حبيب جالب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

حبيب جالب اردو جو مشهور مزاحمتي شاعر، 28 فيبروري 1928ع تي هندستاني پنجاب جي ڳوٺ ’مياڻي افغانان‘، ضلعي هوشيارپور ۾ ڄائو. سندس والده جو نالو رابعه بصري ۽ والد جو نالو صوفي عنايت الله هو.

تعليم[سنواريو]

ڳوٺ ۾ قرآن شريف جي تعليم ورتائين. سندس وڏو ڀاءُ به سٺو شاعر هو، جنهن جي ملازمت سبب هنن جو خاندان پوءِ دهليءَ منتقل ٿيو، جتي حبيب جالب اجميري گيٽ واري اينگلو عريبڪ اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو.

شاعريءَ جي شروعات[سنواريو]

دهليءَ ۾ هيءُ وڏي ڀاءُ سان گڏ مشاعرن ۾ ويندو هو ۽ وقت جي وڏن شاعرن سان سونهو ٿيو. جالب هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هيءُ جگر مراد آباديءَ مان گهڻو متاثر هو. ورهاڱي بعد سندس ڪٽنب پاڪستان لڏي آيو. هتي اچي هن ڪراچيءَ جي جيڪب لائين اسڪول ۾ تعليم ورتي، اسڪول ۾ اڪثر استادن کي شعر پيو ٻُڌائيندو هو. ڪجهه سال ڪراچيءَ ۾ رهڻ بعد هي لاهور منتقل ٿيو، جتي اورينٽل ڪاليج ۾ داخلا ورتائين ۽ گڏوگڏ اخبار ’آفاق‘ ۾ ماهوار 75 روپيا پگهار تي نوڪري به ڪيائين. ٻيهر ڪراچيءَ موٽي آيو. سنڌ ۾ هن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ’هاري تحريڪ‘ ۾ به حصو ورتو. تحريڪ جي سرگرمين سبب پهريون ڀيرو کيس 1954ع ۾ گرفتار ڪيو ويو. هيءُ عوامي ٻوليءَ ۾ سادي ۽ سڌي انداز ۾ ترنم سان شعر چوندو هو.

سياسي لاڙو[سنواريو]

حبيب جالب، ڪميونزم جو حامي هو. سندس سياسي وابستگي ڪميونسٽ پارٽيءَ سان هئي. ڪميونسٽ پارٽيءَ تي پابندي بعد هن نيشنل عوامي پارٽيءَ (نعپ) ۾ شموليت اختيار ڪئي. هن وقت جي آمرن ۽ جرنيلن تي سخت تنقيد ڪئي ۽ جيلن ۾ ويو. ايوب خان جي مارشل لا دوران هن چار سال جا قيد ۾ گذاريا.’حيدرآباد سازش‘ ڪيس ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو. جنرل ضياء الحق جي دور ۾ به حبيب جالب جيل ڪاٽيو. مجموعي طور هن ست سال جيل ۾ گهاريا. بيباڪيءَ سبب ريڊيو، ٽي. وي تي شعر پڙهڻ جي مٿس پابندي مڙهي وئي، فاطمه جناح، ايوب خان خلاف چونڊن ۾ بيٺي ته هن سندس حمايت ڪئي ۽ نظم لکيا، هڪ دفعي نواب آف ڪالاباغ جي دعوت تي ايران جو شاهه رضا پهلوي پهتو، ته سندس آجيان ۽ تفريح لاءِ فلم اسٽار نيلو کي رقص ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو ۽ نيلو جي انڪار ڪرڻ تي پوليس کيس گرفتار ڪيو. ان واقعي کان متاثر ٿي حبيب جالب لکيو:
تُو که نا واقفِ آدابِ شهنشاهي هي،
رقص زنجير پهن ڪر بهي ڪيا جاتا هي!
ان شعر کي بعد ۾ نيلو جي مڙس رياض شاهد فلم ’زرقا‘ ۾ گيت جي صورت ۾ پيش ڪيو هو.

ڀٽي سان ملاقات[سنواريو]

جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽو اقتدار ۾ آيو ته ساڻس ملاقات لاءِ هڪ ڏينهن حبيب جالب وٽس پهتو. چانهه پيئڻ بعد ذوالفقار علي ڀُٽي کيس چيو ته: ”جالب تون عوامي شاعر آهين، اسان جي پيپلز پارٽي به عوامي پارٽي آهي، پارٽيءَ ۾ شامل ڪڏهن ٿو ٿئين؟“ تنهن تي جالب حُجت مان وراڻيو ته: ”ڇا ڪڏهن سمنڊ به درياهه ۾ شامل ٿيو آهي!؟“ اهو ٻُڌي ڀُٽي کيس چيو ته: ”ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي، پر درياهه انڪار ڪندو آهي!“

گرفتاريون[سنواريو]

ڪجهه عرصي کانپوءِ حبيب جالب کي ڪنهن ڪيس ۾ پوليس گرفتار ڪيو هو، پر ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪم تي کيس آزاد ڪيو ويو. هن جنرل ضياء الحق جي دور ۾ سختين باوجود ضياء تي هڪ نظم ’ظلمت کو ضياء، صرصر کو صبا، بندي کو خدا ڪيا لکنا....!‘ لکيو جيڪو گهڻو مشهور ٿيو. هن ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ به ڀرپور حصو ورتو. هيءُ پنهنجي زندگيءَ ۾ نهايت ئي خوددار رهيو. آخري وقت ۾ جڏهن بيمار ٿيو ته حڪومت جي آڇيل مالي سهڪار کي به ٺڪرائي ڇڏيائين.

تصنيفون[سنواريو]

حبيب جالب جي ڇپيل ڪتابن ۾:

  • (1) برگ آواره
  • (2) سرِ مقتل
  • (3) عهدِ سِتم
  • (4) ذڪر بهتي خون ڪا
  • (5) گوشي مين قفس ڪي
  • (6) عهدِ سزا
  • (7) حرف سردار
  • (8) غنبذِ بيدار
  • (9) حرف حق
  • (10) ڪليات حبيب جالب شامل آهن.

وفات[سنواريو]

سندس وفات 12 مارچ 1993ع تي ٿي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012