ انسانن جي قاتلن، ڪوڙن، امن ۽ اخلاق کي بگاڙيندڙ رهزنن ۽ ڌاڙيلن جي عمل جي لاء، فساد پيدا ڪندڙن ۽ ناجائز جنگ ڪندڙن جي عمل لاء استعمال ڪيو ويو جن سان لڙائي قتال ہا جھاد آھي. سورة البقرة جي آيت نمبر 278 ۽ 279 ۾ حرب لفظ بيشڪ مسلمانن طرفان حرب ڪرڻ لاء استعمال ٿيل آھي پر ان مان قطعن اسلام کان اڳ وارو ڦورو بڻجي جنگ ڪرڻ جو مقصد نہ ٿو نڪري ڇوتہ جن خلاف حڪم اھي اھڙا وياج خور ماڻھو آھن جيڪي خدا جي حڪم باوجود وياج وصول ڪرڻ کان نہ ٿا مڙن. ن ڪري خدا فرمايو ته جهڙي طرح توهان غريبن جو مال ڦٻايو ٿا، اسان به اهڙي طرح توهان جو مال ڦري انهن کي واپس ڏينداسين. اها ئي لفظ حرب جي معنيٰ به آهي[1].
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 ڪتاب جو نالو: صدين جون صدائون (انساني سعادتن ۽ ان جي داخلي ۽ خارجي زندگيءَ جي حسناڪين جو ڏاهپ حڪمت ۽ اسلامي فڪر جي روشنيءَ ۾ مطالعو) ليکڪ: امام الهند مولانا ابوالڪلام آزاد سنڌيڪار: عبدالرزاق ڊکڻ ڪمپيوٽر لي آئوٽ: نديم احمد سولنگي ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي ڊجيٽل ايڊيشن : 2020ع سنڌ سلامت ڪتاب گهر books.sindhsalamat.com-