مواد ڏانھن هلو

حاجي محمود خادم تونيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حاجي محمود ”خادم“ لاڙڪاڻي ۾ عروضي شاعريءَ جي اسڪول جو روح روان، مخدوم الشعراءَ حاجي محمود ”خادم“ ولد محمد بچل تونيو (1895ع - 1960ع)، هڪ اعليٰ پايي جو شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي. بزم مشاعرن جي شروعات ۽ ادبي ڪانفرنس جي انعقاد جو سهرو سندس ســِر تي سونهين ٿو. سنڌ اندر جيڪي به نامڪٺيا شاعر آهن ۽ ماضي قريب ۾ ٿي گذريا آهن، اُنهن مڙني جو سڌيءَ طرح پاڻ ئي استاد هو. ادبي خدمتن عــِوض ”نائين آل سنڌ ادبي ڪانفرنس“ (20 - 3 -1948ع، ميهڙ) ۾ کيس ”مخدوم الشعراءُ“ جو لقب مليو. هڪ ڊزن ڪتاب به قلمبند ڪيائين. ”خادم“ صاحب کي پنهنجو وڏو ڪتبخانو هو، جيڪو سندس وفات بعد، وڏي پٽ محمد علي جي هٿ ۾، صرف ڪٻٽن جي زينت بڻيل آهي. هڪ اندازي مطابق سندس لائبريريءَ ۾ رسالن ۾ پراڻين اخبارن جي فائيلن سميت ٽن هزارن جي لڳ ڀڳ ڪتاب چيا وڃن ٿا. ڪافي قلمي ڪتاب به ڪتبخاني ۾ جمع ڪيا هئائين.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪتبخانا-- ميمڻ عبدالغفور سنڌي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ