مواد ڏانھن هلو

جھرڪلي کيت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جهرڪِلي کيت
چڙيال
سائنسي درجا بندي e
جنس: Template:Taxonomy/جھرڪلي{. 
حياتياتي نالو

جهرڪِلي کيت ((انگريزي: Jhirkili khait)) سنڌ جي ريگستاني ۽ نيم ريگستاني علائقن ۾ ملندڙ هڪ جهنگلي ٻوٽو آهي، جيڪو خاص طور نرم زمين ۾ گهڻي مقدار ۾ اڀرندو آهي، جڏهن⁠تہ سخت زمين ۾ ان جي واڌ نسبتاً گهٽ ٿيندي آهي.

هي ٻوٽو زمين تي پکڙجندڙ واڌ ويجهه رکي ٿو. ان جون ڏانڊيون هيڊي رنگ جون ٿينديون آهن، جڏهن⁠تہ پن سائي رنگ جا، سنها ۽ شڪل ۾ لوڻڪ جي پنن سان مشابهت رکندڙ، پر انهن کان ڪجهه وڌيڪ ڊگها ۽ لاٺيرا هوندا آهن. هن ٻوٽي ۾ ننڍڙا گول، سائي رنگ جا داڻن جهڙا ڦل ٿيندا آهن.

سنڌ جي ڪن علائقن ۾ هن ٻوٽي کي چڙيال جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو.[1]

خاصيتون

[سنواريو]
  • واڌ ويجهه: زمين تي پکڙجندڙ
  • رهائش: نرم زمين، نيم ريگستاني ۽ ريگستاني علائقا
  • ڏانڊو: هيڊي رنگ جو
  • پن: سائي، سنها ۽ لاٺيرا
  • ڦل: ننڍڙا، گول ۽ سائي رنگ جا

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ↑ رائچند هريجن. تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون). ٽيون ايڊيشن، 2005ع. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.

حوالا

[سنواريو]