جي ايم مهڪري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
G.M. Mehkri
سنڌي: جي ايم مهڪري
پيدائش سيد غلام محي الدين
19 آڪٽوبر 1908ع
بنگلور، انڊيا
وفات 15 آگسٽ 1995ع
ڪراچي، سنڌ
ڌنڌو ڪالم نويس, پروفيسر
قوميت پاڪستاني
تعليم پي ايڇ ڊي

پيدائش[سنواريو]

جي ايم مهڪري (G.M. MEHKRI) اوڻيھ، آڪٽوبر 1908ع تي هندوستان جي شهر بئنگلور ۾ پيدا ٿيو. هن جو پورو نالو سيد غلام محي الدين ولد مينم علي مهڪري هيو. ورهاڱي کان اڳ، هندوستان مان لڏي اچي ڪراچي، سنڌ ۾ آباد ٿيو هو.

تعليم[سنواريو]

دهلي ۽ بمبئي (ممبئي) يونيورسٽيءَ مان سوشيالاجي ۽ سائڪالاجي ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر جي ايم مهڪري،1977ع، 1978ع، ۽ 1979ع ۾، وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان ليڪچر ڏيندو هو. هفتي ۾ ڇنڇر ڏهاڙي سوشيالاجي ۽ سومر ڏيهاڙي سائيڪالاجي ڊپارٽمينٽ جي شاگردن کي پڙهائيندو هو.

جي ايم مهڪري جي باري ۾ وڌيڪ تفصيل[سنواريو]

ڊاڪٽر جي ايم مهڪري انگريزي اخبار ڊان ۽ ان جي مشهور مئگزين ’سنڌ ڪوارٽرلي‘ جو مستقل ڪالم نويس هو. هن جي تمام گهڻي مشهوري ماڻيندڙ ڪتاب جو نالو Sorrows of Sindh آهي. جنهن ۾ هن سنڌ جي دردن ۽ سورن جي باري ۾ لکيو آهي ۽ انهن جو تجزيو ڪيو آهي. هن ريپبليڪن پارٽيءَ جي نالي سان هڪ پارٽي به ٺاهي هئي. پر جيئن ته جي ايم مهڪري ڪو سياستدان نه هو ۽ نه ئي کيس سياستدانن وارا آڏا اُبتا سُبتا  گُر ۽ چالاڪيون اينديون هيون، ان ڪري سندس پارٽي ڪا گهڻي سياسي حمايت حاصل نه ڪري سگهي.
جي ايم مهڪريءَ جي سوشيالاجي ۽ سائيڪالاجي ۾ ڄاڻ ۽ علم جي حوالي سان سنڌ جون ڪيتريون ئي علمي ۽ ادبي شخصيتون هن جي علمي حيثيت ۽ لياقت جون قدردان هيون، جن ۾ ابراهيم جويو، شيخ اياز، غلام رباني آگرو، ، مظهر يوسف، خيرالنساءِ جعفري، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي وغيره جھڙيون علمي و ادبي شخصيتون به شامل آهن.
منظور ڪوهيار پنهنجي ڪتاب ”ڪي ڪي ماڻهو وديا ساگر“ ۾ لکي ٿو ته؛ منير چانڊيو ۽ مان (منظور ڪوهيار) ابراهيم جويي سان 24 آگسٽ 2010ع تي ملڻ وياسين ته اتي ڪچهري ڪندي، جي ايم مهڪري جو ذڪر نڪتو، ته ابراهيم جويئي مهڪريءَ جي شخصيت جي باري ۾ رائيَ ڏيندي چيو ته: ”جي ايم مهڪري سنڌ ۽ سنڌي قوم جو عاشق هيو، هن کي مهاجر لفظ کان چڙ هئي، هو چوندو هو ،”آئون سنڌي آهيان، ان ڪري جو آئون سنڌ ۾ پنهنجي مرضي سان آيو هئس، نڪي مجبوريءَ مان.“
منظور ڪوهيار پنهنجي ڪتاب ۾ مهڪري صاحب جي باري ۾ لکي ٿو ته؛  يونيورسٽي ۾، گهڻو ڪري استاد، شاگردن جون تارون رک سان کڻائي ڇڏيندا ها ۽ الٽين جهڙا نوٽس پيا لکرائيندا ها. انهن جي ڀيٽ ۾ مهڪري وري علم جو اَمرت پيو اوتيندو هو. ڳالهائيندو هو ته ڄڻ ساڃاهه جو ساگر پيو ڇلڪندو هو. سندس ليڪچر جي دؤران ڪا جهل پل نه هوندي هئي، ڪير ڪهڙي به ڊپارٽمينٽ جو هجي، ڪهڙي به مڪتبِ فڪر جو هجي. ڪڏهن ته ڪي علم جي واڌاري جي لاءِ به اچي سندس ليڪچر ٻُڌاندا هئا.
1977ع ۾ جي ايم مهڪريءَ کي سندس هڪ ليڪچر ”مذهب هڪ سماجي ادارو“ جي موضوع تي ڳالهائڻ سبب ڪٽر مذهبين جي تنقيد کي به منهن ڏيڻو پيو هو.

مهڪري جي شخصيت[سنواريو]

ڊاڪٽر مهڪري جي شخصيت جي باري منظور ڪوهيار لکي ٿو ته ڪن شخصيتن جي باري ۾ تاثر کي بيان ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. منظور ڪوهيار موجب ڊاڪٽر مهڪري پنهنجي فڪر ۾ سيڪيولر، انسان دوست ۽ علمي لحاظ کان بحر بيڪران هيو. منظور ڪوهيار، سنڌ جي هن دمقراط ۽ سقراط جھڙي قدآور شخص جي انگريزي اخبارن ۾ لکيل مضمونن کان متاثر ٿي، انهن جو ترجمو ڪري ، ’مهڪري جا مضمون‘ جي عنوان سان هڪ ڪتاب پڻ ڇپرايو آهي.

وفات[سنواريو]

سنڌ ڌرتيءَ جو هي گهڻ گهريو 15 آگسٽ 1995ع اسان کان سدائين لاءِ وڇڙي ويو.

حوالا ڏسو[سنواريو]

[1] [2] [3] [4] [5] [6] [7]

حوالا[سنواريو]